بلاول جي  رابرٽ بي ايڊر هولٽ سان ملاقات

بلاول جي رابرٽ بي ايڊر هولٽ سان ملاقات

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي هائوس آف ريپريزنٽيٽوز ريپبلڪن رابرٽ بي ايڊر هولٽ سان ملاقات ڪئي،ترجمان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ رابرٽ بي ايڊر هولٽ سان ناشتي کان اڳ منعقد ٿيل ملاقات ۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري تي بحث ڪيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ رياست الاباما مان چونڊيل رابرٽ بي ايڊر هولٽ ٻطرفي لاڳاپن جي واڌاري تي پڻ بحث ڪيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مختص ڪميٽي ميمبر رابرٽ بي ايڊر هولٽ بنيادي صحت ۽ تعليم سان لاڳاپيل مختلف تجويزن تي بحث ڪيو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ رابرٽ بي ايڊر هولٽ پارلياماني لاڳاپن کي وڌائڻ تي پڻ بحث ڪيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ رابرٽ بي ايڊر هولٽ جي وچ ۾ ملاقات ۾ سينيٽر اڪبر خواجه پڻ موجود هو.

پهنجو تبصرو موڪليو