ريسرچ اينڊ ٽيڪنالاجي شوڪيس ۾ 413 پروجيڪٽ پيش

ريسرچ اينڊ ٽيڪنالاجي شوڪيس ۾ 413 پروجيڪٽ پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٽئين ريسرچ اينڊ ٽيڪنالاجي شوڪيس 2024ع جي رنگا رنگ تقريب ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. تقريب جو مقصد جديد ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ ملڪي صنعتن جي ضرورتن مطابق مختلف صنعتن ۽ يونيورسٽين جي وچ ۾ مضبوط رابطن کي فروغ ڏيڻ هو. تقريب ۾ 45 سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين جي باصلاحيت شاگردن 413 پروجيڪٽ پيش ڪيا. جن ۾ مقامي، قومي ۽ بين الاقوامي فنڊز سان جاري تحقيق ۽ تعاون واري ٽيڪنالاجيز شامل هيون. ان موقعي تي عام ماڻهن سان گڏ صنعتن جي نمائندن به سخت گرمي باوجود جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طارق رفيع چيو ته هي نمائش اڪيڊمڪ ۽ صنعت جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪرڻ، تعاون وڌائڻ جي موقعن کي فروغ ڏيڻ هن دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد حل لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي.

Photo SHEC FB

ان موقعي تي ڪميشن جي سيڪريٽري معين الدين صديقي چيو ته اسان جو مقصد صوبي جي يونيورسٽين ۽ نوجوانن جي ناقابل اعتماد صلاحيتن کي اجاگر ڪري صنعت جي اڳواڻن آڏو پيش ڪرڻ آهي. هن چيو ته هي تقريب ٽيڪنالاجي ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪندي. تقريب کي صنعت جي ضرورتن ۽ شروعاتي ترجيحن کي قائم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل دلچسپي جي علائقن ۽ تعاون جي موقعن جي نشاندهي ڪئي وئي. تقريب جو ٻيو مقصد مقامي ادارن کي ديسي ٽيڪنالاجيز ۽ تحقيق کي اپنائڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ هو ته جيئن مقامي خام مال ۽ ٽيڪنالاجيون تيار ڪري پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿي سگهي. تقريب جي خاص ڳالهه اها هئي ته سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران صوبي جي يونيورسٽين لاءِ مفت اسٽال لڳايا ويا هئا ته جيئن اهي پنهنجون شيون ۽ ٽيڪنالاجيون پيش ڪري سگهن. تقريب ۾ يونيورسٽين، صنعتن، چيمبرز آف ڪامرس اينڊ ٽريڊ باڊيز ۽ انجمن جي آفيسرن، لاڳاپيل سرڪاري کاتن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

Photo SHEC FB

ان موقعي تي ايف پي سي سي آءِ جو سينيئر نائب صدر ثاقب فياض مگُو خاص مهمان هو. هن يونيورسٽين جي شاگردن جي بهترين ڪوششن کي ساراهيو ۽ صنعتي ادارن پاران ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. هن ٽيڪنالاجي شوڪيس منعقد ڪرڻ تي سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع ۽ سندس سموري ٽيم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته انشاءَ الله اهڙين ڪوششن سان پاڪستان جلد ترقي يافته ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿيندو. هن ٽئين سنڌ HEC ريسرچ اينڊ ٽيڪنالاجي شوڪيس ۾ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ شاگردن جي ڪوششن کي ساراهيو. شوڪيس دوران مختلف صنعتن جي مالڪن شاگردن پاران تيار ڪيل ٽيڪنالاجيڪل پروجيڪٽ خريد پڻ ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو