اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ريڪوڊڪ صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس عمر عطابنديال صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي لاءِ پنج رڪني لارجر بئنچ جوڙي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ريڪوڊڪ صدارتي ريفرنس تي پنجويهين آڪٽوبر تي ٻڌڻي ٿيندي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال لارجر بئنچ جو سربراهه هوندو جڏهن ته جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل بئنچ ۾ شامل آهن. ياد رهي ته وفاقي حڪومت ريڪوڊڪ ريفرنس جي منظوري ڏني هئي جنهن کانپوءِ وزيراعظم جي صلاح تي صدر عارف علوي ريفرنس سپريم ڪورٽ ڏانهن اُماڻيو هو.










