ماسڪو(ويب ڊيسڪ) 22 سالن جي روسي نوجوان سوين ڪلو وزن کڻي دنيا جي مضبوط ترين انسان جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو . مقابلي ۾ سڄي ملڪ مان ايٿليٽس حصو ورتو هر ايٿليٽ کي 405ڪلو گرام وزني ڪار کڻڻ ، وزني ٽرڪ کي 20 ميٽرن تائين رسي سان ڇڪڻ ۽ 100 ڪلو گرام وزني ٽائر کڻڻ جو مقابلو ڪيو جيڪو مقابلو روس جي دمتري اسڪوورسڪي جيڪو روس جي مرڪزي شهر اومسڪ جي رهواسي ٽيئي مقابلا کٽي فاتح جي ٽرافي کٽي ورتي ۽ مقابلي کٽڻ جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.










