رونالڊو پاران ڪلب ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار

رونالڊو پاران ڪلب ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار

دبئي (ويب ڊيسڪ)پرتگال جي عالمي شهرت يافته فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو هن مهيني جي ڪلب ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هڪ بيان ۾، ڪرسٽيانو رونالڊو چيو ته کيس ڪيترن ئي ڪلبن کان کيڏڻ جون آڇون مليون آهن پر انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.واضح رهي ته 40 سالن جي ڪرسٽيانو رونالڊو جو سعودي ڪلب النصر سان معاهدو هن مهيني ختم ٿي ويندو. النصر ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.النصر ڪلب جي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ ۾ ناڪامي کان پوءِ، فيفا جي صدر اشارو ڏنو ته رونالڊو هڪ اهڙي ٽيم جو حصو ٿي سگهي ٿو جيڪا ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺي رهي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو