بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چي جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته تائيوان کي چين جو هر حال ۾ حصو بڻائينداسين. اسين اهو ڪم پرامن طريقي سان ڪنداسين پر اهو به ياد رکو ته چين جي علحدگي خلاف شاندار جدوجهد جي تاريخ آهي. سندس اهو بيان ان وقت آيو آهي جڏهن امريڪا تائيوان ۽ چين ۾ وڌندڙ ڃڪتاڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. چيني صدر جي بيان تي صدارتي ترجمان رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته تائيوان جو فيصلو هتي رهندڙ عوام ڪندو. اسين جنگ نٿا چاهيون پر پنهنجي آزادي جو ڀرپور دفاع ڪنداسين. ياد رهي ته گذريل هفتي دوران چين جي ڏيڍ سو جنگي جهازن تائيوان جي ايئرڊفينس ۾ اڏامون ڀريون آهين. چين جي آزادي جي 110هين تقريب جي موقعي تي چيني صدر جو لب ۽ لهجو جولاءِ جيان سخت نه هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته تائيوان چين جو آهي ۽ آزادي جا خواب ڏسندڙن کي چٿي ڇڏينداسين. چين ۾ انقلاب بعد 1910 ۾ بادشاهت ختم ڪئي وئي هئي. بعد ۾ ڪميونسڙ حڪومت دوران 1940 جي گهرو جنگ بعد تائيوان جو ٻيٽ چين کان کسيو ويو هو ۽ برطانوي ڪالوني رهيو ۽ معاهدي بعد چين کي واپس ملڻو هو.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو