ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ سرجاني ٽائون اسڪيم 41 انڊسٽريل ايريا ۾ زمين تي قبضي بابت درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪي ڊي اي سينيئر آفيسر کي طلب ڪري ورتو آهي سومر تي سنڌ هاءِڪورٽ ۾ جسٽس سيد حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ آڏو سرجاني ٽائون اسڪيم 41 انڊسٽريل ايريا ۾ زمين تي قبضي جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته سهراب ڳوٺ، سرجاني ٽائون ۾ اوهان نٿا وڃي سگهو سهراب ڳوٺ سرجاني ٽائون اوهان لاءِ نوگو ايرا بڻجي چڪا درخواستگذار موقف ڏنو ته ڪي ڊي اي جواب جمع نه پيو ڪرائي. جسٽس سيد حسن اظهر رضوي درخواست گذار جي وڪيل کي چيو ته ڇا اوهان ڪراچي ۾ نٿا رهو وڪيل صاحب، عدالت 30 ڏينهن ۾ عملدارآمد رپورٽ گهري ورتي عدالت ڪي ڊي اي سينيئر آفيسر کي ايندڙ ٻڌني تي طلب ڪري ورتو ۽ نومبر جي ٻئي هفتي لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










