زمين تي بلڊرجو قبضو ڳوٺاڻن پاران مزاحمت،مينيجر کي مار ڪٽ

زمين تي بلڊرجو قبضو ڳوٺاڻن پاران مزاحمت،مينيجر کي مار ڪٽ

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي) ملير جي لطيف ٿاڻي جي حد  قومي شاهراهه ڀرسان حسن پنهور ڳوٺ ۾ خالي پيل زمين تي بلڊر پوليس ساڻ ڪري هيوي مشينري سان هم چورس ديوار لڳائڻ جي ڪوشش ڳوٺاڻن جي مزاحمت تي بلڊر جي مينيجر کي مار ڪٽ ڪئي  ڳوٺاڻن  چيو ته زمين ڳوٺ جي آهي جنهن تي صرف ڳوٺاڻن جو حق آهي جعلي ڪاغذن ذريعي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو جنهن سان پوليس ٻٽ بڻيل آهي، ملير ۾ قومي شاهراهه ڀرسان قائم حسن پنهور ڳوٺ ۾ خالي پيل زمين تي بااثر بلڊر جي پوليس جي مدد سان زمين تي ڪاهه ڳوٺاڻن جي سخت مزاحمت سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن داهيندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جا آباد آهيون اسان جي زمينن ۽ گهرن تي قبضن جو سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن خلاف ملير سيول ڪورٽ نمبر 3 ۾ سوٽ نمبر 298 داخل ڪيو ويو آهي هنن وڌيڪ چيو ته اڄ اوچتو بااثر بلڊر پوليس جي مدد سان هيوي مشينري سان ڪري زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن وٽ قانوني ڪاغذ به موجود ناهن هنن چيو ته بااثر پوليس جي مدد سان انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻائيندي ڪوڙا ڪيس داخل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي بااثر آغا تجمل وٽ 30 سال ڪاغذ آهن جنهن جي موجوده وقت ۾ ڪابه قانون حثيت ناهي ڳوٺاڻن وزير اعلي’ سنڌ سميت پ پ جي اعلي’ قيادت کان مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڳوٺاڻن جي زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،

پهنجو تبصرو موڪليو