بدلاءُ ۽ نواڻ کي انفرادي توڙي اجتماعي طور ڪيئن رائج ڪجي؟

ليکڪ : جاويد سولنگي

اسان مان اڪثريت کي ان ڳالھ جو مشاھدو آھي ته پاڻي ۾ جيسيتائين وھڪرو رھندو تيسيتائين اھو استعمال جي قابل رھندو، جيئين ئي  ان جي وھڪري / روانيءَ ۾ ٺھراءُ آيو ته پوءِ اھو پاڻي ڌپ ڪندو. مان هتي واضح ڪندو هلان ته چنچن ۽ ڊيمن وارو پاڻي ان ڪري ڌپ ناهي ڪندو جو انهن مان پاني نڪرندو ۽ ايندو رهندو آهي. اھڙي طرح انفرادي، اجتماعي ۽ سماجي سطح تي بدلاءُ، تخليقيت ۽ نواڻ جي رواني به ضروري آھي ته جيئن سماج انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي جمود کان بچي ڪري فائديمند ثابت ٿئي. معاشري ۾ بدلاءُ، تخليقيت ۽ نواڻ کي سماج ۾ رائج ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي اڪيلي سر ۽ گڏيل طور پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان سماج کي پنهنجي لاءِ ۽ ايندڙ نسل لاءِ فائديمند بڻايون. سماج ۾ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تائين لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي بدلاءُ، تخليقيت ۽ نواڻ  کي سمجهڻ ۽ انھن کي انفرادي، اجتماعي ۽ معاشري جي سطح تائين  عملي جامو پارائڻ جي ضرورت آهي.

تبديلي جو لفظ اسان پنھنجي  زندگي ۾ ڪيترائي ڀيرا ڳالھائيندا ۽ ٻڌندا آھيون، پر حيراني جي ڳالھ اھا آھي ته ان تي عمل ڪرڻ ته پري جي ڳالھ، اسان ته ان جي مفھوم کي سمجهڻ کان ئي لاتعلق آھيون. “انفرادي، اجتمائي ۽ سماجي سطح تي موجوده حالات ۾ ڪنهن به قسم جي ڦير ڦار(Alteration) کي بدلاءُ / تبديلي (Change) چئجي ٿو“.

مثال طور. اسان وٽ اڄ به موروثي / ورثي ۾ مليل سياست سالن کان قائم دائم آھي ۽ بغير ڪنھن روڪ ٽوڪ جي ٿيندي پئي اچي، جتي قابليت جي بدران موروثيت جي بنياد تي فيصلا ڏنا ۽ ڪيا وڃن ٿا، يا آفيسر شاهي به ان جو ھڪ ٻيو مثال آهي، پنھنجا نورازي، سفارش، رشوت ۽ جتي عوام جي طرف ذميوار  ھجڻ جو ڪو احساس ئي ناهي. ھي نظام بہ معاشري لاءِ بدبودار ۽ ھاڃيڪار بڻجي ويو آهي ۽ ڏينھون ڏينهن سماجي، معاشي، قابليت، ترقي جي تباھي ۽ تعليم جي بربادي جو سبب رھيو آھي. ان قسم جي برجن کي ڪيرائي ان جي جڳهه تي لاڀائتي نطام کي رائج ڪرڻ کي اسان بدلاءُ سڏيو ٿا.  “تخليقيت ھڪ اھڙو عمل آهي جنهن جي ذريعي اُتم درجي جا خيالات پنھنجي، معاشري جي لاڀ لاءِ پيدا ۽ لاڳو  ڪرڻ،  ناڪاري سوچ کي ختم ڪري، مثبت سوچ ڏانھن راغب ٿيڻ، نت نوان آئيڊيا ۽ نظريا، سوچ ۽ خيال ڏيڻ کي تخليقيت چئجي ٿو “. انسان پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ مڪمل ڪائنات به آھي، جڏھن ھو ڪنھن ڪم جي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ٿو ته پوءِ ھو ھڪ ڪھڪشان کان ٻئي ڪھڪشان جو سفر به پنھنجي تخليق جي ذريعي مڪمن ڪري ڇڏي ٿو.

“تخليقي سوچ / خيال کي عملي جامو پارائڻ واري عمل کي نواڻ (Innovatio) چئجي ٿو“. نواڻ  ننڊي سطح کان به آڻي سگهجي ٿي. ٻن محرڪن / سببن جي ڪري انفرادي، اجتماعي ۽ سماجي سطح تي تبديلي، تخليقيت ۽ نواڻ اچي سگهي ٿي. هڪ  ظاھري محرڪ ۽ ٻيو  باطني محرڪ. ظاھري سبب جي ڪري تبديلي، تخليقيت ۽ نوان رائج ڪرڻ، ڪڏھن ڪڏھن انسان ٻين کان يا وري حالات کان متاثر ٿي ڪري انفرادي، اجتماعي ۽ سماجي سطح تي بدلاءُ، تخليقيت ۽ نواڻ آڻيندا آھي ته جيئن ھو انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي دنيا سان وک وک سان ملائي ھلي ته جيئن ھو پنھنجو پاڻ کي ۽ معاشري کي دنيا سان مقابلو ڪرڻ جي قابل ٿئي. اسان جي معاشري ۾ تمام گهٽ ماڻهو ظاھري سبب جي ڪري انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي تبديلي، تخليقيت ۽ نواڻ آڻڻ جي لاءِ پاڻ پتورين ٿا جڏھن تہ گهڻا ئي ماڻھون  بيٺل پاڻي جي مثل آھن.  اڄ جو دور انفارميشن ٽيڪنالوجي جو دور آهي ۽ جيڪڏھن اسان کي دنيا سان مقابلو ڪرڻو آهي ته پوءِ اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي I.T جي ميدان ۾ مھارت حاصل ڪرڻي پوندي. اھا تبديلي ٻاھر واري دنيا  سان گڏ ھلڻ واسطي رائج ٿئي ٿي. ان تبديلي جي ڪري انفرادي طور، اجتماعي طور تخليقيت، نواڻ جو اچڻ اڻٺر آهي. باطني / اندروني سبب جي ڪري تبديلي رائج ڪرڻ لاءِ اندروني تبديلي، تخليقيت ۽ نواڻ جو تعلق سوچ ۽ روين تي دارومدار رکي ٿي ته سماج ۾ انفرادي طوري اجتماعي سطح تي سوچ ۽ رويا ڪئين آھن. مثال طور اسان اڪثر ٻڌنڌا آھيون ته نياڻي پڙهي ڪري ڇا ڪندي، ڪھڙو اسان ھن کي نوڪري ڪرائينداسين/ نوڪريون ته ملن ڪون ٿيو اولاد کي تعليم ڏيارڻ مان ڪھڙو فائدو. ان کان ڀلو آهي ته  اولاد  ڪو پورھيو ڪري پھنجي پيٽ سان گڏوگڏ گهر وارن جو  پيٽ به پالي. تعليم جي قرباني ڏئي ڪري اولاد کان ڪم وٺڻ ۽ نياڻين کي تعليم جو حق نه ڏيڻ قانونن جرم به آھي ته شرعي اصولن جي به خلاف آھي ۽ ناڪاره سوچ جو عڪس به آهي. جڏھن سماج انفرادي طوري اجتماعي سطح تي ان قسم جي خيال کي ترڪ ڪري نياڻين کي تعليم جي زيور سان طاقتور بڻائي ٿو ته ان قسم جي تبديلي کي اسان باطني تبديلي سڏيو ٿا. بدلاءُ، تخليقيت ۽ نواڻ انفرادي طوري اجتماعي سطح تي سوچيل سمجھيل منصوبي تحت يا وري اوچتو حالات کي ڏسي ڪري به رائج ڪري سگهجي ٿي.

بدلاءُ، تخليقيت ۽ نواڻ اختيار ڪرڻ جو عمل

سڀ کان پھرين ته پنھنجو پاڻ کي جسماني ۽ ذھني طور تيار ڪرڻ تہ مان پنھنجو پاڻ ۾ انفرادي حوالي سان ۽ اجتماعي سطح تي سماج  ۾ بدلاءُ، تخليقيت ۽ نواڻ ضرور آڻيندس ۽ ان تي عمل به ڪندس. انسان جو ذھن ان جي سوچ مطابق عمل ڪندو آهي. جيڪڏهن اسان ڪنهن ڪم / عمل کي سرانجام ڏيڻ لاءِ پڪو ارادو ڪنداسين ۽ ان تي عمل  ڪنداسين تہ پوءِ اسان جو جسم ۽ اسان جو ذھن به اسان جو ساٿ ڏيندو، پر جيڪڏھن اسان ناڪاري سوچ يا رويو اختيار ڪنداسين ۽ چونداسين ته “اھو ٿي ئي نٿو سگهي، اھو ناممڪن آھي” ته پوءِ يقين ڪريو ته اھو ڪم ڪڏھن به نه ٿي سگهندو. ھميشه مثبت سوچ کي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ ھر وک اڳتي وڌائڻ لاءِ  کڻڻ گهرجي. جڏھن اسان  انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي شروعات ئي مثبت ڪنداسين تہ پوءِ بدلاءُ، تخليقيت ۽ نواڻ اسان جو ھر ھنڌ آڌرڀاءُ ڪندي.

بدلاءُ، تخليقيت ۽ نواڻ ۾ رڪاوٽ جا ڪارِڻَ

ان عمل ۾ ذاتي مفاد خود غرضي 2 وڏا ڪارن آهن. اڪٽر اسان اھو سوچي ڪري ڪنهن به ڪم جي شروعات نه ڪندا آهيون ته ان ۾ مون کي ڪھڙو فائدو حاصل ٿيندو. اسان پاڻ کي پاڻ تائين محدود رکندا آھيون، جيڪڏھن اسان کي ان عمل جي نتيجي ۾ ڪو فائدو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته پوءِ اسان ان ڪم جي شروعات ڪندا آهيو. مطلب ذاتي مفاد واري سوچ اسان کي پ سماج کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي ۽ بدلاءُ، تخليقيت ۽ نواڻ کان لاتعلق ٿي ڪري پري بيھاريو آھي. ته متان ان عمل جي ڪري ڪنهن ٻئي کي فائدو حاصل ٿئي. خاص ڪري جڏھن ڪا ڳالھ معاشري لاءِ لاڀائتي ھجي. سنڌي جي چوڻي مطابق “پڇڻا نه منجهڻا”، اسان ڪو عمل فقط ان ڪري سرانجام نه ڏيندا آھيو ته اسان کي ان عمل جي باري ۾ گهٽ ڄاڻ ھوندي آهي  ۽ نه ئي وري ان جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. ان سستي ۽ لاعلمي جي ڪري اسان انفرادي توڙي اجتماعي  سطح تي بدلاءُ، تخليقيت ۽ نواڻ کان محروم رھجي وڃون ٿا.  شڪ ھڪ اھڙي بلا آھي جيڪا اسان جي صلاحيتن کي انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ڏنگيندو رھي ٿو، جنھن جي نتيجي طور ھو پاڻ سان گڏوگڏ بدلاءُ، تخليقيت ۽ نواڻ کي بہ معاشري لاءِ زھر آلودا بڻائي ٿو ڇڏي. معاشرو اصل ۾ مختلف  فردن جي مختلف خيالن، سوچن، رھڻي جو ميلاپ جو نالوآهي. ھر فرد پنھنجي سوچ مطابق معاشري ۾ زندگي گذاري ٿو، معاشري جي ترقي، بدلاءَ، تخليقيت ۽ نواڻ لآءَ سوچ جو ھم خيال ھجڻ ضروري آھي. ان جي شروعات اسان پنھنجي ذات کان، پنھنجي پاڙي کان، پنهنجي ڳوٺ کان ھڪ جھڙي سوچ رکندڙ دوستن يا ڳوٺ وارن سان گڏجي ڪري سگهجي ٿي، پوءِ ڇونہ اھا پنهنجي گهر، گهٽي جي صفائي سان ڪجي، يتيم ٻارن کي تعليم ڏيڻ سان ڪجي، وڻن پوکڻ جي مھم سان ڪجي. ھي شروعات ڳوٺ، يوسي، تعلقي، ضلعي ۽ آخر ۾  صوبي جي سطح تائين ڪري سگهجي ٿي. اچو تہ ھن جمود جي  شڪار معاشري ۾  اميد جو ڏيئو روشن ڪريو . ھن ڪم جي شروعات ۾ تڪليفون، رنڊڪون، رڪاوٽون ضرور اينديون پر سڃاڻا چئي ويا آھن “محنت جو ڦل ڏاڍو مٺو ھوندو آھي”.jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو