حافظ سعيد کي ٻن ڪيسن ۾ 31 سال سزا ۽ ڏنڊ

حافظ سعيد کي ٻن ڪيسن ۾ 31 سال سزا ۽ ڏنڊ

لاهور(ويب ڊيسڪ)دهشتگردي ٽوڙ عدالت پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد کي غير قانوني فنڊنگ جي ٻن ڪيسن ۾ مجموعي طور تي 31 سال قيد ۽ 3 لک 40 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي.آهي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اعجاز احمد بُٽر ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي فيصلو ٻڌايو. حافظ سعيد طرفان ايڊووڪيٽ نصير الدين نيئر عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ دليل ڏنا. حافظ سعيد اڳ ۾ به هڪ ڪيس ۾ 15 سال قيد جي سزا مليل آهي. ياد رهي ته ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) حافظ سعيد ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو