ادارن کي غير جانبدار ڏسڻ چاهيون ٿا، ٻن ڏينهن ۾ استعيفيٰ کپي، مولانا

ادارن کي غير جانبدار ڏسڻ چاهيون ٿا، ٻن ڏينهن ۾ استعيفيٰ کپي، مولانا

اسلام آباد (اياز مهر) مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪارڪن موجود رهن ٻن ڏينهن ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ نه آئي ته فيصلو هتي ئي ڪنداسين. عوام تي حڪمراني جو حق عوام جي چونڊيل نمائندن کي آهي ڪنهن اداري کي ناهي. هي قومي اجتماع آهي جنهن ۾ سڄي ملڪ جي قيادت موجود آهي، اسين عوام جي مرضي جو نظام چاهيون ٿا. جيڪو سڀني لاءِ انصاف ڀريو هجي. اسنجو هڪ ئي مطالبو آهي ته 25 جولاءِ تي ٿيل فراڊ اليڪشن کي نٿا مڃون ڇو ته اهو بدترين ڌانڌلي جو نتيجو هو. هن چيو ته اسانکي چون ٿا ته ڪشمير تي ڇڪتاڻ آهي جلسو نه ڪريو، ٻئي پاسي پاڻ ڪرتار پور کولي هندوستان سان دوستي پيا وڌائن. هنن حڪمرانن ڪشميرين کي مودي جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.

فوٽو ٽوئٽر

اسين ڪشميرين سان گڏ آهيون عوام ڪشميرين سان گڏ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي معيشت تي مغربي نانگ ويهاريا ويا آهن ته معيشت ڪيئن ٺيڪ ٿيندي. اسانکي اسلامي معيشت ئي بهتري ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي. هن چيو ته ڪرپشن بابت عالمي اقتصادي فورم جي رپورٽ آئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي. هن چيو ته ميڊيا تان پابندي هٽايو نه ته اسين به ڪنهن پابندي مڃڻ جا پابند نه هونداسين. هن خبردار ڪيو ته اسين پرامن ماڻهو آهيون تنگ نه ڪريو نه ته اسانجو هي عوامي سمنڊ وزيراعظم کي گهران گرفتار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اسين پاڪستان جي ادارن کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا پر انهن کي غير ذميوار به ڏسڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن اسان محسوس ڪيو ته هن ناجائز حڪومت جي پويان ادارا آهن ته ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيون ٿا جنهن بعد اسين ان باري ۾ فيصلو ڪنداسين.

جي يو آءِ جي اسلام آباد واري جلسي جو ڏيک ، فوٽو توئٽر

هن چيو ته اڄ استادن کي سڙڪن تي گهليو ٿو وڃي، ٿاڻن ۾ عورت استادن کي ذليل ڪيو ٿو وڃي، پشاور جا ڊاڪٽر جيڪي عوام جو علاج ڪن ٿا اڄ اهي ڊاڪٽر دربدر آهن، وڪيل، صحافي سڀ پريشان آهن. اسين وڌيڪ صبر نٿا ڪري سگهون، ٻن ڏينهن م ادارا پنهنجو فيصلو ڪن. ان دوران جلسي مان ڊي چوڪ ڊي چوڪ جا نعرا هڻندا رهيا. مولانا چيو ته اسين اوهان جي ڳالهه ٻڌي آهي. اسان جن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا اهي به ٻڌن.حڪومت استادن، تاجرن، ڊاڪٽرن ۽ ٻين جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن. مولانا سڀني سياسي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته هن سليڪٽيڊ حڪومت کي عوام تسليم نٿو ڪري، هي ڪهڙي جمهوريت آهي ته 70 سالن ۾ ملڪ ۾ هڪ ڀيرو به شفاف چونڊون منعقد نه ٿي سگهيون آهن. هن چيو ته هڪ ادارو جنهن جو ڪم سيڪورٽي جوآهي اهو شفاف چونڊون نٿو ٿيڻ ڏي، پولنگ ۾ اندر فوج مقرر ٿئي ٿي. هن چيو ته جڏهن ملڪ ۾ سيڪورٽي جي ضرورت هئي ان وقت پولنگ ۾ فوج ڇو بيٺي هئي. هي فوج اسانجي آهي هن کي چونڊن سبب تڪراري ٿيڻ نه ڏينمداسين، هي ڪهڙي آزادي آهي، ڪهڙي جمهوريت آهي، جتي ميڊيا به آزاد ناهي، اپوزيشن جي ڪوريج تي پابندي آهي، هي ڪهڙي قسم جي آزادي آهي. ميڊيا ۾ ڪلڀوشن جو انٽرويو ته هلي سگهي ٿو، دهشتگردن جا انٽرويو ته هلن ٿا سياستدانن جا نٿا هلي سگهن. هي ڪهڙي جمهوريت آهي ڪهڙي آزادي آهي؟ هي ڪهڙو نئون پاڪستان آهي، ان کي نٿا مڃون. اسانجي وزير خزانه جو فيصلو آءِ ايم ايف ٿو ڪري ته معيشت ڪيئن آزاد ٿيندي. هن چيو ته حڪمرانن ڪشمير جو سودو ڪيو آهي جيڪو اسين قبول نه ڪنداسين. بلاول گو سلڪيٽڊ گو جا نعرا به هڻايا.

مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شهباز شريف چيو ته عمران خان جادو ٽوڻي سان حڪومت پيو هلائي، معيشت جو ٻيڙو غرق آهي، اسانکي 6 مهينا حڪومت ملي ۽ الله موقعو ڏنو ته معيشت ٺيڪ ڪري ڇڏيندس جيڪڏهن نه ڪري سگهان ته منهنجو نالو عمران نيازي رکيو وڃي. هن چيو ته نئين پاڪستان کان پراڻو پاڪستان بهتر هو. هن چيو ته جيتري سپورٽ موجوده حڪمرانن کي ادارن جي آهي اسنکي ان جي 10 يا 15 سيڪڙو برابر به هجي ها ته ملڪ کي آسمان تي پڄائي ڇڏيون ها. ان کان اڳ هزارين ماڻهن جي جلوس ۾ جمعي نماز ادا ڪئي وئي جنهن بعد سياسي اڳواڻن جي آمد شروع ٿي وئي. شهباز شريف، خواجا آصف، احسن اقبال، رانا تنوير ۽ ٻيا موجود هئا. عبدالمالڪ بلوچ، محمود خان اچڪزئي، سيد نيئر بّاري، ميان افتخار موجود هئا. عبدالغفور حيدري چيو ته لبناني وزيراعظم کي حياءُ هو تڏهن هن استعيفيٰ ڏني پر هتي حياءُ ناهي. ياد رهي ته آزادي مارچ جا قافلا خميس تي اسلام آباد پهچڻ شروع ٿيا هئا. مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ قافلو پشاور موڙ اڌ رات بعد پهتو. هن چيو مارچ ۾ شريڪ ساٿين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته جمي نماز بعد جلسي ۾ هو حڪومت کا مطالبن جو اعلان ڪندو. ان کان اڳ عوامي نيشنل پارٽي جو اڳواڻ اسفند يار ولي ڪارڪنن سميت پهتو. هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته رهبر ڪميٽي جو فيصلو هو ته 31 مارچ تي اسلام آباد پهچنداسين ۽ جلسو به ٿيندو. اسين پنهنجو جلسو ڪريون پيا، باقي ٻين جي پنهنجي مرضي آهي. هن چيو ته مونکي خبر ناهي ته ان ۾ تبديلي ٿي آهي، اسين پنهنجي فيصلي موجب اچي ويا آهيون. آچ جمع تي 3 وڳي جلسي کي بلاول ڀٽو زرداري، شهاباز شريف ۽ ٻيا اڳواڻ به خطاب ڪندا.

مولانا جو قافلو به اسلام آباد پهچي ويو آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن مريم اورنگزيب ۽ احسن اقبال چيو آهي ته تيزگام سانحي سبب جلسو سڀاڻي جمعي نماز بعد ٿيندو، هنن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موجود رهن. مولانا جو چوڻ آهي ته جلسو ملتوي ناهي ٿيو فيصلو اسلام آباد پهچڻ بعد ٿيندو. مارچ به ٿيندو، جلسو به ٿيندو، ڌرڻو به لڳندو سڀ ڪجهه ٿيندو.

دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته معاهدي جي خلاف ورزي ٿي ته حڪومت ذميوار نه هوندي. وزير داخلا برگيڊيئر اعجاز شاهه چيو ته قانون هٿ ۾ کنيو ويو ته پوليس ذميواري نڀائڻ لاءِ تيار آهي. مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته قافلا پهچڻ ۾ دير ٿي وئي آهي ان ڪري رات دير تائين پهچندا ان ڪري جلسو سڀاڻي جمعي بعد ٿيندو. جمعي جي نماز مولانا فضل الرحمان پڙهائيندو جنهن بعد جلسو ٿيندو. اڪردم دراني چيو ته شهباز شريف جي طبيعت ٺيڪ ناهي جلسو جمعي نماز بعد رکو. فرحت الله بابر چيو ته طئي ٿيو هو ته جلسو 31 تي ٿيندو ان حساب سان اسين پهرين نومبر تي رحيم يار خان ۾ جلسو رکيو آهي. هاڻي به بلاول سڀاڻي شرڪت ڪري بعد ۾ رحيم يار خان نڪري ويندو. بظاهر ائين پيو لڳي ته اپوزيشن ۾ اتفاق راءِ ناهي، لاهور ۾ ميان شهباز شريف جلسي ۾ ويو نه وري مولانا سان مليو. اپوزيشن ۾ بظاهر نظر ايندڙ اختلافن بابت اڪرم خان دراني چيو ته ڪجهه غلط فهميون ٿي سگهن ٿيون.

لاهور کان اسلام جو سفر

مولانا جو ڪراچي کان لاهور تائين جو سفر

پهنجو تبصرو موڪليو