عبدالمجيد بروھي
لاھور جي جلسي بعد وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت سميت پي ٽي آءِ جا ٽائيگرز ھر وقت بغل وڄائي خوشيون پيا ملھائين تـ لاھور جلسو پي ڊي ايم جو ناڪام ترين جلسو آھي. وفاقي وزير مشير ۽ پنجاب حڪومت جا وزيرمشير اھو چوندي نـ پيا ٿڪن تـ عوام پي ڊي ايم جي بيانيئي کي رد ڪري ڇڏيو آھي. وفاقي وزير مشير چوندا رھن ٿا تـ پي ڊي ايم وارن جي استعيفائن سميت سندن جي جلسن ۽ لانگ مارچ سان ھنن جي حڪومت کي ڪو فرق نـ پوندو وزيراعظم پاڻ چوندو رھي ٿو اھي ھنن جي لانگ مارچ کان نٿو ڊڄي. سوچڻ جي ڳالهه اھا آھي تـ اگر وفاقي حڪومت وارا پي ڊي ايم جي جلسن کان ڊڄڻ وارا نـ آھن، هو اھو پڻ چوندا وتن ٿا تـ اگر پي ڊي ايم وارا استعيفا ڏيندا تـ حڪومت فورن سندن جي استعيفائن کي منظور ڪندي ۽ انھن سيٽن تي ٻيھر اليڪشن ڪرائي پاڻ کي مضبوط ڪندا.

اگر واقعي بـ عمراني حڪومت مضبوط آھي ۽ انھن مٿان 492 اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن سان ڪو فرق نـ پوندو تـ پوء اھي ايترو خوفزده ڇو آھن؟ هو ڇو اھو پيا چون تـ اھي سينيٽ چونڊون جيڪي مارچ مھيني ۾ رٿيل آھن انھن چونڊن کي ھڪ مھينو اڳ يعني فيبروري ۾ ڇو پيا ڪرائڻ چاھن اگر اھي مضبوط آھن ۽ اپوزيشن جي سيٽن تي ٻيھر اليڪشن ڪرائي انھن سيٽن تي کٽڻ جي سگهه رکن ٿا تـ پوء اھي مارچ مھيني جو انتظار ڇو نٿا ڪن يا ان بعد جڏھن اھي اپوزيشن جي سيٽن تي سوڀارا ٿي ايندا ان بعد سينيٽ چونڊون ڇو نٿا ڪرائين؟ دراصل ھي اندران کوکلا ٿي چڪا آھن کين خوف ورايو آھي تـ اگر فيبروري ۾ اپوزيشن وارا لانگ مارچ ڪري اسلام آباد ايندا تـ پوء انھن کي ڀڄڻ جي جاءِ بـ نـ ملندي ان جي ڪري ئي اھي مارچ بجاءِ فيبروري ۾ سينيٽ چونڊون ڪرائي پنجاب ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان مان پنھنجا سينيٽر چونڊرائڻ چاھين ٿا. انھن کي ڄاڻ آھي انھن جي حڪومت مارچ تائين ٽڪي نٿي سگھي ان کان اڳ سندن کان تخت گاھ کسجي سگھي ٿو ۽ پوءِ وري ھو ڪڏنھن بـ پنجاب ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ اڪثريت حاصل نـ ڪري سگھندا، انجي ڪري اھي سينيٽ ۾ پنھنجا ماڻھون آڻڻ جي چڪرن ۾ آھن پر عمران خان کي شايد اھا سڌ پڻ پئي آھي تـ سـندس جا ڪيترائي صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر سندس کان ناراض آھن جيڪي سرعام ان جي شڪايت تـ نٿا ڪن پر اھي سينيٽ اليڪشن ۾ سندس سان ٻـ ھٿ ڪري سگھن ٿا. جيئن گذريل سينيٽ اليڪشن ۾ ڪي پي ڪي جي اسيمبلي ميمبرن سندس سان ڪيو ھيو. ان ئي خوف جي ڪري عمراني حڪومت ھاڻي تڪڙ ۾ اليڪشن ڪرائڻ سميت اليڪشن ڳجھي ووٽ ذريعي ڪرائڻ بجاء سرعام ھٿي مٿي ڪري ووٽ ڪرائڻ چاھي ٿي پر شايد کيس اھا ڄاڻ نـ آھي تـ انجي لاء کيس قانون سازي ڪرڻي پوندي قانون سازي جي لاء کيس قومي اسيمبلي توڙي صوبائي اسيمبلي سادي اڪثريت ھجڻ گھرجي جيڪو ھن وقت سندس وٽ نـ آھي ھو ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ کان مدد حاصل ڪرڻ چاھي پيو پر سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ بعد مخالف ڌر پڻ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪندي ۽ معاملو دليلن جي نظر چڙھي ويندو ۽ ڪيس ھلندو رھندو ۽ عدليا بـ قانون سازي جو مشورو ڏئي سگھين ٿي.آخر ھي ايترا ھمت وارا آھن انھن کي پي ڊي ايم جي جلسن پي ڊي ايم جي استعيفائن سميت پي ڊي ايم پاران ٿيندڙ لانگ مارچ کان ڪو بـ خوف نـ آھي تـ پوء اھي مارچ ۾ سينيٽ اليڪشن ڇو نٿا ڪرائين فيبروري ۽ مارچ ۾ ايترو وڏو مفاصلو پڻ نـ آهي. صرف ڪجهه ڏينھن جو فرق آھي سينيٽ اليڪشن ۾ ڳجھي ووٽ کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪندڙ پي ٽي آءِ حڪومت وارا اھي ڏينھن بـ ياد ڪن جڏھن سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ تمام گهٽ سينيٽرز کان ووٽ وٺڻ جو وقت آيو ھيو تـ سڀ کان پھريان انھن کان ھٿ مٿي ڪرائي ووٽ ورتو ويو ھيو جنھن ۾ مرحوم حاصل بزنجو جيڪو مخالف ڌر جو گڏيل اميدوار ھيو ان کي 66 ووٽ مليا ھيا پر جڏھن ان ئي ڏينھن ڳجھي بيلٽ پيپر ذريعي اليڪشن ٿي تـ ان ۾ مخالف ڌر جي اميدوار کي پندرنھن ووٽ گھٽ مليا ھيا يعني ھٿ مٿي ڪري ووٽ وٺڻ وقت وفاقي حڪومت جو حمايتي سينيٽ چيئرمين جيڪو ھن وقت پڻ ان سيٽ تي موجود آھي اھو ھارائي ويو ھيو اگر ھٿ مٿي ڪرڻ جي ڳالهه آھي تـ پوء تـ سندن چيئرمين ھارايل آھي جڏنھن کين فائدو ٿئي ٿو تـ ھي ڳجھي ووٽنگ ڪرائيندا آھن پر جڏنھن کين خبر پوندي آھي تـ سندس جي ڪرتوتن ۽ نظراندازي جي ڪري سندن جا ڪيترائي صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر ناراض آھن اھي کين سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ نـ ڪندا تـ ھي ھمراھ ڳجھي ووٽنگ جي قانون کي ختم ڪري ووٽ ھٿي مٿي ڪري ڪرائڻ چاھين ٿا ھي پاڪستان جو آئين آھي پي ٽي آء جو منشور نـ آھي جنھن ۾ ھو ھر روز ڦير ڦار ڪرڻ چاھين ٿا . ھي حد کان وڌيڪ خوفزده آھن ھاڻي لڳي ائين پيو حڪمران پنھنجي لاء ڪو صاف رستو وٺڻ جي چڪرن ۾ آھن جيئن ايندڙ حڪومت سندن جي ميگا ڪرپشن ڪيسز کي نـ کولين ۽ سندن کي جيل ۾ بند نـ ڪن ان جي لاءِ ھي ھاڻي کان ئي لابنگ ڪري پاڻ بچائڻ لاء ضمانت گھرڻ جي چڪرن ۾ پڻ ھوندا ڇو تـ ھن وقت سڀ ڪجهه صاف نظر اچي رھيو آھي تـ سندن جا پنھنجا اسيمبلي ميمبر کين ووٽ نـ ڪندا ان جي ڪري ئي بوکلاھٽ وارا بيان ڏيڻ ۾ پورا آھن پر سندن جي وڃڻ جو وقت اچي چڪو آھي.










