لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور اداڪارا جويريا عباسي پنهنجي ٻي شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون آهن.اداڪارا اڱاري جي رات انسٽاگرام تي پنهنجي ٻي شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز پوسٽ ڪيون، جيڪي فوري طور تي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.جويريا خاص موقعي تي گلابي ۽ گولڊن رنگ جو خوبصورت لباس پاتو جنهن ۾ هوءَ ڏاڍي دلڪش نظر اچي رهي هئي.وڊيو ۾ جويريا عباسي کي هٿن ۾ گجر ڏنا پيا وڃن ۽ ٻئي وڊيو ۾ اداڪارا جي نڪاح جو پڙهيو پيو وڃي.جويريا عباسي عديل حيدر نالي هڪ شخص سان شادي ڪئي آهي جيڪو پنهنجي شوق جي اعتبار سان فوٽوگرافر پڻ آهي.جويريه عباسي ۽ سندس ٻئي مڙس جي هڪ تصوير به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.










