سول سوسائٽي پاران عوامي سهولتن بابت ٺهراءَ منظور

هالا(ن س)سول سوسائٽي آف سنڌ جي ڪارگذارين سوينئر جي رونمائي تقريب مھراڻ پيراڊائيز پڪنڪ ھالا ۾ ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ علائقي جي ترقي خوشحالي تعليم صحت ۽ بنيادي سھولتن لاءِ سماج سڌارڪن مختلف قراردادون منظور ڪيون جن ۾ ھالا ۾ NICVD جي قيام، ھالا کان خاڻوٺ پل ٺاهڻ، ھالا نوان ۽ ھالا پراڻا جي رھيل سٽي سروي ڪرائڻ، ھالا پراڻا سنڌو درياءَ وٽان واٽر پمپنگ اسٽيشن قائم ڪرڻ، ميڊيڪل ڪاليج ۽ صوفي يونيورسٽي ٺاهڻ، ھالا نوان ٽو ھالا پراڻا روڊ کي درگاھ روڊ وانگر ڊبل ڪري اسٽريٽ لائٽيس ۽ وڻ لڳائڻ، سماجي براين جي خاتمي ۽ امن قائم ڪرڻ، صحت ۽ تعليم جي سهولتن کي اپ گريڊ ڪرڻ سميت علائقي جي مختلف مسئلن جي حل بابت ٺهراءَ شامل هئا. سڀني مھمانن اتفاق راءِ منظور ڪيو ۽ ارباب اختيار کان عملدارمد ڪرائڻ جي اپيل پڻ ڪئي. پروگرام ۾ سگا جي سرپرست اعليٰ ڊاڪٽر سليمان شيخ، نامياري صحافي جي اين مغل، پروفيسر مشتاق ميراڻي، غازي صلاح الدين، چيئرمين سول سوسائٽي سيد گلفام ڪاظمي، وائيس چيئرمين اظفر بھزاد، بي او ڊي ميمبرن انجنيئر عنايت الله ميمڻ، ڊاڪٽر قاضي طاھر قريشي، ڊاڪٽر عبدالرشيد ميمڻ، انجنيئر ڪي ڪي نارائڻ داس، شڪيل ابڙو، انجنيئر عبدالحق ميمڻ، انجنيئر اظھر قادر شعيب بن موسا، ارشاد قريشي، انجنيئر شھاب الدين ميمڻ، ڪي ڊي ميمڻ ، سيف الله حسن ميمڻ، ڊاڪٽر وقار انصاري، مخدوم ميان شھاب الدين ڀٽي، انجنيئر رياض ميمڻ، انجنيئر مشعوق علي ميمڻ، ايڊوڪيٽ نياز حسين ڀٽو، صدا حسين ۽ علائقي جي معززين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو