سينيٽ اليڪشن ۾ اپ سيٽ ۽ اعتماد جو ووٽ

سينيٽ اليڪشن ۾ اپ سيٽ ۽ اعتماد جو ووٽ

عتيق الرحمان کتري

اسان جڏھن ڪنھن شئي تي سوچندا آھيون ته ھي شئي اسان ڪنداسين ته اسان کي ڪيترو فائدو ٿيندو اسان کي ان مان ڪاميابي ملندي يا نه عام طرح ھي ڳالهه ھر ماڻھو سوچيندو آھي ته آئون پاڻ کي ڪامياب ڪرڻ لاء ڪيتري حد تائين وڃي سگھان ٿو . جنھن حد تائين آئون ويندس ان حد ۾ مونکي ڪيترو فائدو حاصل ٿيندو اھا ڳالهه اسان عام طرح سوچندا آھيون. مثال طور اسان ڪنھن به تنظيم جي عھدي جي لاء فارم جمع ڪرائيندا آھيون.ته پوء معلومات حاصل ڪندا آھيون ته ھن منھنجي مخالفت ۾ ڪنھن فارم جمع ڪرايو آھي.ڪوشش ڪندا آھيون. ته ان کي پنھنجي حق ۾ ھٿ کڻايون يا ان جا ووٽ خراب ڪريون.پوء ان ئي ڳالهه ۾ مصروف ٿي ويندا آھيون. پر اھا ڳالهه اسان ڪونه سوچيندا آھيون ته منھنجي مخالفت ۾ جيڪو ماڻھو اليڪشن ۾ بيٺو آھي اھو پڻ ان طاقت جو مظاھرو ڪندو ۽ منھنجا ووٽ خراب ڪندو. اسان کي پنھنجي ڪاميابي نظر ايندي آھي.ھن وقت عام اليڪشن جي نتيجن کانپوء ملڪ جي سياسي ماحول پڻ تبديل ٿي ويو ھو.جئين جي يو آئي ھن حڪومت خلاف ميدان ۾ آئي جنھن ۾ ٻين سياسي پارٽين پڻ ساڻس گڏ ھلڻ جو اعلان ڪيو ھو.پر آزادي مارچ واري اعلان ۾ اھي سڀ الڳ ٿي ويا ظاھري طور تي گڏ بيٺل رھيا پر اندروني طور تي گڏ نه بيٺا جنھن جو مثال ڪجهه ھن ريت آھي ته صدارتي اليڪشن ٿي رھي ھئي ته مولانا چيو ته اپوزيشن طرفان ھڪ ئي اميدوار اچي جنھن کي پاڻ سڀ ڪامياب ڪريون.جنھن تي سڀني حامي ڀري پر ان ۾ مولانا فضل الرحمان جڏھن پاڻ اچي بيٺو ته پ پ ان مان ھٿ ڪڍي وئي پ پ پنھنجي اميدوار آندو پر ڇا ٿيو حڪومت ڌر ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اپوزيشن ناڪام ٿي اھو ان ڪري جو ووٽ ورھائجي ويا ھئا.پر جڏھن ٻيھر تمام  پارٽين جو ماحول جوڙيو ته تمام پارٽيون ھڪ ٿي ويون. جنھن کانپوء ھڪ پليٽ فارم قائم ڪيو جنھن جو نالو پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومنٽ رکيو ويو. جنھن مختلف شھرن ۾ پنھنجا جلسه، احتجاج رڪارڊ ڪرايان.جنھن ۾ حڪومت کي ڏکيائي لاء راء عمل جوڙي اعلان ڪيو. جنھن ۾ اسان جي پاڪستاني عوام انھن کي پڻ ساٿ ڏنو.جنھن جو مثال ضمني چونڊو آھن.جو جٿي به ضمني چونڊ ٿي آھي اتي اپوزيشن ڪامياب ٿي آھي.اسان جي وزيراعظم اقتدار ۾ اچڻ کانپوء سوچڻ مناسب نه سمجهيو ته مون ڇا ڪيو منھنجا مخالف ڇا ڪندا جيئن مون مٿي ٻڌايو ته اسان صرف پاڻ تائين سوچ محدود رکندا آھيون سامهون اسان جو مخالف اسان جي خلاف ڇا ڪري سگھي ٿو اھا سوچ نه رکندا آھيون جنھن سبب اسان کي ناڪامي نصيب ٿيندي آھي.ھن وقت جي اپوزيشن عمران خان جي سامھون وڏي طاقت رکي ٿي ڇو ته اپوزيشن ۾ تمام پارٽيون پي ٽي آئي کان سينئر آھن.سينئر کي جيڪا ڄاڻ ھوندي آھي اھا ڪنھن کي به نه ھوندي آھي ڇو ته ھو انھن سڀني ڳالھين کان پهرين واقف ھوندو آھي.جئين ھاڻ ٿيو آھي.اپوزيشن کي عوام جي طاقت حاصل آھي اھو ائين جو ملڪ  ۾ مهانگائي،بيروزگاري ڪري ماڻھو اپوزيشن سان گڏ ٿي ويا آھن.اپوزيشن به سوچي پئي ته اسان ڇا ٿا ڪريون حڪومت ڇا پئي ڪري اھي انھن ٻنهي ڳالھين کي ڏسي ڪري ھلن پيا.جيئن سينيٽ جي اليڪشن کي ڏسون ٿا ته سينيٽ جي اليڪشن ھن ڀيري تمام اليڪشن جا رڪارڊ ٽوري ڇڏيا آھن.پھرين سينيٽ جي اليڪشن ٿيندي ھئي ماڻھو ان تي تبصرو نه ڪندا ھئا بس ائين چوندا ھئا ته ھا اليڪشن ٿيندي ڏسون ڪير ٿو اچي.صرف حڪومت ڌر ۽ مخالف ۽ ميڊيا سوچيندي ھئي عام ماڻھو ھن تي تبصرو نه ڪندو ھو پر ھن ڀيري ڪجهه ابتڙ ٿيو جو سينيٽ جي اليڪشن جو چرچو پوري دنيا ۾ ھو ته ڏسون ڪير ٿو اچي ڇا ٿو ٿئي پر جيڪو عام ماڻھو سوچيو ھو اھي ٿيو جنھن ۾ اپوزيشن پڻ دماغ کان  ڪم ورتو جو اسلام آباد مان اپوزيشن جو ھڪ ئي گڏيل اميدوار آندو جيڪو سابق وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ھو.جيڪو خيرن سان ڪامياب ٿيو.اپوزيشن ۾ شامل سڀني پارٽين جا ڪافي حد تائين اميدوار ڪامياب ٿيا ھئا. ان مان صاف ظاهر ٿي رھيو آھي ته ملڪ ۾ تبديلي اچي رھي آھي.پر مونکي   نٿو لڳي  ته ھاڻ اپوزيشن لانگ مارچ لاء ويندي ڇو ته اپوزيشن تمام گھڻو فائدو حاصل ڪري ورتو آھي.باقي آھستي آھستي ڪندي.عدم اعتماد ۾ ھن حڪومت کي ڀيڙو ڪندو لانگ مارچ جي طرف اپوزيشن مشڪل وڃي.باقي اسان جي حڪومت کي پنھنجي غلطين تي سوچڻ گھرجي پٽ تي ڏسن ته اسان ڪٿي ڪٿي غلطيون ڪيون آھن.سينيٽ جو چيئرمين به اپوزيشن جو ايندو جيڪو يوسف رضا گيلاني ھوندو ۽ ڊپٽي چئرمين مولانا عبدالغفور حيدري کي ڪندا ڇو ته جي يو آئي ھن وقت اپوزيشن جو ڪم ڪري رھي آھي.ھو ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ جي يو آئي وٽ سيٽون نه آھن.پر جيڪو ذميوارين کان آجو ھوندو آھي ان جو دماغ ٻين  کان زياده ھلندو آھي.سينيٽ ۾ اپوزيشن جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ جي يو آئي ۽ پي ڊي ايم سربراه مولانا فضل الرحمان   کي وڃي ٿو.جنھن سينيٽ ۾ اپوزيشن کي سوڀارو ڪيو.پر گھٽ آصف زرداري به نه ڪئي.جيڪو ايم اين اي ۽ ايم پي اي نه پئي اچي سگھيو ان کي جھاز موڪلي کيس گھرائي ڪري ووٽ ڪاسٽ ڪرايو. وزيراعظم هاڻ اعتماد جي ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڇنڇر تي قومي اسمبلي جو اجلاس سڏايوآهي، ڀلي هو ووٽ وٺي پر اپوزيشن وارا سندس نڪ ۾ دم ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو