سکر وٽان سنڌو درياهه مان نوجوان ناري جو لاش هٿ

سکر وٽان سنڌو درياهه مان نوجوان ناري جو لاش هٿ

سکر (بيورو رپورٽ) لب مهراڻ وٽان اڻڄاتل ناري جو ڪاٺ جي بُنڊ سان ٻڌل لاش هٿ آيو آهي، ايڌي رضاڪارن ۽ مقامي ٽوٻن  جي مدد سان لاش سنڌو درياءَ مان  ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايڌي رضاڪارن موجب  ناري جي عمر 25 سالن جي لڳ ڀڳ آهي، لاش 3 کان 4 ڏينهن پراڻو لڳي رهيو آهي. پوليس جو چوڻ آھي تھ پوسٽ مارٽم بعد ئي خبر  پوندي ته ناري جو موت ڪيئن  ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو