ترقي پسند پارٽين جي هائجيڪ ٿيل جدوجهد ۽ اثاثا

ترقي پسند پارٽين جي هائجيڪ ٿيل جدوجهد ۽ اثاثا

ثمرينا بلاولي
مختلف ملڪن جي سياست ۾ کاٻي ڌر جو ڪردار تمام گهڻو اهم رهندو آيو آهي، پر ڏٺو اهو ويو آهي ته اهي پارٽيون ڪنهن به سياسي اڀار ۾ عوام جي اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪري نه سگهيون آهن، انهن جو سڄو ڪم پاپولسٽ سياست طرفان هائجيڪ ٿيندو رهيو آهي يا وري خود کاٻي ڌر جون تنظيمون پاڻ انهن کي اهو ميدان خالي ڪري ڏينديون آهن، ان اميد سان ته انهن پاپولسٽ تنظيمن ۾ وڃي انهن جو ڊي اين اي تبديل ڪجي، جيڪا خام خيالي آهي. توڙي جو پاڪستان ۾ 50ع واري ڏهاڪي کان ڪميونسٽ پارٽي رياستي پابندين ۽ جبر کي ڀوڳي رهي هئي، پر ان جي باوجود ان جو هارين ۽ صنعتي پورهيتن ۾ گهڻو ڪم ڪيل هو. اهڙي ريت نعپ ۽ ٻين تنظيمن جو پڻ ڪم ٿيل هو، پر 60ع واري ڏهاڪي ۾ اهي جماعتون پنهنجو ڪيل ڪم ۽ سياسي اثاثو سنڀالي نه سگهيون ۽ ان جو کٽيو ذوالفقار علي ڀُٽي جي پ پ پ کاڌو ۽ معراج محمد خان سميت گهڻا ڪامريڊ پ پ پ ۾ ان ڪري شامل ٿيا ته اهي اندران ئي اندران پ پ پ جو خمير بدلائي ڇڏيندا، جيڪا انهن جي ڀُل هئي. ها، البته ڀارت ۾ ڪميونسٽن اقتداري سياست ۾ اچي پنهنجو حصو پتي حاصل ڪيو. افغانستان ۾ خلق پارٽي انتهاپسندن اڳيان ٽِڪي نه سگهي ۽ ساڳيو حال بنگال/اوڀر پاڪستان ۾ مولانا عبدالحميد ڀاشانيءَ جي پيپلز پارٽيءَ جو ٿيو. ڀاشانيءَ جو هارين ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيل هو. جڏهن مولانا ڀاشاني جي پارٽي انٽرنيشنل ڪانفرنس جو انعقاد ڪندي هئي ته سڄي دنيا مان هارين جا وفد ان ۾ شرڪت ڪندا هئا، پر مجيب واري اڀار ۾ اها به پنهنجي سياسي اثاثي کي بچائي نه سگهي. ساڳي حالت ايران ۾ ڪميونسٽ نظريي واري توده پارٽيءَ جي ٿي.
ايران جي سياسي تاريخ ۾ توده پارٽي وڏي اهميت رکي ٿي. توده پارٽي ايران جي ڪميونسٽ پارٽي هئي، جيڪا 1941ع ۾ ٺهي. ان جو مقصد ايران ۾ مزدورن، هارين ۽ غريبن جي بهتري لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو. پارٽيءَ جو نظريو مارڪسزم- ليننزم تي ٻڌل هو ۽ هن ايراني سياست ۾ خاص طور تي 1979ع جي اسلامي انقلاب دوران اهم ڪردار ادا ڪيو.
توده پارٽيءَ جو بنياد ٻي عالمي جنگ دوران پيو، جڏهن ايران تي برطانوي ۽ سوويت فوجن جو قبضو هو. ان وقت ايران ۾ سامراجي حڪومت هئي، جيڪا عوام جي اڪثريت جي حقن ۽ ضرورتن کي نظرانداز ڪري رهي هئي. ان پسمنظر ۾ توده پارٽي پنهنجون سرگرميون شروع ڪيون، سامراجي حڪومت جي خلاف آواز اٿاريو ۽ ڪميونسٽ نظريي جو پرچار ڪيو.
1940ع ۽ 1950ع واري ڏهاڪي ۾ توده پارٽيءَ ايران ۾ مزدورن ۽ هارين جي تحريڪن کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان پارٽيءَ نه رڳو ايراني سماجي نظام تي تنقيد ڪئي، پر سامراجي راڄ خلاف احتجاج پڻ ڪيو. 1953ع ۾ آمريڪا ۽ برطانيا جي مداخلت کان پوءِ وزير اعظم محمد مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. ان کان پوءِ محمد رضا شاهه پهلويءَ ٻيهر اقتدار سنڀاليو ۽ توده پارٽيءَ کي چٿي ڇڏيو.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ ايران جي صورتحال سنگين بحران واري بڻجي چڪي هئي. شاهه جي حڪومت ملڪ ۾ ساواڪ ذريعي انتقامي ڪارروايون شروع ڪيون، انهن جي نتيجي ۾ بيزاري، نفرت، عوامي ڪاوڙ ۽ معاشي اڻبرابري وڌي وئي. ان دوران توده پارٽي پنهنجي اثر هيٺ پورهيت طبقي ۽ ٻين پٺتي پيل طبقن جي مسئلن تي جدوجهد ڪئي. توده پارٽي دعوا ڪئي ته ايران ۾ حقيقي تبديلي ايستائين ممڪن نه آهي، جيستائين بادشاهت جو خاتمو نٿو ڪيو وڃي.
توده پارٽي شروع ۾ اسلامي انقلاب جي حمايت ڪئي. ان جو خيال هو ته هي ايراني انقلاب ذريعي ملڪ کي غاصب قوتن کان آزاد ڪرائيندا ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ قدم کڻندا. پر انقلاب کان پوءِ توده پارٽي ۽ نئين اسلامي حڪومت ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ لڳا. توده پارٽي سوشلسٽ حڪومت چاهي ٿي، جڏهن ته آيت الله خميني ۽ سندس حامي اسلامي قانون جي بنياد تي حڪومت هلائڻ ٿي چاهي. توده پارٽي پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ اسلامي حڪومت جي حمايت ڪندي رهي، پر جڏهن حڪومت سوشلسٽ عنصرن خلاف ڪاروائي شروع ڪئي ته توده پارٽي کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.
1979ع جو انقلاب ايران جي تاريخ جو هڪ اهم موڙ آهي، جنهن نه رڳو ايران پر سڄي وچ اوڀر جي سياست تي گهرا اثر ڇڏيا. ان انقلاب جي پويان مختلف عنصر ۽ قوتون هيون. انهن قوتن مان هڪ نمايان توده پارٽي پڻ هئي، جيڪا ڪميونسٽ نظرين تي مشتمل هئي. توده پارٽي ايراني سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر اسلامي انقلاب کان پوءِ ان جي قسمت ٻي ڪهاڻي آهي.
توده پارٽي جو بنياد جيئن ته، 1941ع ۾ رکيو ويو، جڏهن ايران تي اتحادي فوجن ٻي عالمي جنگ دوران قبضو ڪيو هو. هن جماعت جي بانين ۾ ايراني دانشور، مزدور ۽ ترقي پسند شامل هئا، جيڪي ان وقت جي شاهي حڪومت جي خلاف هئا. توده پارٽي پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ ايراني مزدور تحريڪ ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي ۽ عوام ۾ پنهنجو اثر و رسوخ وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. پارٽي مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ايران جي شاهه جي حڪومت خلاف ڪيترائي مظاهرا ڪيا. پارٽي پنهنجي طاقت وڌائڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا، جن ۾ شاگرد، مزدور ۽ هاري تنظيمون شامل هيون. بهرحال، هن جماعت کي ايران جي شاهه جي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو.
سي آءِ اي ۽ برطانوي انٽيليجنس جي مدد سان مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ ۽ محمد رضا شاهه پهلوي جي اقتدار جي بحاليءَ کان پوءِ توده پارٽي خلاف سخت ڪارروايون ڪيون ويون ۽ پارٽي جي ڪيترن اڳواڻن کي گرفتار يا جلاوطن ڪيو ويو. ان دٻاءُ جي باوجود پارٽي پنهنجون زير زمين سرگرميون جاري رکيون. 1970ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ جڏهن ايران ۾ سامراج مخالف تحريڪ زور ورتو ته توده پارٽي به ان تحريڪ ۾ حصو ورتو. جيتوڻيڪ ان وقت تائين پارٽيءَ جي طاقت ڪمزور ٿي چڪي هئي، پر اها سڄي انقلاب ۾ سرگرم رهي. توده پارٽي شاهه جي حڪومت خلاف مختلف احتجاجن ۾ شرڪت ڪئي ۽ عوام کي انقلاب جي حمايت لاءِ منظم ڪيو.
توده پارٽيءَ جي حڪمت عملي هئي ته انقلاب ذريعي سامراجي راڄ جو خاتمو ٿيڻ کان پوءِ پاڻ کي هڪ وڏي قوت طور پيش ڪيو وڃي. هن ان اميد سان اسلامي انقلاب جي حمايت ڪئي ته انقلاب کان پوءِ ڪميونسٽ نظريي کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو. پر، اها اميد پوري نه ٿي سگهي. ان جي اڳواڻ ۽ ڪارڪن عتاب ۾ رهيا. پر ان جي باوجود اهو نظريو ختم نه ٿي سگهيو، جنهن جو اظهار هن وقت ايران ۾ مخالف ڌر ۽ لبرل سياسي ڌرين طرفان، حجاب خلاف جدوجهد سميت مختلف صورتن ۾ نظر اچي رهيو آهي.

روزاني پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو