سيد يوسف شاھہ
تازو پيپلزپارٽيءَ جي صدر نثار کھڙي چيو آھي تہ ” آئين کي ٽوڙڻ بنا ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو نٿو ٿي سگهي ۽ جمھوريت جي ھوندي آئين ۾ صدارتي نظام يا قومي حڪومت جي ڪابہ گنجائش نہ آھي.“ ھن اھو بہ چيو تہ 18 ترميم ۾ آئين ٽوڙيندڙن کي آرٽيڪل 6 جو مرتڪب قرار ڏنو ويو آھي تنھنڪري صدارتي نظام جون ڳالھيون ڪندڙ ”آئين جي ڀڃڪري جا مرتڪب“ نہ ٿين پر سوال اھو آھي تہ ملڪ ۾ آئين نافظ ٿيڻ جي فقطچئن سالن اندر جنرل ضياءَ ملڪ جي مقبول ترين جمھوري حڪومت تي راتاھو ھڻي نہ فقط چند ”صفحن جي ڪتاب“ جنھن کي آئين چيو وڃي ٿو، ڦاڙي ڦٽو ڪيو پر ملڪ جي پھرئين چونڊيل وزيراعظم جو عدالتي قتل بہ ڪري ڇڏيو ان وقت بہ آرٽيڪل 6 موجود ھو پر جنرل ضياءَ کي ڦاھيءَ تي لٽڪائڻ بدران وقت جي پارليامينٽ سندس سمورن غير آئيني قدمن کي ”آئيني تحفظ“ ڏيئي ڇڏيو. پرويز مشرف بہ آئين ٽوڙيو پر اوھان جي ”جمھوري حڪومت“ ۾ ئي کيس وڏي پروٽوڪول سان سلامي ڏيڻ کان پوءِ ملڪ مان ڀڄڻ لاءِ محفوظ رستو ڏنو ويو. نثار کھڙي اھو بہ چيو تہ ” پيپلز پارٽي آصف زرداريءَ جي قيادت ۾ 18 ترميم کي رول بيڪ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ديوار بڻجي بيٺل آھي.“ پر کيس اھو بہ ٻڌائڻ گهربو ھو تہ آئين جي بنيادن کي لوڏيندڙ ترميمون آڻڻ ۾ سندن پارٽيءَ ۽ قيادت جو ڪيترو حصو پتي رھيو آھي، 26 آئيني ترميم پاس ڪرائڻ ۾ ڪھڙي پارٽي سرگرم ھئي، پيڪا قانون پاس ڪرائڻ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ڪھڙو ڪردار ھو. اسٽيبلشمنٽ جي ونگار وھندي سنڌ کي برباد ڪرڻ جو ٺيڪو ڪنھن کنيو ھو. غير آئيني ۽ غير قانوني طور سنڌو درياھہ تي ٺھندڙ ڇھن ڪئنالن جي منظوري اوھان ڪنھن جي چوڻ تي ڏني ھئي؟ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪنھن گرين پاڪستان انيشيئيٽيو ڪمپنيءَ کي ڏيئي مٿان سنڌي قوم جي امانت جي رقم مان 4 ارب رپيا ھن ڪمپنيءَ کي امداد طورڪنھن جي حڪمن تحت ڏناھئا؟ بلوچستان ۾ جيڪي ادارا نوجوانن کي گم ڪري ۽ دھشتگرد قرار ڏيئي قتل عام پيا ڪن سنڌ ۾ اھڙوئي ڪردار اوھان ڪنھن جي حڪمن تي ادا ڪري رھيا آھيو. سنڌ سڪائڻ لاءِ چناب درياھہ تي ڊئم ٺاھن جي سازش تي اڃا تائين سنڌ جا حڪمران خاموش ڇو آھن؟ نثار احمد کھڙو صاحب چوي ٿو تہ ” ملڪ جا سڀئي ادارا پنھنجي پنھنجي دائري اختيار ۾ رھي ڪم ڪندا تہ ملڪ ۾ جمھوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.“ پر اسان کي اھو ڪير ٻڌائيندو تہ ادارن کي سندن حدون اورانگهڻ تي ڪھڙي حڪمران روڪيو آھي؟ صدر زرداري فوج جو سپريم ڪمانڊر آھي پر اڄ بہ فيلڊ مارشل صاحب وزير اعظم ، صدر، پرڏيھي وزارت، گهرو وزارت ۽ معاشي معالن جا اختيار استعمال ڪري رھيو آھي، آمريڪي صدر ٽرمپ سان بہ سندن ڳالھيون ٿيون ٿين، چين جي سرڪاري دوري دوران عوامي جمھوريہ چين جي نائب صدر، پرڏيھي وزير ۽ فوجي قيادت سان بہ سندس ئي ملاقاتون ٿيون ٿين ۽ چيني قيادت واکاڻ بہ سندس ٿي ڪري. پاڪستان جي ميزبانيءَ ھيٺ ٿيندڙ علاقائي چيفس آف ڊيفنس اسٽاف ڪانفرنس جنھن ۾ آمريڪا، قازقستان، ڪرغستان ۽ تاجڪستان ۽ ازبڪستان جا اعليٰ عسڪري عملدار شرڪت ڪن ٿا انھن کي خطاب بہ فيلڊ مارشل ئي ڪري ٿو تہ پوءِ اسٽيبلشمنٽ جي ئي حڪومت آھي ”جمھوري حڪومت“ آھيڪٿي.؟ ھن اھو بہ چيوتہ ملڪ وڌيڪ ڪنھن بہ غير آئيني تجربي جو متحمل نٿو ٿي سگھي ڇوتہ ڪنھن بہ غيرآئيني عمل کان ”ڪمزور جمھوريت وڌيڪ بھتر آھي.“ تہ سائين جن کي عرض آھي تہ جمھوريت ڪمزور يا مضبوط نہ ٿيندي آھي پر جمھوريت فقط جمھوريت ٿيندي آھي جنھن جا پنھنجا بنياد ٿيندا آھن ، جنھن جو پنھنجو ڪلچر، رومان ۽ رويا ٿيندا آھن، جنھن جون پاڙون عوام ۾ ھونديون آھن. جيڪا طبقاتي فرق کان سوائي سماج ۾ رھندڙ سمورن فردن کي ھڪ جيتري آزادي ۽ زندگي گذارڻ جا موقعا فراھم ڪندي آھي. ” لولي لنگڙي ۽ ڪمزور جمھوريت آمريت کان بھتر آھي“ جهڙا اصطلاح آمريتن جي غلام حاڪمن جي ڪردار تي پردو چاڙھن لاءِ گهڙيا ويندا آھن جن جو حقيقي جمھوري نظام سان ڪنھن بہ قسم جو ڪو تعلق نہ آھي. جمھوريت ھڪ آفاقي نظام آھي جنھن جي اصولن تي ڪنھن بہ قسم جي مصلحت يا مفاھمت جي ڪابہ گنجائش نہ ھوندي آھي ۽ حقيقي طور عوام جا چونڊيل حڪمران ھميشہ اقتدار سان چنڀڙي رھڻ خاطر ڪڏھن بہ غير جمھوري قوتن جون فرمائشون پوريون نہ ڪندا آھن پر جمھوري اصولن تي ھلندي پنھنجو اقتدار قربان ڪندا رھندا آھن ۽ پنھنجن ذاتي مفادن ۽ اقتدار جي حوس جي پورائيءَ لاءِ ”جمھوريت کپي ئي کپي“ جا ھٿرادو نعرا نہ ھڻندا آھن. جمھوري نظام ۾ تہ اقليتن کي مڪمل تحفظ حاصل ھوندو آھي پر ھتي سندن نياڻيون اغوا ٿين ٿيون جن جو ڪو ڏس پتو نٿو ملي، زوريءَ مذھب مٽائڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، ڪاروباري ماڻھن کي ڌاڙيلن ھٿان اغوا ڪرائي ڀُنگ ورتا وڃن ٿا ۽ کين ملڪ ڇڏي لڏ پلاڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو. جمھوريت عورتن جي آزاديءَ جي علمبردار آھي پر ھتي آئي ڏينھن عورتن سان ڏاڍائي جا واقعا جنم وٺن ٿا ۽ کين ”ڪاري“ ڪري ماريو وڃي ٿو. جمھوريت مزدورن جي روزگار جو تحفظ ڪندي کين يونين سازيءَ جا حق ڏئي ٿي پر ھتي سرمائيدارن، مل مالڪن ۽ فيڪٽري مالڪن ھٿان ھزارين مزدورن کي بيروزگار ڪيو ٿو وڃي ۽ حڪومت اھڙن قدمن جي تائيد ڪندي رھي ٿي. جمھوريت تہ قومي ادارن کي تحفظ ڏي ٿي پر ھتي اسٽيل مل جهڙا ادارا ڪماڙيءَ جي ملھہ تي وڪرو ڪيا ٿا وڃن. جمھوريت صوبن جي حقن جي محافظ آھي پر ھتي ”ملڪ جي سلامتي“ ۽ ”وفاق جي ضرورت“ جي نالي ۽ بندوق جي نوڪ تي صوبن جا سمورا وسيلا ۽ حق ڦٻايا پيا وڃن. جمھوريت شاگردن کي مستقبل جو معمار قرار ڏي ٿي پر ھتي يونيورسٽين تي ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جا مينھن وسائي پنھنجا حق گهرندڙ شاگردن کي دھشتگرديءَ جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جيلن ۾ واڙيو وڃي ٿو. مخالف ڌر کي جمھوريت جي سونھن چيو وڃي ٿو پر ھتي اختلاف راءِ رکندڙ اڳوڻن وفاقي وزيرن کي بہ موٽر سائيڪلن ۽ ٽن ھزارن جي ڦر جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جيل حوالي ڪيو وڃي ٿو. جمھوريت ھر شھريءَ کي پنھنجن نظرين جي پرچار جو موقعو ڏيندي تحرير ۽ تقرير جي مڪمل آزادي ڏي ٿي پر ھتي اھو حق استعمال ڪندڙن کي غدار ڪوٺيو وڃي ٿو. جمھوريت تہ پر امن احتجاج ڪندڙن جون ڳالھيون ٻڌي کين مطمئن ڪري ٿي پر ھتي اھڙو حق استعمال ڪندڙن تي بہ گولين جا مينھن وسائي لاش ڪيرايا وڃن ٿا، ماڻھون اغوا ڪري گم ڪيا وڃن ٿا، کين دھشتگرد سڏيو وڃي ٿو۽ ڳوٺن کي پوليس جي گهيري ۾ آڻي ماڻھن جي روزگار ڪرڻ جا رستا روڪيا وڃن ٿا.جمھوريت تہ آزاد عدليا جي محافظ آھي پر ھتي آئيني ترميمون آڻي ۽ اختيار کسي عدليا کي انصاف ڏيڻ جي عمل کان روڪيو وڃي ٿو. جمھوريت آزاد ميڊيا کي رياست جو ٿنڀ قرار ڏي ٿي پر ھتي ميڊيا کي پيڪا جي زنجيرن ۾ ٻڌي سرڪاري اشتھارن جي حوالي سان بليڪ ميل ڪري رياست جي ھن ٿنڀ کي ڌونڌاڙيو وڃي ٿو ۽ پوءِ بہ چيو وڃي ٿو تہ ” اھڙي جمھوريت اسان کي کپي ئي کپي.!“پر توھان تہ ملڪ ۾ ڪھڙو بہ نظام لاڳو ٿئي ھر حال ۾ پنھنجي نوڪري بڄائڻ چاھيو ٿا اھوئي سبب آھي جو تازين خبرن موجب جڏھن صدر صاحب پاران بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ وارو شرط پورو ٿيندي نظر نہ آيو ۽ سندس صدارت بہ ويندي نظر آئي تڏھن ھن اڳوڻي وزير اعظم ۽ سينٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ فريال ٽالپر جا نالاايوان صدر ۾ ويھارڻ لاءِ ڏنا جيڪي پڻ اقتدار ڌڻين رد ڪري ڇڏيا. اصل ۾ اقتدار جي ھٻڇ جا ماريل سياستدان پاڻ کي ڪيڏو بہ ”خطرن جو کلاڙي“ سڏائين پر اسٽيبلشمنٽ پنھنجن ڍگهن منصوبن تحت اھڙن اڳواڻن کي آڻي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويھاريندي آھي جيڪي سندن اشارن مطابق ڪم ڪندا رھن ايستائين جو عوام منجهان سندن پاڙون پٽجي وڃن ۽ پوءِ ان کي ”جمھوريت جي ناڪامي“ ڪوٺيندي سڌو سنئون اچي اقتدار جي ڪرسي والاريندا آھن. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ بہ اسٽيبلشمنٽ جي ھنج ۾ ويھڻ جا نتيجا لوڙھينديون ۽ قوم کي بہ ھڪ ڍگهي آزمائش ۾ وجهي وينديون. موجودھہ پيپلزپارٽي ، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ پيپلز پارٽيءَ جي چوٿين دستاويز کي بہ وساري ويٺي جنھن ۾ واضح طور چيل آھي تہ ” جمھوري نظام جو مطلب آھي ”عوامي راڄ“ جنھن ۾ قانون جي نظر ۾ سڀني جي برابري ضروري آھي پر اھا برابري اڻپوري رھجيو وڃي جيستائين ڪنھن جمھوري نظام ۾ معاشي ۽ معاشرتي عدل ۽ انصاف جي بنيادن تي سڀني جا حق برابر نہ ھجن، جيڪو فردن لاءِ ھڪ جهڙا موقعا فراھم ڪري ۽ کين معاشي ڦرلٽ کان بچائي.“ اھوئي سبب آھي جو پيپلز پارٽي پنجاب مان ريورس گيئر ھڻي سنڌ تائين محدود ٿي ويئي ۽ پوءِ اقتدار ڌڻين جا راڳ آلاپيندي ۽ سندن اشارن تي سنڌ جي وسيلن جي حفاظت بدران انھن کي نيلام ڪندي اھڙي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آھي جتي سندس نہ ڪو ڌڻي نہ سائين ٿيندو.” وھامي ويندياءِ ، گهڻا ھڻندين ھٿڙا.“ پر اڃا بہ وٽن ھڪ موقعو آھي تہ سنڌ جي مطالبن کي مان ڏيندي، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل سمورين زمينن جا ليز رد ڪن. سنڌوءَ تي ٺھندڙ ڊئمن ۽ ڪئنالن جي سچائي سان مخالفت ڪن. سنڌ جي معدنيات جي حفاظت ڪن. حڪومتي ڪارندن پاران عام سنڌين جون قبضا ڪيل زمينون اصل مالڪن کي واپس ڪن. اغوا ڪري گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي پڌرو ڪرڻ سان گڏ ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪارڪن آزاد ڪن ۽ ڳوٺن تان پوليس جا گهيرا ھٽائين تہ ٻيھر کين عوام ۾ پنھنجي وڃايل ساک بحال ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو ۽ قوم سان گڏجي آمريت سان مھاڏو اٽڪائي سگهجي ٿو.










