عبدالمجيد بروھي
گذريل سال پوري سنڌ جي اندر طوفاني برساتن سبب ھر طرف قيامت صغرا وارو ماحول ھيو سنڌ جا ماروئڙا پنھنجا ڪچا پڪا گھر ڇڏي وڏن شھر ۽ محفوظ پناھ گاھن ۾ منتقل ٿي ويا ھيا ھر طرف پاڻي ئي پاڻي جو راڄ ھيو ساريالو فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ٻڏي تباھ ٿي ويو ھيو ان بعد سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ ڪڻڪ جو فصل پڻ گھٽ ٿيو ھيو جن ۾ لاڙڪاڻو قمبر شھدادڪوٽ ۽ دادو ضلعو سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيا ھيا ماڻھون روڊن رستن تي سرڪاري ۽ فلاحي ادارن جي رحم ڪرم تي اچي ويا ھيا پر پوء جڏنھن سندن ڳوٺن مان پاڻي جو راڄ خرم ٿيڻ لڳو ۽ سنڌ واسي پنھنجن ماڳن ڏانھن واپس ورڻ لڳا ان بعد جڏنھن ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ ۾ ساريالي فصل جي پوکائي جو وقت اچي پھتو تـ ان دوران ھنن ھارين ۽ آبادگارن جي ڏکن سورن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو پوري سنڌ اندر ھڪ تـ اڪثر ڪري نقلي ٻڄ ۽ ڀاڻ ۽ زرعي دوائون وڪرو ٿينديون آھن جنھن سبب ڪمپنين جا مالڪ منافعي خور ڊيلرن ۽ دڪاندارن کي قيمتي گفٽ سمت ٻاھرين ملڪ جن ۾ اڪثر ڪري سنڌ جا اھي منافعي خور واپاري فرمائش ڪري باڪو شھر گھمڻ ويندا آھن جنجو سمورو خرچ اھي نقلي ٻڄ ۽ زرعي ڀاڻ ٺاھيندڙ ڪمپنين جا مالڪ ڀريندا آھن ۽ ٻيا جيڪي گھٽ مال وڪرو ڪري سگھندا آھن انھن کي آل پاڪستان جو ٽوئر ڪرايو ويندو آھي چوڻ جو مقصد صرف اھو آھي تـ ھڪ طرف سنڌ واسين کي گذريل سال جي مھا برساتن تباھ ڪيو ھيو وري انھن کي ھن سال اھي نقلي ٻڄ ۽ زرعي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ لٽ مار ڪري ڦري لٽي رھيا آھن صرف اھو نـ پر منافعي خور واپاري کين بليڪ تي ڊي اي پي ڀاڻ ۽ يوريا ڀاڻ وڪرو ڪري رھيا سرڪاري اگھ کان ٽي چار ھزار وڌيڪ ڊي اي پي ڀاڻ تي وٺي ھارين سان ظلم ڪري رھيا آھن جنھن سبب ھاري سخت مايوسي جو شڪار آھن ھن وقت سارين جو بمپر فصل پچي چڪو آھي سارين جو ان مارڪيٽ ۾ پھچي چڪو آھي ھن وقت ڀاڻ ٻڄ وڪرو ڪندڙ واپارين سان گڏ ڪارخانيدار پڻ ڦرلٽ ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان آھن جيڪو سارين جو اگھ ھن وقت انھن واپارين ڪارخانيدارن مقرر ڪيو آھي ان سان ھارين آبادگارن پاران پنھنجن فصل تي ڪيل خرچ بـ مشڪل سان نڪري ٿو باقي بچت ڪجھ بـ نـ۔ ٿو ٿي ان کان علاوا ڪارخانيدارن پاران جيڪا ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي اھو پڻ ھارين سان ظلم آھي ان ھوندي بـ ھن وقت تائين ھارين آبادگارن سان ايڏي ظلم باوجود ھارين جي حقن جا علمبدار بڻيل ھارين جي نالي تي وڏا وڏا فنڊ وٺي ھڙپ ڪندڙ ھاري اڳواڻ خاموش آھن اھو سڀ ڪجھ جيڪو ھارين آبادگارن سان ظلم واپاري ڪري رھيا آھن ان باجود سرڪاري علمدار ۽ ھاري اڳواڻ ۽ انساني حقوق وارا خاموشي سان تماشو ڏسي رھيا آھن ھن وقت سارين جي فصل کانپوء ڪڻڪ جو پوکائي جو عمل پڻ شروع ٿي چڪو آھي انجي ڪري سنڌ جا اڪثر ڀاڻ ٻڄ ۽ زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ واپاري ڪڻڪ جي ٻيڄاري زرعي دوائن ڊي اي پي ڀاڻ يوريا ڀاڻ جا اگھ چوٽ چاڙھي ھارين کي لٽڻ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آھي جنھن جي ڪري وارھ ۽ نصيرآباد جي سماجي ڌرين پاران حقوق ھاري آبادگار تحريڪ شروع ڪري چڪا آھن جنھن جي پھرين مرحلي ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا پيا وڃن ٻئي مرحلي ۾ سارين جا اگھ گھٽ ھجڻ يوريا ڊي اي پي ڀاڻ جا اگھ وڌيڪ وٺڻ ۽ ڪارخانيدارن پاران ناجائز ڪٽوتي خلاف لاڙڪاڻو باء پاس تي ڌرڻي جون تياريون ڪيون ويون آھي ان جي لاء انھن سماجي اڳواڻن جي مدد لاء تمام سياسي سماجي مذھبي ڪاروباري ڌرين کي آبادگارن جي مدد لاء اڳتي اچڻ گھرجي ۽ ناجائز ڪٽوتين ۽بليڪ تي ڀاڻ ٻڄ ۽ نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙن جو گھيرو تنگ ڪري ھارين ۽ آبادگارن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو وڃي










