آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ وڏي واڌ

آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ وڏي واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت ڪاروباري رجحان جاري آهي.ڪاروباري هفتي جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 2 رپيا 65 پئسا گهٽتائي سان 237 رپيا ٿي وئي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به مثبت ڪاروباري رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ 100 انڊيڪس 345 پوائنٽس جي واڌ سان 40965 تي ٽريڊنگ ڪري رهيو آهي.ياد رهي ته 23 سيپٽمبر تي 16 ڏينهن کانپوءِ پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 6 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو