ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان جي وقتي بچاءَ واري وزير ملا يعقوب مجاهد چيو آهي ته سندس ملڪ ڪنهن جي فوج يا معيشت تي دارومدار ناهي.افغانستان جي يوم آزادي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي افغان بچاءَ واري وزير عالمي قوتن کي پيغام ڏنو.ملا يعقوب چيو ته افغانستان ڪنهن جي معيشت، فوج ۽ سياست تي دارومدار ناهي، ڪجهه ملڪ چاهين ٿا ته مختلف سببن جي ڪري سندن مطالبا تسليم ڪيا وڃن، پر اسان اهو چوڻ چاهيون ٿا ته ملڪي مفاد ۽ مذهب خلاف ڪو به مطالبو ناقابل قبول آهي.افغان بچاءَ واري وزير چيو ته اسان پنهنجي ملڪ جي مامرن خلاف ڪنهن جي خواهش کي قبول نه ڪنداسين، هاڻي افغانستان حقيقي طور تي آزاد آهي.ان موقعي تي افغانستان جي پناهگيرن واري وزير خليل الرحمان حقاني چيو ته افغانستان ۾ اسلام ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت کي روڪيون ٿا، اسان وٽ زمين، اندروني معاملا، روايتون ۽ ثقافت آهي، اسان انهن تي تاريخي طور تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو آهي.










