لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن ايراني ڄائي برطانوي عورت نازنين زغاري ريٽڪلف کي فوري ۽ مستقل طور آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.ايران ۾ گرفتار برطانوي عورت نازنين زغاري ريٽڪلف کي آزاد ڪيو ويو آهي پر انکانپوءِ هڪ ٻئي الزام ۾ نازنين کي 14 مارچ تي عدالت گهرايو آهي.نازنين جي ڪٽنب چيو آهي ته کين خبر ناهي ته عدالت جي ٻيهر گهرائڻ جو مقصد ڇا آهي.ڪورونا وبا جي ڪري نازنين کي گذريل سال جيل مان ڪڍي تهران ۾ والدين جي گهر نظربند ڪيو ويو هو.نازنين زغري ٿامسن روئٽرز فائونڊيشن ۾ پرجيڪٽ مينيجر هئي، کيس اپريل 2016 ۾ تهران ايرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو بعد ۾ مٿس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوششن جا الزام هنيا ويا هئا ۽ عدالت هن کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.










