سنڌ جي تعليم جي تباهي جو ذميوار ڪير آهي

سنڌ جي تعليم جي تباهي جو ذميوار ڪير آهي

انجنيئر عمران علي شيخ
سنڌ جي تعليم جو سڌارو ڪيئن ممڪن آهي، ڪهڙا وسيلا گهربل آهن ۽ ڪهڙا مسئلا درپيش آهن انهن تي مختصرن پنهنجي راءِ ڏيڻ کي قومي فرض سمجهندي پڙهندڙن آڏو ڪجھ حقيقتون لکجن ٿيون
1؛ سڀ پهرين تہ تعليم جي بهتري اسان کي اهڙا ادارا جوڙائڻ گهرجن جنهن ۾ پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين تمام سهولتون ميسر هجن جئين تدريس جو عمل بهتر نموني هلائي سگهجي
2؛ اهڙا ادارا، انسٽيٽيوٽ يا اسڪول اهڙن جاين تي جوڙائڻ گهرجن جتي شاگردن جو جھجھو مقدار انهن مان لاڀ حاصل ڪري سگهي، اسان وٽ ڏٺو وڃي تہ جتي ضرورت آهي اتي بلڊنگس يا وري ڪي تدريسي ادارا آهن ئي ڪون، جتي ضرورت ناهي اتي حد کان وڌيڪ ادارا جوڙي قومي خزاني کي کاٽ هنيا پيا وڃن
3؛ داخلا، داخلا مان مراد اهي شاگرد جيڪي انهن اسڪولن يا ادارن مان تعليم حاصل ڪندا انهن کي داخل ڪرائڻ لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ
4؛ جديد سائنسي تقاضائن موجب نصاب جي تياري، اسان جي بدنصيبي اها آهي جو اسان وٽ پرائمري کان وٺي يونيورسٽي ليول تائين جيڪو نصاب پڙهايو ٿو وڃي اهو موجوده وقت جي حساب سان پراڻو آهي جنهن کي تبديل ڪرڻ گهرجي، اسان وٽ الميو اهو آهي تہ سياسي مفادات حاصل ڪرڻ لاءِ پرائمري ۽ سيڪنڊري نصاب ۾ رڳو سياسي شخصيتن جا حوالا ڏئي نئين نصاب جو لولي پوپ ڏنو ويو آهي
5؛ وقت جي حساب سان جيئڻ نصاب ۾ تبديلي ضروري آهي تيئن ئي تعليم ۽ تربيت ڏيندڙ ان استاد جي بہ تبديلي ضروري آهي، اڄ جو استاد پنهنجي پيشور صلاحيتن ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪافي اڳتي آهي ان جو سبب موجوده وقت جي جديد سائنسي ايجاد آهي جنهن جي بنياد تي هو گهر ويٺي بہ پنهنجي علم ۾ اضافو ڪندو رهي ٿو
6؛ تعليم کاتي جو وزير ڪو رٽائرڊ ايجوڪيشن آفيسر هجي يا گهٽ ۾ گهٽ Phd ھولڊر هجي جيئن پنهنجي کاتي کي بهتر نموني هلائي
7؛ تعليم کاتي ۾ استادن جون ڀرتيون سياسي سفارشن بجاءِ بين الاقوامي سطح تي پاڻ مڃائيندڙ ٽيسٽنگ اداري معرفت ڪرڻ اولين ترجيح شامل ھئڻ گھرجي
8؛ تعلقي ليول تي مقرر آفيسر ڪنهن بہ سياسي شخصيت جي بنگلي جا چوڪيدار نہ هجڻ گهرجن
جيڪڏھن لکڻ تي ويهجي تہ گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو ۽ اگر سنڌ جي تعليم جي ڀيٽ دنيا جي سڌريل ملڪن سان ڪجي تہ اسان جي يونيورسٽي جي گريجوئيٽ کي اتان جو نرسري جو ٻار تعليمي معيار ۾ ماري ويندو، سنڌ سان اهڙو حشر ڪنهن ڪيو آهي، ويجهي ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسو تہ هي سنڌ ۾ بنا ڪنهن وقفي جي لڳاتار چوٿون ڀيرو پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت هلي پئي، ان کان اڳي بہ سندن حڪومت رهي آهي ماڻهو ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي اچي تہ هڪ ڏينهن ۾ واضح فرق ڏيکاري سگهي ٿو پر اسان وٽ ڪا پڇا ڳاڇا ڪانهي جنهن کي جيئن وڻي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويٺو آهي
تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ پنھنجي آرڊر ۾ لکيو آهي تہ سنڌ صوبي ۾ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ بند اسڪول کولي اتي +40 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي مقرر ڪيو وڃي آئون هتي هڪڙي ڳالھ ڪندو هلان تہ IBA معرفت استادن واري ورتل ٽيسٽ کي ٽي سال گذري چڪا آهن پر اسان جي سنڌ حڪومت ايترو سنجيده آهي جو اڃا تائين بند پيل اسڪول نٿا کولي سگهن ۽ نہ وري ڀرتي جو عمل مڪمل ڪري ٿا سگهن ڪم ظرفن وٽ اقتدار جون واڳون آهن جن اليڪشن کان اڳ تہ وڏيون وڏيون ڳالهيون پئي ڪيون هاڻي پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان ملڻ لاءِ تيار نہ آهن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ ۾ قابل استاد پاس ٿي نڪتا آهن جيڪي يقينن سنڌ جي تباہ ٿيل تعليم کي هڪ ڀيرو ٻيهر جياري سگهن ٿا مٿي تعليم جي بهتري لاءِ پوائنٽ آئوٽ ڪيل نقطن جي روشني ۾ ڏسجي تہ اسان وٽ انتظامي نااهلي جي ڪري ڏينهون ڏينهن تعليم پوئتي وڃي رهي آهي تعلقا ايجوڪيشن آفيسرز ڪٿي ڪٿي اهڙا لڳل آهن جن کي پنهنجي ذميواري جي ڪا خبر ناهي نہ وري کين ڊرافٽنگ جو علم آهي خدا ٿو ڄاڻي تہ هن مخلوق جي هوندي سنڌ ترقي ڪيئن ڪندي
پرائيويٽ سيڪٽر ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جون ذميواريون نڀائيندڙ نوجوان آئي بي اي ٽيسٽ پاس هجڻ باوجود پرائمري استاد جي نوڪري لاءِ دربدر آهن، مورو تعلقي جي ويٽنگ استاد اميدوارن جي ايڪشن ڪاميٽي جو آرگنائيزر هئڻ ناتي مان 5 دفعا پنهنجي تڪ جي چونڊيل ايم پي اي جيڪو قانون ۽ گهرو وزارت جي ذميواري سان عائد آهي ڪراچيءَ ملڻ ويو آهيان اتي صاحب ملڻ لاء تيار ناهي، نوابشاه ۾ ملڻ لاءِ تيار نہ آهي باقي مورو جي بنگلي تي ڳالھ ڪجي تہ ڪجھ اهڙا واٺا ويهاريل آهن جيڪي هڪ اڌ برادريء کانسواءِ ڪنهن کي ڪا اهميت نٿا ڏين، هي اهو ئي ضياء الحسن لنجار صاحب آهي جنهن کي مورو ۾ نوجوانن اذيتون برداشت ڪري چونڊرايو هو پر اهو ضياء لنجار صاحب ويساري ويٺو آهي تہ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب جي سامهون اهو اعلان ڪيو هئائين تہ جيڪي نوجوان استاد ٽيسٽ پاس ڪيو ويٺا آهن انهن جي روزگار لاءِ SNE ڪري بہ انهن کي ايڊجسٽ ڪيو ويندو، وزارتون اينديون رهنديون آهن پر ڪارڪردگي اهڙو عمل آهي جنهن جي بنياد تي اميدوار گهر ويٺي کٽي سگهي ٿو پر مورو مان چونڊيل نمائندا اڃا اقتدار جي خمار ۾ آهن جيتوڻيڪ سنڌ جي اوور آل حالت بدتر آهي پر جي اڃا اک نہ پٽي وئي تہ اسان دنيا جي هلندڙ رفتار سان گڏ نہ هلي سگهنداسين
هڪ ڀيرو ٻيهر مورو تعلقي جي IBA ويٽنگ استاد ايڪشن ڪاميٽي جي آرگنائيزر جي حيثيت سان سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ساڃاه وندن اياز لطيف پليجو، سيد زين شاه، قادر مگسي، مهر ڊٻائي، لياقت ميراڻي راشد مسعود عباسي ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت کي به گذارش ڪندس تہ سنڌ جي تعليم تي ڪو ڪمپرومائيز نہ ڪيو ڪراچيءَ جي تعصب پرست ٽولي جي چوڻ تي اوھان لکين نوجوانن جي دل اڳواٽ ٽوڙي چڪا آهيو، جيڪي 5 کان 15 واري ٽيسٽ پاس ڪري چڪا هئا هاڻي اوهان کي موقعو آهي تہ هاء ڪورٽ سنڌ جي فيصلن تي عمل ڪندي بند اسڪول کولي اتي SNE ڪري تمام آئي بي اي ٽيسٽ پاس ويٽنگ استاد اميدوارن کي آفر ڏئي سندن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن

پهنجو تبصرو موڪليو