محمد اسماعيل لانگاھ
جڏهن به هرسال سانوڻي اچي ٿي ڪاڇي جي ماروئڙن کي پنهنجا اباڻا اجها کڄڻ جو خطرو محسوس ٿئي ٿو ڇو ته ڪاڇي ۾ حڪومت نالي ڪابه شي ناهي رهي جيڪي مصيبتن دوران مسڪينن جي مالڪي ڪري يا انهن کي محفوظ هنڌن تائين منتقل ڪري نااهل حڪمراني جي ڪري هرسال ڪاڇي واسي برساتن دوران جابلو نين جي وهڪرن ۾ پنهنجا اجها گهر ٻنيون وڃائي يا کڻائي ويهن ٿا کيرٿر جابلو رينج مان ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي نديون وهنديون آھن
ڪاڇي جي کيرٿر جبلن مان ڪيتريون نيون پنهنجي موج مستي ۽ نرالي اندازي مطابق گذريل هڪ صدي کان اڳ وهنديون رهيون آھن پر انهن سڀني ندين مان نئي سول جي وهڻ جو انداز ۽ خوف پنهنجو آھي هي ندي انگريز سرڪار پاران سنڌ جي سڀ کان وڏي جابلو گاج ندي جي واڌو پاڻي جي نيڪال لاء عارضي طور ڪڍرائي وئي وئي هئي انگريز سرڪار پاران گاج ندي جي وهڪرن کان علائقي جي ڳوٺن کي بچائڻ ۽ پاڻي ورهاست مطابق جڏهن گاج ندي کي تير ڀت ۽ بند ڏنو پئي ويو ۽ خدا جي قدرت سان ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن تيز برساتن ۾ جڏهن گاج ندي وهي ته انجو واڌو پاڻي نئي سول ڏانهن چڙھي وهڻ لڳو جيڪو هرسال سانوڻي دوران وهندي وهندي ۽ ڏسندي ڏسندي ڪاڇي جي سڀني ندين کي مات ڏئي وڏي خونخوار ندين ۾ شمار ٿي وئي ڪاڇي ۾ جيڪي جابلو نديون وهن ٿيون انهن ۾ نئي سڪ ۔گاج۔ سول۔ تڪي ۔ نلي۔ انگئي۔ کنڌاني۔ ڪڪڙاني ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جابلو نديون وهي نڪرن ٿيون پر سول ندي جي وهڻ جو انداز تمام خوفائتو ۽ نرالو آھي ۽ هرسال سانوڻي جي برساتن دوران ڪاڇي جي پنجن يوسين کي هن ندي جو پاڻي سخت متاثر ڪندو رهيو آھي ۽ ڪاڇي جي ڪيترن ئي تاريخي ڳوٺن قبرستانن کي پڻ مسمار ڪيو آھي ۽ اڃا به ڪيترائي ڳوٺ سول ندي جي وهڪرن جي بلڪل نشاني تي آھن تمام تيز رفتار ۽ خوفائتي انداز ۾ وهندڙ هي نئي سول گذريل اڌ صدي کان هن وقت تائين هزارين ايڪڙ زمين کي پنهنجي پيٽ ۾ پائي ورتو آھي تيز وهڪرن سبب هن جو ترو زمين جي مٿين سطح کان پندرنهن کان ويھ فوٽن تائين هيٺ ٿي ويو آھي جيڪو تاريخي ڳوٺن کي پائڻ جو اصل ۽ بنيادي ڪارڻ بڻجي ويو آھي ۽ قدرتي طور وهڪرن جو رخ انهي طرف ٿيندو رهيو آھي جنهن طرف ڳوٺ ۽ وسنديون ٽيوب ويل قبرستان ۽ انساني آباديون آھن ۽ هر سال سانوڻي جي برساتن ۾ سوين ايڪڙ زمينون ڳيهي رهي آھي ايئن محسوس ٿي رهيو آھي ڄڻ پورو علائقو نئي سول جي پيٽ ۾ اچڻ وارو آھي اڳيان ڳوٺ ۽ پويان نئي سول جو پاڻي اٿن ۽ ڪٿي به انهن ڳوٺن جي ٻيهر آباد يا قائم ٿيڻ جا چانس ختم ٿي رهيا آھن سواء لڏپلاڻ ڪرڻ يا علائقو ڇڏڻ جي
جنهن ڳوٺن کي نئي سول زميني نقشي تان مٽايو آھي ۽ اهي ڳوٺ هي آھن سونو جمالي ۔ جيئنداڻي چانڊيو۔ واهي برادي ٻٻر۔ اسماعيل لغاري۔ سيوو جمالي۔ جانو جسڪاڻي۔ ڪنڊو ٻٻر۔ شيرمحمد ٽالپر ۔ انهن ڳوٺن ۾ قائم قبرستان به شامل آھن نئي سول جي ڪناري تي قائم ٿيل هي اهي ڳوٺ آھن جيڪي وهڪرن ۾ کڄي وڃڻ کانپوء ٻيهر آباد ڪيا ويا ۽ وري هڪ ڀيرو ٻيهر نشاني تي بيٺل آھن ليڪن دادو ضلعي انتظاميه کي بار بار آگاهين ڏيڻ باوجود انهن ڳوٺن کي بچائڻ لاء ڪي به اپاء نه ورتا پيا وڃن ۽ هن سال سانوڻي ۾ جيڪڏهن نئي سول پنهنجي روايتي موج مستي سان وهي ته ڳوٺن جا رهيل گهر اسڪول اسپتالون زرعي زمينون به کڄي وينديون جيڪڏهن حڪومت ڪي ڪوششون نه ورتيون علائقو نئي سول جي پيٽ ۾ پائجي ويندو
سن 2000 دوران ان وقت جي ڊي سي دادو وزٽ ڪري معائنو ڪيو هو ۽ نئي سول کي ننڍا ننڍا اسپر بند لڳائڻ جي اسٽيمينٽ سنڌ حڪومت کي به اماڻي پر هن وقت تائين ڪي به ڪوششون نه ڪيون ويون ۽هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته نئي سول جي نشاني تي بيٺل انهن تاريخي ڳوٺن کي بچائڻ لاء اسپر بند لڳائڻ جي فوري طور ضرورت آهي جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته پورو ڪاڇو نئي سول جي پيٽ ۾ اچي ويندو ۽ ڳوٺن کي ٻيهر آباد ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو سو سنڌ حڪومت ۽ دادو ضلعي انتظاميه ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن جي ذميواري آھي ته هو هن سنگين معاملي تي غور ڪري تاريخي ڳوٺن کي بچائڻ لاء پلاننگ جوڙين ۽ نئي سول کي ننڍا اسپر بند لڳرائي ۽ وهڪرن جي رفتار کي ٿڌو ڪن هن وقت نئي جي وهڪرن جو رخ سنئو سڌو واهي پانڌي روڊ ۽ پٽ سليمان قبرستان طرف ٿي چڪو آھي ايندڙ ڪجھ سالن اندر آس پاس جا ڪيترائي ڳوٺ روڊ رستا کڄي سگهن ٿا حڪومت کي فوري طور اپاء وٺڻ گهرجن










