سعود شڪيل جي پهرين سينچري، پاڪستان جون 9 وڪيٽن تي 407 رنسون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 407 رنسون ٺاهي ورتيون، جڏهن ته ان کي نيوزيلينڊ جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ اڃا 42 رنسن جي ضرورت آهي.ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان پهرين رهيل اننگز 3 وڪيٽن جي نقصان تي 154 رنسن کان شروع ڪئي، امام الحق 83 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، سرفراز احمد 78، آغا سلمان 41، حسن علي ۽ نسيم شاهه 4-4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته مير حمزا کاتو ئي نه کوليو.ٻئي پاسي سعود شڪيل ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ پهرين سينچري اسڪور ڪئي ۽ هو راند جي پڄاڻي تائين 124 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود رهيو. پاڪستان ٽئين ڏينهن راند ختم ٿيڻ تائين 9 وڪيٽن جي نقصان تي 407 رنسون ٺاهي ورتيون، ان کي نيوزيلينڊ جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 42 رنسن جي ضرورت آهي. واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 449 رنسون ٺاهيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو