سنڌ جي ننگن ۽ دنگن لاءِ جان به قربان آهي

ليکڪ   سيد زوار حسين شاهه جيڪڏهن مان شروعات 6 جون 2021 کان ڪيان ته سنڌ جو اهو شعور جيڪو ڪافي عرصي کان وٺي گهرن تاائين محدود هيو ، نيٺ سنڌ پرستن جي  سڏ تي گهر ڇڏي ڪراچي مين بحريه ٽائون گيٽ اڳيان تمام اهي رڪاوٽون جيڪي ڪيو ويون هيون اهي ختم ڪري پهچي ٿو ، مان عرض ڪيان ته هن وقت منهنجي به عمر ننڍڙي ناهي پر جيڪڏهن مان سنڌ مارچ بشير خان جي ڪيان ته اها مون کان ڪڏهن به نه وسرندي آهي سنڌ جو ننڊو وڏو بزرگ پر عورتون به گهر ڇڏي ڪڙو سچ اهو آهي ته ان مارڄ ۾ اهي پهتا ۽ سنڌ دشمن قوتن کي اهو پيغام مليو ته سنڌ ٿيندي ڇا آهجي سنڌ جو عوام ڇا ٿو گهري برحال اهو هڪ ماضي جو حصو هيو جنهن کي صرف ياد ڪري اکين مان ڳوڙها وهائي سگهون ٿا  ۽ هي 6 جون به حقيقت ۾ سنسڌ حڪومت خلاف سنڌ دشمن پاليسن ۾ شامل هر هڪ خلاف  ريفريڊم هو ڪوئي تسليم هاڻ ڪري يا نه ڪري ڪڙو سچ اهو آهي ، انهي سلسلي ۾ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض خلاف ، آصف علي زرداري خلاف هڪ اهڙو يڪجا  احتجاج هيو جنهن اهو ثابت ڪيو ته ڪجهه به ٿئي سنڌ جا ٽڪر ٽڪر ٿيڻ اسان هر گرز نه ٿيڻ ڏينداسين ، سنڌ ان وقت به جنگ واري صورت هال م هئي ته سنڌ هن وقت به اهڙي ئي ڪيفيت مان پئي گذري ،  سنڌ جي  هن وقت به مان سمجهان ٿو ته ساڳئي صورت هال آهي  برحال هاڻ اسان جا پنهنجا منافقت ۾ گهنا آهن سنڌ دشمن پاليسن ۾ اڪثر اهي ئي ملوث آهن جن سنڌ جي ننگن ۽ دنگن تي حمله ڪيا رت پيتو آهي ،  جڏهن ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جا مرڪزي اڳواڻ جنهن م  جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين جناب رياض حسين  چانڊيو ،  سنڌ جي سونهن جي ايم سيد جو رت  سيد زين شاه ، گلزار منگي ،  ڪرم حسين وساڻ ، داڪٽر نظير  کوکر ، ذاڪر حسن سولنگي ۽ ٻين جو ڪئي درجنن تي مشتمل قافلو راڻيپور پهتو جتي جلسي يج صورت اختيار ڪري ويو ،  قافلي پهچڻ تي علي امداد لاڙڪ ، شاهنواز سڪي ، ذاڪر حسين سولنگي ۽ بين ڪيترن ئي اڳواڻن مٿان گلن جي ورکا ڪئي جڏهن ته سنڌ جي بهترين شخصيت انسان دوست ايڊوڪيٽ فياض حسين خميساڻي پڻ هن  احتجاي ريلي جي اسٽيج سيڪريٽري طور فرائض انجام ڏيئي رهيو هيو  برحال مان عرض ڪيان ت محسوس هيو پيو ٿئي ته سنڌ دشمنن جي لاء هي بهترين پليٽ فارم آهي هن پليٽ فارم م سنڌ سميت پاڪستان جون تمام قوم پرست پارتيون گڏ ٿي دشمنن کي للڪاري سگهن ٿا جيڪو بهترين موقعو آهي سنڌ ۾ مان ته سمجهان ٿو ته  اليڪشن ۾ به ٿي سگهي ٿو ته هي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جا رهنما ڀرپور حصو وٺن  جيئن پالليامينٽ ۾ پهچي پنهنجي حقن جو به دفاغ ڪري سگهجي ،  بعد ۾  گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي سنڌ جي زمينن  سنڌ جي قدرتي وسيلن مٿان قبضا به ٿيند رهيا آهن ته اصل سنڌ جي وارث کي ڌڪي پنهنجي ئي ڌرتي جيجل امڙ کان پري رکيو ويو آهي جنهن ۾ گهڻي ۾ گهڻو ڪردار سنڌ حڪومت جو آهي جن  سنڌ دشمن قوتن  سياي پارٽين سان ملي ڀڳت ڪري اڳربين روپيا روڪ رقم وٺي انهن کي هٿ سان اهڙا موقعه فراهم ڪيا آهن جنهن کان پوء گهر ڌڻين کي سنڌ ڌرتي کان پري رکيو ويو جنهن ۾ هو ڪافي حد تائين ڪامياب ٿيا پر سنڌ جا جوڌا سنڌ پرست سنڌ ڌرتي تي جان ڏيندڙن اهڙين تمام سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاء خاص ڪراچي ۾ 6 جون تي ٿيل بحريه ٽائون ، ڊي ايڇ اي ، ڪمانڊر سٽي سميت ڪيترائي منصوبه جيڪي بلڊنگس ٺاهي اتي ڌارين کي رهائڻ جا منصوبه رٿا ان کي مليا يمٽ ڪرڻ لاء  سنڌ جو هر جوڌو سنڌ پرست سنڌ امڙ سان وفا ڏيکاريندي تمام مصورفيتون ختم ڪري ڪراچي بحريه ٽائون مين گيٽ ملڪ رياض ، آصف علي زرداري ، شڪارپور جي آغا پٺاڻ لاڙڪاڻي جي نام نهاد جيالي کي بس ننڊڙو ٽريلر ڏيکارڻ لاء لکين سنڌي سنڌ پرست مين گيٽ اڳيان گڏ ٿي احتجاج ڪري ڌرڻو ڏيڻ هڪ تاري رقم ٿي ۽ اهو ثابت ڪيو ته ڪجهه به ٿئي سنڌي پنهنجي  سنڌ ڌرتي زمينن قدرتي وسيلن جي ڪهڙي ريت حفاظت ڪندا آهن اهڙن خيالن جو  جيئي سنڌ محاذ  جي مرڪزي رهنما رياض حسين چانڊيو سيد زين شاه ،  ڪرم حسين وساڻ ، امير بخش منگي ، نواز خان ، گلزار سومرو،  ڊاڪٽر نظير جحسين کوکر ، ذاڪر حسين سولنگي ، علي امداد لاڙڪ ۽ ٻين اظهار ڪندي سٽي پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻ سنڌ جو عوام جاڳي ٿو سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪرڻ اسان ڄاڻون ٿا سنڌ ايڪشن ڪاميٽي  جا رهنمائن راڻيپور جي عوام شهرين سياسي سماجي شخصيتن کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي والار ، سنڌ جي زمينن مٿان قبضا ڪندڙ ، بحريه ٽائون  ڪمانڊر هائوسنگ سوسائيٽي ، ڊي ايڇ اي سميت تمام اهي اسڪيمون جن تي بلڊنگس جوڙي اتي ڌارين کي رهائش ڏيئي اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي يجاڪ نامنظور آهي ، 30 آڪٽوبر 2021 تي سکر ۾ تاريخي جلسي ۾ شرڪت ڪري تاريخ رقم ڪندا . جيئن سنڌ دشمن کي خبر پوي ته سنڌي قوم گڏ آهي گڏ رهندي ، جيڪي به سنڌ دشمن پاليسن تي پ پ پ ڪم ڪري رهي آهي اانهن کي اليڪشن ۾ اهي ئي عبرتناڪ شڪست ڏيندا جن جي ووٽن تي ڪرسين تي ويهارين ٿا اهي ئي انهن کي اعلي منصب تان هٽائيندابه جيڪو جلد ڏسنداسين  ، هن وقت جهڙي  ريت سڀ سنڌ جا سنڌ پرست سنڌ جي مٿان ٿيل قبصا خوري ، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل يٿندڙ پلاننگ کي سمجهي ويا آهن هي ئي نادر موقعو آهي ته 30 آڪٽوبر سکر ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ هر هڪ کي شامل ٿي نهجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي ، سنڌ وڏي تڪليف مان گذري رهي آهي ، سنڌ جي ملڪيت تي ڌارين جا قبضا سمجهه کان ٻاهر آهن ، جڏهن ته ڌاريا ڪاري آبادڪاري پن سنڌ کي ڄڻ يتيم خانو بڻائي چڏيو آهي ان ڪري اسان توهان کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻو پوندو هي دور جنگ جگيڙي جو نه هي دور ٻڌي جو آهي ، قانون سان جنگ وڙهڻ جو آهي جيڪڏهن هاڻ به اک نه پٽي ته پوء مان عرض ڪيان ته سنڌ ۾ سنڌين جي هٿ ۾ ڪجهه به نه بچندو ، ٻڌي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ، منهنجي نظر م سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي تمام رهنمائن جي محنت ڏسان پيو جيڪڏهن اها ئي ٻڌي رهي ته ڪنهن کي به جرئت ناهي جو سنڌ جي زمينن تي ڪو ملڪ رياض جهڙو قبضو ڪري يا آصف علي زرداري آغا  پٺاڻ يا کو کهڙو اٿي سنڌ يج عوام کي للڪاري اهو دور مڪمل ختم ٿي ويو آهي هي جديد دور آهي ، ڪڏهين ائين ڏسندا هياسين احتجاج ٿيندا هيا پوء ڪيترائي بي ضمير صحافي چند ڏوڪڙن جي ڪري پنهنجو وڪرو ڪري اها خبر لڪائيندا هيا هي سوشل ميڊيا آگهي جيڪا لائيو پئي هلي اتي  ڪا شيء لڪائڻ جي  ضرورت ئي ناهي ، پر هڪ ڳالهه ته اداب قانون جي دائري ۾ رهجي ڪري پنهنجو فرض هر هڪ ادا ڪري سگهي ٿو جيئن  ڪو ان تي آڱر نه کڻي سگهي  ان ڪري سنڌ يج حقن لاء جنگھ جوٽڻ پر اها به قانون يج مدد ٻڌي جي صورت ۾ جائز آهي ان ڪري سوچي سمجهي ٻڌي جو مظاهرو ڪري فرض ادا ڪيو وڃي.    zawarshah110@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو