لاهور (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش خلاف ٽن ميچن جي ٽي 20 سيريز لاءِ پاڪستان جي 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.سلمان علي آغا بنگلاديش خلاف سيريز ۾ قومي ٽيم جي اڳواڻي ڪندو.سيريز جا سڀئي ٽي ميچ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا، جڏهن ته ميچن جي شيڊول جو اعلان مقرر وقت تي ڪيو ويندو.فاسٽ بالر حسن علي، فخر زمان ۽ صائم ايوب قومي ٽيم ۾ واپس آيا آهن، جڏهن ته حسين طلعت، صاحبزاده فرحان ۽ فهيم اشرف کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.فاسٽ بالر نسيم شاهه ۽ محمد وسيم جونيئر به اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.عبدالصمد، جهانداد خان، عباس آفريدي کي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو، جڏهن ته فاسٽ بالر شاهين آفريدي ٽي 20 اسڪواڊ ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو.محمد علي، عمير بن يوسف، سفيان مقيم ۽ عثمان خان کي به ڊراپ ڪيو ويو ۽ اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان به اسڪواڊ جو حصو نه آهن.










