جاويد لطيف ميمڻ
اليڪشن جو دنگل شروع ٿيندي ئي ضلعي ٺٽي ۾ پڻ اليڪشني سياست زور وٺڻ لڳي اليڪشن ڪيمشن پاڪستان پاران 8 فيبروري 2042 تي منعقد ٿيندڙ اليڪشن ۾ ٺٽي جي نـ صرف مختلف سياسي جماعتن پاران مختلف اميدوارن نامزدگي فارم وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن تـ ٻئي پاسي وري مختلف آزاد اميدوار طور ٺٽي سان تلعق رکندڙ مختلف سماجي ۽ سياسي اڳواڻن پارن پڻ نامزدگي فارم وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن تـ ڪي وري مختلف پارٽين ۾ شامل ٿي انھن پارٽين کان ٽڪٽ وٺڻ جون اميدون لڳائي ويٺا آھن سنڌ تي گذريل پندرنھن سالن کان حڪومت ڪندڙ پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي رڌڻي ۾ پيل رولو اڃا تائين ختم ناھي ٿي سگھيو گذريل 2 ڏينھن پھرين پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي خزانچي وڏيري رسول بخش جاکرو پاران سندس ئي پارٽي تي مختلف الزام ھڻي پارٽي سان بغاوت جو اعلان ڪندي پارٽي جي عھدي ۽ بنيادي ميمبر شپ تان استعيفا ڏيندي ٺٽي واري قومي تڪ تي بيھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي تـ ٻئي پاسي وري ضلعي ٺٽي جي صوبائي تڪ ميرپور ساڪرو تي پڻ پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي مختلف اڳواڻن پارٽي سان بغاوت ڪندي راڄوڻي اتحاد ٺاھي راڄوڻي اتحاد جي پليٽ فارم تان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ٺٽو ضلعو جيڪو شھيد ڀٽو چي شھادت کانپوء شھيد راڻي محترما بنظير ڀٽو جي شھادت تائين پيپلز پارٽي جو مظبوط قلعو سمجھيو ويندو ھو جنھن کانپوء جڏھن کان پيپلز پارٽي جي قيادت زردارين جي حوالي ٿي آھي تڏھن کان ضلعي ٺٽي ۾ پيپلز پارٽي سياسي ليول تي ھر ڏينھن ڪمزور پچ تي وڃي کيڏي رھي آھي جنھن جي ڪري پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت خاص طور تي آصف علي زرداري پاران ڪڏھن اويس مظفر ٽپي جي صورت ۾ ڪڏھن وري حاجي علي حسن زرداري کي ضلعي ٺٽي جي سياست داخل ڪري پيپلز پارٽي جي ضلعي ۾ ڪمزور پچ ھجڻ جي صورت ۾ پنھنجا ڪارڊ مختلف وقتن تي استعمال ڪندي رھندي آھي جڏھن تـ مسلسل پندرنھن سال اقتدار ۾ رھڻ ڪري سنڌ جي مختلف ضلعن جيان ٺٽي ضلعي ۾ پڻ سياسي طور مظبوط شيرازي گروپ سميت ٺٽي ضلعي سان واسطو رکندڙ مختلف سياسي وڏيرن پڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي سياسي طور تي جيئرو رھڻ ۾ ئي پنھنجي بقا سمجھي پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي پر ھاڻي ڏسڻو اھو آھي تـ پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيل بغاوت کي ڪچلڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي يا وري پنھنجن ئي سياسي ڪارڪنن کي ٽڪٽون ڏئي سولو فلائٽ وٺي اليڪشن ۾ حصو وٺندي يا وري وڏيرن کي پرچائي کين ٽڪٽون ڏئي اليڪشن ۾ بيھاري اليڪشن کٽڻ جي ڪوشش ڪندي جيئن آئون مٿي لکي آيو آھيان تـ پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو ۽ شھيد بينظير جي شھيد ٿيڻ کانپوء ھن وقت ضلعي ۾ وڏيرن جي بغير سياسي طور ڪمزور پچ تي کيڏي رھي آھي ڇو تـ وڏيرن جي بغاوت ڪرڻ سان پارٽي کي اليڪشن ۾ کٽڻ لاء تمام گھڻي محنت ڪرڻي پوندي جيتوڻيڪ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن تي ٻڌل پنھنجي ضلعن جو مظبوط سياسي گروپ شيرازي گروپ جنھن جي قيادت ھن وقت ضلعي ٺٽي جو اڳوڻو ضلعي ناظم ماضي ۾ سينيٽر ۽ قومي اسمبلي جو ميمبر رھندڙ سيد شفقت حسين شاھ ڪري رھيو آھي جيڪو گروپ اڃا تائين پيپلز پارٽي مان مطمئن نـ ھجڻ ۽ اختلافن جي باوجود بـ اڃا تائين پيپلز پارٽي ۾ شامل آھن جڏھن تـ ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف پڻ پنھنجا اميدوار سامھون آڻي رھي آھي جنھن ۾ ضلعي ٺٽي جي قومي تڪ تان ٺٽي جو ناليوارو قانوندان ۽ سينيئر وڪيل سيد جميل شاھ بخاري ـ ٺٽي جي صوبائي تڪ تان تحريڪ انصاف ضلعي ٺٽي جي صدر سيد امجد شاھ ۽ ميرپور ساڪرو واري تڪ تان تحريڪ انصاف ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ آصف راڄڙ جيڪو ٺٽي جي ھڪ سياسي گھراڻي سان پڻ تعلق رکي ٿو پڻ نامزدگي فارم حاصل ڪري اليڪشن ۾ بيھڻ جون تياريون ڪري رھيا آھن جڏھن تـ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ( جي ڊي اي ) پاران اڃا تائين صرف ٺٽي واري صوبائي تڪ پي ايس 75 تي اميدوار طور سامھون اچي سگھيو آھي تـ ٻئي طرف وري گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ضلعي ٺٽي جي ڪنوينر سنڌي ياسر جاکرو پاران جي ڊي اي جي مرڪزي قيادت پاران ھدايتون ملڻ کانپوء پاران ضلعي ۾ آزاد اميدوارن سان ملاقاتون جاري آھن تـ ٻئي طرف وري ٺٽي جي سينيئر صحافي ۽ عوامي پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون پڻ آزاد اميدوار طور نامزدگي فارم وٺي گذريل ڏينھن ايم ڪيو ايم جي مرڪزي قيادت سان ملاقات ڪري ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي جڏھن تـ مختلف سماجي ۽ سياسي اڳواڻن پڻ ذاتي حيثيت ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاء آزاد اميدوار طور سنڌرا ٻڌي بيٺل آھن جنھن ۾ ٺٽي سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ سيد جاويد شاھ حسيني سميت مختلف اڳواڻ پڻ شامل آھن ياد رھي تـ سال 2023 ۾ ٿيبندڙ آدمشماري کانپوء حلقا ببدي ٿيڻ ڪري خيرپور ۽ سانگھڙ سميت ضلعي ٺٽي مان پڻ ھڪ صوبائي تڪ گھٽائي ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ سان ھن وقت ضلعي ٺٽي ۾ ھڪ قومي ۽ ٻـ صوبائي تڪ وڃي بچيا آھن ضلعي ٺٽي مان ھڪ صوبائي تڪ گھوڙاٻاري کي ختم ڪري ميرپور ساڪرو تڪ ۾ شامل ڪيو ويو آھي انھي تڪ تي ضلعي ٺٽي ۾ پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمن آصف زرداري پاران پھرين اويس مظفر ٽپي کي پيپلز پارٽي جي ٽڪٽ ڏئي کٽرايو ويو ھو تـ وري 2018 واري جنرل اليڪشن ۾ سندس مائٽ حاجي علي حسن زرداري ھن تڪ تان ايم پي اي چونڊجي آيو ھو جڏھن گھوڙاٻاري تڪ ختم ٿيڻ ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ميرپور ساڪرو واري تڪ تان پيپلز پارٽي پاران حاجي علي حسن زرداري کي ٻيھر اليڪشن ۾ ٽڪٽ ڏيڻ تان ميرپور ساڪرو واري تڪ جي عوام سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل اتان جي وڏيرن ۽ مختلف برادرين پاران پيپلز پارٽي ۾ بغاوت وارو عمل چوٽ چڙھيل آھي واضح رھي تـ ھن وقت ضلعي ٺٽي ۾ قومي اسمبلي ھڪ تڪ اين اي 225 تي ٻڌل آھي تـ ضلعي مان ھڪ صوبائي تڪ ختم ڪري ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ کانپوء ھن وقت ٽن مان ٻن صوبائي تڪن پي ايس 75 ٺٽو ۽ پي ايس 76 ميرپور ساڪرو تي ٻڌل آھن جڏھن تـ ٺٽي جي سياسي صورتحال ڪھڙو ٿي ڌڳ وٺي اليڪشن جا فارم ڀرجي وڃڻ کانپوء واضح ٿي سامھون اچي ويندي










