ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) گجو شھر ۾ جاري سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ٿي گذريو جيڪو گل منڊا اليون کٽي ورتو فائنل ۾ ڀٽائي اليون کي شڪست ڏني گجي شھر ۾ جاري گجو سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل گل منڊا اليون ء ڀٽائي اليون ھالاٺ وچ۾ کيڏيو ويو ، ٽاس کٽي پھرين بيٽينگ ڪندي گل منڊا اليون مقرر 12 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 105 رنسون ٺاھيون ،گل منڊا جي حفيظ 19 ۽ ھاشم 18رنسون ٺاھيون ڀٽائي اليون جي بالر نعمان پليجو’شھزاد ۽ زبير سومرو 2 2 وڪيٽون ورتيون ،جواب ۾ ڀٽائي اليون ھالاٺ مقرر اوورن ۾ 91 رنسون ٺاھي سگهي ‘گل منڊا اليون 14 رنسن تان ميچ کٽي فائنل کٽي ورتو ـ ڀٽائي اليون جي نعمان پليجو 37 رنسون ٺاھيون گل منڊا اليون جي بالر ستار ‘ شھباز ۽ حفيظ 2ـ2 وڪيٽون ورتيون ـ ٽورنامينٽ جو مين آف دي ميچ شھباز سمون ‘مين آف دي سيريز ستار ‘ بھترين بالر جبار جوکيو ۽ بھترين بيٽسمين عرفان پليجو کي قرار ڏنو ويو آخر ۾ ٽيمن ۾ پي ٽي آء ٺٽي ضلعي جي صدر ارسلان بروھي ٔٔ درگاھ درس وريو جي گادي نشين گل جاويد درس. جاويد شاھ. جاويد لطيف ميمڻ. بابو عبدالغفور. انجنيئر نعيم ميمڻ آرگنائزر عدنان اسلم ميمڻ ۽ ٻين رانديگرن ۾ ٽرافيون ۽ انعام ورھايا ٽورنامينٽ ۾ گجي سوڌو مختلف علائقن جي 12 ٽيمن حصو ورتو ھو










