رحمت الله ٻرڙو
توهان مونکي بهتر زراعت ڏيو، مان اوهان کي بهتر تهذيب وتمدن وارو سماج ڏيندس).هي لفظ دبئي جي بادشاھ شيخ زيد بن النهيان جا آھن.جنهن کارڪن جي زرعي پئداوار جي سالياني تقريب کي خطاب ڪندي چيا هئا.هڪ وڏي عرصي کان سنڌ حڪومت موجوده وڏي وزير مراد علي شاه جي قيادت ۾ ڪم ڪري رهي آھي.وزيراعلي سنڌ مراد علي شاھ پيپلز پارٽيء جي نمائيندگي ڪندي عوامي ڀلائيء وارن ڪمن کي بهتر نموني هلائيندو پيو اچي.سنڌ ۾ هارين جي حق ۾ جدوجهد ڪندڙ سياسي اڳواڻ شهيد فاضل راهو جي فرزند محمد اسماعيل راهو 2018 ۾ موجوده وڏي وزير مراد علي شاھ جي ڪابينا جو حصو هو ۽ سندس وٽ زراعت واري وزارت جو قلمدان پڻ هو.پيپلز پارٽيء جي اليڪشني ايجنڊا تي عمل ڪرائيندي سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھ 2018 کان 2030 تائين جي هڪ زرعي پاليسي متعارف ڪرائي هئي.جنهن جي ڪابينا منظوريء کان پوء عملي صورت ۾ لاڳو ڪئي وئي جنهن جو تسلسل جاري وساري آھي. ان سلسلي ۾ ڪيترائي اپاء ورتا ويا آھن.ڪافي سڌارا عملي شڪل ۾ هلي رهيا آھن ۽ ڪجھ هن ريت زرعي سڌارا ۽ اپاء کنيا پيا وڃن.مثال طور گذريل 2 ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ هڪ اجلاس ٿيو.جنهن ۾ زراعت جي معاملن ۽ ڪڻڪ جي پوکائيء تي غور و فڪر ڪرڻ سميت هارين ۽ آبادگارن کي بئنڪن ذريعي زرعي اسڪيمون ڏيڻ ۽ انهن لاء آسان طريقي سان قرض ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.جنهن ۾ چيو ويو آھي ته،زرعي شعبي جي ترقيء لاء سنڌ حڪومت اٺھ ارب روپيا بجيٽ رکي آھي.جنهن جا تفصيل پڻ هن ريت آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته سندس حڪومت بينظير هاري ڪارڊ ذريعي زرعي شعبي جي ترقي لاءِ بجيٽ ۾ 8 ارب رپيا رکيا آهن.وزير اعلي مراد علي شاھ چيو ته ربيع جي سيزن شروع ٿي رهي آهي،تنهن ڪري آبادگارن کي ترغيب ڏني وڃي ته جيئن هو ربيع جي ٻين فصلن کان علاوه ڪڻڪ کي بمپر فصل طور پوکي سگهن. وڏي وزير چيو ته 8 ارب رپيا مختص ڪرڻ جو مقصد هارين کي مدد ڏيڻ آهي،خاص طور تي ننڍن آبادگارن،زراعت جي شعبي کي بحال ڪرڻ ۽ نوان فصل متعارف ڪرائڻ ۽ درآمد ٿيل زرعي شين تي انحصار کي گهٽائڻ. وڏي وزير فيصلو ڪيو ته زراعت کاتو هارين کي اهي فصل پوکڻ جي هدايت ڪندو جيڪي ايڪسپورٽ ڪري سگهجن ٿيون. ”اسان چانور برآمد ڪري رهيا آهيون ۽ گهڻو ڪري دال امپورٽ ڪندا آهيون ،“ هن وڌيڪ چيو ته دالن کي ملڪي سطح تي ۽ برآمدات لاءِ به وسيع مارڪيٽ آهي. هن زراعت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو فصلن جي مارڪيٽ جو جائزو وٺي،خاص طور تي انهن پيداوارن جي،جن مان وفاقي حڪومت درآمد ڪري ٿي،مقامي هارين کي صلاح ڏني وڃي ته اهي فصل پوکين.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته زراعت کاتي جي ايگريڪلچر ورڪشاپ کي فعال ڪيو ويندو ته جيئن آبادگارن کي زمين جي ليولنگ،فصل جي کوٽائي ۽ ٻين ڪمن لاءِ زرعي مشينري فراهم ڪئي وڃي.هن چيو ته اسان کي هارين جي مدد ڪرڻي آهي ته جيئن انهن جي زمينن کي وڌيڪ زرخيز بڻائي سگهجي ۽ پاڻي جي مناسب استعمال جا طريقا اختيار ڪرڻا پوندا.وزير اعلي مراد علي شاهه زراعت کاتي کي اها به هدايت ڪئي ته هو هارين کي آسان قسطن تي زرعي مشينري فراهم ڪرڻ جي اسڪيم تيار ڪري.هن چيو ته اسان جي هارين کي گهرجي ته اهي زرعي قرض حاصل ڪن جيڪي بئنڪون مختلف اسڪيمن تحت فراهم ڪري رهيون آهن. اجلاس ۾ صوبائي وزير پلاننگ اينڊ ڊولپمنٽ ناصر شاهه، صوبائي وزير زراعت محمد بخش مهر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري زراعت رفيق ٻرڙو، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي جن شرڪت ڪئي.مٿي ڏنل بيان جي بنياد تي اسان کي يقين آھي ته سنڌ جو آبادگار پنهنجي محنت ڪري ڪڻڪ جي پوکائي بهتر کان بهتر ۽ گهڻي کان گهڻي ضرور ڪندو.اسان کي اهو به يقين آھي ته ڀاڻ ۽ ٻج جون جنسون وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جي زيادتين ۽ غير معياري زرعي جنسون،زرعي دوائون ۽ ڀاڻ مهانگهو ۽ غير معياري هجڻ ۽ ملڻ باوجود سنڌ جو هاري ۽ آبادگار پنهنجي يقين سان محنت ڪندي ڪڻڪ جو فصل بمپر ئي تيار ڪندو.اسان کي اهو به يقين آھي ته ان ڪڻڪ پوکائيء کان ويندي لڻائي يا لبائيء تائين حڪومتي سطح تي ٿيندڙ پاڻي کوٽ،وارا بنديء هوندي ۽ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ۽ مهانگي هجڻ باوجود انشاء الله ڪڻڪ جو فصل اڳلي سال جيان بهتر ٿيڻ جو يقين آھي.پر افسوس جو ڪن سبب کي اجايو سامهون آڻي هاريء ۽ آبادگار جي محنت جو سرڪاري طور ڪڻڪ جي في مڻ تي نتيجو بهتر ڪونه ٿو ملي.ٿئي ڇا ٿو جو جيئن ئي ڪڻڪ جو فصل تيار ٿئي ٿو سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي کوٽ ڄاڻائي ڪڻڪ سا به غيرمعياري امپورٽ ڪري ٿي.نتيجن لوڪل فصل ڪڻڪ جو مناسب اگھ نه ٿو ڪري ۽ واپارين توڻي سرڪار جي رحم وڪرم تي هوندو آھي.اسان وٽ سنڌ ۾ چانور جو فصل،ڪڻڪ جو فصل ۽ ڪپھ جو فصل تمام بهتر ٿئي ٿو ۽ بهتر انداز ۾ جهجهو ٿئي ٿو.پر افسوس جو فصل لھڻ مهل ان جي سرڪاري طور داد رسي ڪونه ٿي ٿئي.سنڌ حڪومت جي زراعت کاتي جي صوبائي وزير جي ۽ اداري جي سيڪريٽري زراعت ۽ سندس ٽيم جي سهڪار سان هن وقت جيڪو زراعت جي بهتريء طرف رخ آھي،ڪم آھي ۽ اها ڪم واري،سڌاري واري مساوات آھي سا پڻ اميد افزا آھي ته سنڌ جي زراعت تي ويجهي حڪومتي تاريخ ۾ ههڙو ڪم تمام گهٽ ٿيو آھي. ان جو وڏو سبب وزير زراعت ۽ سيڪريٽري زراعت سميت ٽيم جو هڪ ٻئي سان هم آھنگ نه هجڻ پڻ هو.پر هن وقت مشاهدي کان پوء چئي سگهجي ٿو ته سيڪريٽري زراعت جنهن جو تعلق سنڌ جي ٻھراريء سان آھي،سنڌ جي زراعت واري صوبائي وزير جيڪو پڻ خود سنڌ جو تمام وڏو آبادگار ۽ ٻنيء وارو آھي جي خاص دلچسپي ڏسڻ وٽان آھي.وڏو وزير مراد علي شاھ خود بهراڙيء جو آبادگار هجڻ ۽ مسلسل حڪومت ۽ سياست جو داعي هجڻ سبب زراعت جي بهتريء لاء ڪوشان آھي.زراعت کاتي جي واٽر مينيجمنٽ،ايگريڪلچر انجنيئرنگ واري شعبي ۾ جيڪا بهتري آئي آھي ۽ مختلف پروگرامن تي جيڪا تيزيء سان محنت جاري آھي اميد ٿي ڪجي ته سا پڻ سنڌ جي زراعت ۾ نئي جدت سان بهتريء جو سبب بڻجندي.سولر ٽرالي،سولر موبائيل ٽرالي پروگرام کان پوء ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان ڪامياب ڪچن گارڊن منصوبي جهڙا پائليٽ”پروگرام سنڌ جي زراعت کاتي جو هڪ بهتر ڪاڪردگيء جو ڄڻ ته نمونو آھن.زراعت کاتي جي رپورٽ موجب هن وقت به ورلڊ بينڪ جي ڪامياب ڪچن گارڊن پروجيڪٽ کان پوء سنڌ حڪومت 10 هزار هارياڻين لاء ڪچن گارڊن جو منصوبو تيار ڪري پڻ ھلايو آھي.جنهن ذريعي ٻھراڙيء جي هارياڻي عورت کي تقريبن 60 هزار روپين جي سبسڊي ڏئي مختلف سبزين ۽ ميون جا ٻج ۽ انهن کي اپائڻ لاء ٻيو سامان مفت فراهم ڪيو وڃي ٿو.ان بنياد تي هڪ ته سبزين جي لوڪل مارڪيٽ ۾ جتي کوٽ پوري ٿئي ٿي اتي انهن عورتن يا گهر ڀاتين کي روزگار به ملي ٿو.اهڙي نموني سولر ٽراليء تي سبسڊي ڏئي هارين ۽ آبادگارن جي مدد ڪئي پئي وڃي.ان کان علاوه زرعي مشينري جو مهيا ڪرڻ يا ان لاء زرعي قرض ڏيڻ وارو قدم ساراه جوڳو عمل آھي.ان لاء خود زراعت کاتي جي اعلي اختيارين کي به وڌ کان وڌ توجھ ڏئي ڪم ڪرڻو پوندو.ته جيئن سنڌ جي متاثر زرعي پيداوار کي بهتر کان بهتر ڪري سگهجي.مجموعي طور تي سنڌ زراعت جي ڌنڌي سان واڳيل آھي.سنڌ جي وڏي آباديء جو زريعا معاش زراعت ۽ مالونديء سان لاڳاپيل آھي.ان ڪري زراعت،آبپاشي ۽ چوپائي مال وارن ادارن تي خاص توجھ ڏيڻ جي ضرورت آھي.انهن ٽنهي ادارن مان وري زراعت خصوصي توجھ جي گهرجائو آھي.سنڌ حڪومت جي بهتر ڪمن جي واکاڻ جتي ڪجي ٿي اتي اهي ڳالهيون به ڪرڻ ضروري آھن ته خاص طور زراعت کاتي جا ڪجھ شعبا جيئن زرعي تحقيق وارو شعبو آھي.جيئن ورڪشاپ وارو شعبو آھي.خود ايگريڪلچر ايڪسٽينشن جو شعبو آھي تي خاص توجھ ڏئي اتي مقرر عملدارن کان ڪم وٺڻو پوندو.سنڌ حڪومت جي ادارتي اسمن ۾ سنڌ جو زراعت کاتي وارو اسم وڏي اهميت رکي ٿو.اسان جو موجوده حڪومتي لڏو خود ان شعبي زراعت سان مجموعي طور لاڳاپيل آھي.انڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سنڌ حڪومت فقط ڪڻڪ جي بهتر پوکائي ۽ گهڻيء واري ڳالھ ڪرڻ کان علاوه اتي آبادگار ۽ هاريء ۽ لوڪل واپاريء جي بنيادي مسئلن تي خاص توجھ ڏيڻي پوندي.سڀ کان پهريان زرعي جنسن جو معياري هجڻ ضروري آھي،ان کان پوء زرعي ڀاڻ جومناسب اگھ ۽ وقت تي مارڪيٽ ۾ موجود هجڻ ۽ ان جو هاري توڻي آبادگارکي بغير بليڪ مارڪيٽنگ جي آسانيء سان مهيا ڪرڻ جتي حڪومت جو فرض ٿو ٿئي اتي اهو به ضروري آھي ته ان فصل جي بهتر يا گهٽ لهڻ مهل مناسب مارڪيٽ سان واڳيل اگھ ملڻ به ضروري آھي.زرعي قرضن جو آسان ڏيڻ به ضروري آھي.جتي سبسڊي ڏني ٿي وڃي جيڪا به پڻ اربين روپيا هوندي آھي سا وقت سر ملڻ ضروري آھي ته جيئن ان فصل جي ڪم اچي سگهي.انهن سڀني ضروري ڪمن لاء اسان جي حڪومتي نمائيندن کي جتي ڪم ڪرڻو آھي اتي پلاننگ ڊولپمنٽ کاتي،زراعت کاتي،ايريگيشن کاتي کان ويندي لاڳاپيل سڀني اختيارين کي خاص توجھ سان ڪم ڪرڻو پوندو.پوء ڏسو ته ڪيئن نه ٿو لهي بمپر ڪراپ.










