طفيل مگسي
وچ اوڀر ۾ هڪ ڀيرو وري نيئن امريڪي فرعون ٽرمپ جي ڪري هڪ نئين جنگ چڙڻڻ جا اثار ڏيک ڏئي رهيا آهن۔يعني نئين امريڪي فرعون ٽرمپ ايران کي خطي ۾ ڪمزور ڪرڻ جي لاء مٿس حملي ڪرڻ جي ڏمڪي ڏني آهي ۽ فرعون جو چوڻ آهي ته ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام بند ڪري ۽ امريڪا سان هڪ نئون معاهدو طئي ڪري۔نه ته ايران کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا۔ٻيئي پاسي وري ڪنهن جي اڳيان نه جهڪندڙ ايران امريڪي فرعون کي کتو جواب ڏنو آهي ته امريڪا جي ڳاله مڄڻ ته پري جي ڳاله آهي بلڪ هو امريڪا سان سڌيون ڳالهيون ڪرڻ به نٿو چاهي۔تازو ي تي حملو ” maximum pressure ” واري پايسي جو نتيجو لڳي ٿو ته جيئن ايران جي آس پاس گهيرو تنگ ڪري سڱهجي۔
امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تازي چڪتاڻ جي مڪمل ذميواري امريڪا تي پوي ٿي۔چاڪاڻ ته ٢٠١٥ء اوبامه جي دور ۾ ايران ۽ امريڪا جي وچ ۾ ايٽمي پروگرام جي حوالي سان هڪ معاهدو طئي ٿيو هو۔جنهن جي اقوام متحده جي مطابق ايران مڪمل پاسداري ڪئي هئي۔ليڪن ٢٠١٨ء ۾ ٽرمپ هڪ طرفي طور تي ان معاهدي کان علحيدگي جو اعلان ڪري چڏيو ۽ ايران تي خوفناڪ اقتصادي پابنديون
هڻائي چڏيون ۽ اڻي معاهدي کي بنياد بڻائي ڪري ايران تي حملي جي تياري ڪئي پئي وڃي۔گڏوگڏ ان مڪروه راند ۾ امريڪا ۽ اسرائيل جا ڪهڙا ناپاڪ ارادا آهن؟
انهيء سوال جو جواب تاريخي پسمنظر ۾ ڳولڻو پوندو۔ٻي جنڱ عظيم کانپوء ايران جو رول وچ اوڀر ۾ خليجي رياستن جيان هو۔هڪ ته اهو خطي ۾ سوويت يونين ۽ ٻين سوشلسٽ قوتن جي خلاف امريڪي اڏي جي طور تي ڪم ڪندو هو۔ٻيئي پاسي اوه جي ڪوشش هئي ته وچ اوڀر جو تيل خطي جي اندرين معشيت کي بهتر ڪرڻ جي بجاء امريڪي ۽برطانوي ڪمپنين جي تسلط هيٺ رهي۔اهوئي سبب آهي ته جڏهن ايران ۾ محمد مصدق جي حڪومت ١٩٥١ء چونڊي ۽ هن تيل جي ڪمپنين کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جي همت ڪئي ته انهن
ڪمپنين سي آئي اي ۽ ايم١٦ سان گڏجي ١٩٥٣ء ۾ مصدق جو تختو اونڌو ڪري چڏيو۔ان کانپوء شاه جي آمريت قائم ٿي۔افسوس آهي ته ڪجه ليبرل اڄ ان آمريت جو دفاع ڪن ٿا۔جڏهن ته حقيقت ۾ اهو امريڪا جي تسلط هيٺ بدترين دور هو۔جنهن ۾ دانشورن کان وٺي ڪري شاگرد ۔عورتون۔هاري ۽ مزدور اڳواڻن تي”سوشلسٽ”هئڻ جو الزام هڻي ڪري هزارين ماڻهن جو قتل عام ڪيو۔شاه ۽ امريڪا جي خلاف وڏي پيماني جي نفرت سبب ئي ١٩٤٨ء ۾ آيت الله خميني حڪومتي تختو اونڌو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو۔
اها امريڪا جي مڪار منهن تي وڏي چماٽ هئي ۽ ان جو جواب تشدد جي وسيلي ڏنو ويو۔١٩٨٠ء ۾عراق ۾ صدام حسين کي استعمال ڪري ايران تي حملو ڪرايو ويو ۽ امريڪا ۽ يورپي ملڪن سان گڏ وگڏ عراق کي خليجي رياستن جي حمايت به ڏياري وئيصدام حسين پنهنجي وقت جو ريلينسڪي هو۔جنهن کي امريڪا خطي ۾ تباهي جي لاء استعمال ڪرڻ جي لاء ڪيميائي هٿيار پڻ ڏنا۔ليڪن١٩٩٠ء ۾ انهيء “هيرو”تي بدترين اقتصادي پابنديون هنيون ويون۔جن جي سبب کان هزارين عراقي ٻارڙا مارجي ويا۔ليڪن عراق جي ڀيٽ ۾ ايران ايران ڪمڏور نه ٿيو ۽٠٩جي ڏهاڪي ۾ هن پنهنجي لاء متبادل واپاري موقعا ڳوليا۔جن ۾ چين۔روس۔لاطيني امريڪا ۽ ڪجه يورپي ملڪ سرفهرست هئا۔هوريان هوريان ايران جي وڌندڙ اقتصادي ۽ فوجي طاقتون خطي ۾ امريڪي نواز خليجي رياستن ۽ اسرائيل جي لاء پريشاني جو سبب بنجڻ شروع ٿي ويون۔
١١/٩کانپوء امريڪا افغانستان کانسواء عراق۔ايران ۽ اتر ڪوريا کي axis of evil لقب ڏنو۔اتر ڪوريا وٽ جوهري هٿيار موجود هئا ان ڪري انهيء تي حملي ڪرڻ جو امريڪا سوچي به نٿي سگهيو هو۔اسرائيلي حاڪمن جو چوڻ هيو ته ايران تي حملو ڪيو وڃي۔ليڪن جارج بش جي ٽيم جو خيال هيو ته عراق تي حملو ڪري امريڪا ايران کي به ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو۔ليڪن حقيقت ۾ ان جي ابتڙ ٿيو۔٢٠٠٣ء جي عراق تي حملي کانپوء امريڪي قڀضي جي دوران ايران نواز گروه جن کي صدام وڌڻ نه ڏيندو هو۔اهي امريڪي مخالف مزاحمت جو به حصو بڻيا ۽ عراقي حڪومت کي به ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔انهيء دوران خزب الله به پنهنجي فوجي طاقت مضبوط ڪري ورتي ۽ ٢٠٠٦ء پهريون ڀيرو لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت کي تاريخي شڪست ڏني۔ساگئي سال فلسطين ۾ ايران جي حمايت يافته حماس اليڪشن کٽي ورتي۔جڏهن ته ان دوران ڪيوبا جي فيڊل ڪاسترو ۔وينزويلا جي هوگو چاويز ۽ٽين دنيا جي انهن سڀني ليڊرن جن جو امريڪا سان ٽڪراء هو ايران جي ويجهو ٿيڻ شروع ٿي ويا۔ان جو بنياد نظرياتي هڪجهڙائپ نه هئي بلڪ عملي سياست جون گهرجون هيون۔جيڪي امريڪي مخالف ڪيمپ کي جوڙڻ تي مجبور ڪري رهيون هيون۔
٢٠٠٦ء ۾ حماس تي پابندين ۔غزه تي مسلسل بمباري ۽ نسل ڪشي۔شام تي پابنديون ۽ بمباري۔لبيا تي بمباري ۽ نسل ڪشي لبنان تي بمباري ۔يمن تي بمباري۔عراق تي قبضو۔مصر ۽ بحرين ۾ آمريت ۽ اسرائيلي توسع پسندي ان سموري راند جو حصو آهي جنهن ۾ ڪنهن به متبادل قوت کي جيڪا امريڪي ۽ اسرئيلي مفادن کي چيلينج ڪري چٿو وڃي۔،ان اڳ به ڪافي ڀيرا لکي چڪو آهيان ته امريڪا جي هينئر نه خواهش آهي ۽ نه ئي هو ان پوزيشن ۾ آهي ته هو ڪنهن ملڪ کي ترقي ڏياري سگهي۔يوڪرائن کان وٺي ڪري افغانستان ۽ وچ اوڀر کان وٺي ڪري لاطيني امريڪا تائين هو فقط فوجي طاقت جي وسيلي انهن رياستن ۽ گروهن کي جيڪي هن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيون يعني اها پاليسيdestruction without reconstructio آهي ۔جنهن ۾ فوجي طاقت جي وسيلي ٽين دنيا جي معاشرن جي گڏيل محنت کي تباه ڪيو ويندو۔جيئن لبيا ۽ شام ۾ ڪيو ويو۔جن کي اڄ تباه ڪري ١٩٥٠ء جي development indicators تائين تائين پهچايو ويو آهي۔يعني گذريل ٥٧ سالن جي انهن جي محنت وڃائي وئي آهي۔ساڳيوئي مامرو هاڻي ايران سان جوڙڻڻ چاهي ٿوجنهن کي ڪڏهن جهموريت ۽ ڪڌهن “عورتن جي حقن ” وارا چادر ۾ ويڙهي ڪري اولهائين مميڊيا ۾ وڪرو ڪيو ويندو۔ ۽ان خوفناڪ ۽ وحشي پاليسي جو آخري نشانو چين جي تباهي هوندو ته جيئن ڪو متبادل سامهون نه اچي سڱهي۔
انهن سڀي ڳالهين جو پاڪستان تي ڪهڙو اٽر پوندو؟سڀ کان اڳ اڳته اهو لاڙو اڄ به موجود آهي جيڪو جنگين کان فائدو کءي ٿو۔جيڪڏهن پاڪستان کي هڪ ڀيرو وري پراڪسي بڻايو ويو ته ڊالرن جي برسات ٿيندي ۽ جنگي ڪاروبار وڌيڪ مضبوط ٿيندو۔ٻيئي پاسي بلوچستان جون حالتون وڌيڪ ڏکيون ٿينديون چاڪاڻ ته ان جنگ جو سڀ کان وڏو اثر پاڪستان ايران بارڊر تي پوندو جنهن جي سبب کان فوجي ويڙه ۾ شدت اچڻ امڪان آهي۔چوته آخري نشانو چين آهي۔ته ان سان گڏ خيبر پختون خواه ۾ جهاد جو ڊرامو وري ورجايو ويندو ۔جنهن جي وسيلي افغانستان ۽ سينٽرل ايشيا ۾ سنڪياڪ جي ” قومي آزادي”جي لاء بين الاقوامي جهاد ڪيو وڃي۔جنهن جو بندوبست هينئر کان سي آئي اي ڪري رهي آهي۔ان سان گڏ پجناب ۽گلگت بلستان ۾ فرقيواريت واري چڪتاڻ به وڌي سگهي ٿي جنهن سان رتوچاڻ به وڌندي ۽ عوامي ٻڌي به مشڪل ٿي ويندي۔
اسان جي لاء ضروري آهي ته ملڪ ۾جنگ مخالف محاذ بنائڻ سان گڏوگڏ عالمي صورتحال تي ماڻهن کي خبروار ڪيو وڃي۔ان کي ڪو فرقيواريت جو ايشو نه بڻايو وڃي بلڪ امريڪا جي هن خطي ۾ گذريل ٨٠ جي پاليسي جو تسلسل ۽ ان جي بحران جي طور تي ڏٺو وڃي۔گڏ ئي اهو به ضروري آهي ته ننڍڙين شاخن ورهائجي ڪري مزاحمت اسان کي نه صرف غير فعال ڪري چڏيندي بلڪ بدلجندڙ دبيا ۾ لاشعوري طور تي غيرن جو نمائندو بڻائي چڏيندي۔جيڪڏهن اندرين ۽ ٻاهرين هٿياربندن سان مقابلو ڪرڻو آهي ته اهو ڪشادي اتحاد ۽ ڪشادي سوچ جي وسيلي ئا ممڪن آهي۔تاريخي پسمنظر ۾ هن خطي ۾ امريڪي جنگين جي مخالفت ۽ انهن جي خلاف جدوجهد ئي اڄ اسان جو اولين تاريخي فرض آهي۔
امريڪا اسان جي خطي جي لاء هڪ جنگي ۽ تباه خال مستقبل جو نقشو ڪڍي چڏيو آهي۔هاڻي اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان انهن موت جي سوداگرن سان ڪيئن مقابلو ڪريون ٿا۔تاريخ ان مقام تي اسان کي وٺي آئي آهي ته اسان هاڻي نيوٽرل نٿا رهي سگهون ۔امن يا بربريت۔ترقي يا جنگ۔ٻڌي يا نفرت ۔اهي ئي آپشن موجود آهن۔گڏوڱڏ هڪ ٻي ڳاله کي به ذهن نشين ڪرڻ کپي ته تازو امريڪا پاڪستان جي سرڪار تي به دٻاء وجهي رهي آهي ته اها چين ۽ ايران سان پنهنجو رشتو ٽوڙي ۽ گڏ ئي جيڪب آباد ۽ بلوچستان جا هوائي اڏا امريڪا جي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن ايران کانپوء چين کي به سوڙهو ڪري سگهجي۔اڳتي ڏسون ته چا ٿو ئٿي؟










