اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچز جي جوڙ جڪ لاءِ جسٽس امين الدين خان جي چيمبر ۾ ٿيل اجلاس ۾ آرٽيڪل 191 اي تحت ڪيس جي ڪلر ڪوڊنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچز جي جوڙ جڪ لاءِ جسٽس امين الدين خان جي چيمبر ۾ اجلاس ٿيو جنهن م بئنچز جي معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ آئيني بئنچز جي ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ جسٽس امين الدين کي التوا هيٺ آئيني ڪيسن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڇويهين ترميم کانپوءِ آرٽيڪل 191 اي تحت ڪيسن جي ڪلر ڪوڊنگ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سينيئر ريسرچر آفيسر مظهر علي خان کي آرٽيڪل 199 جي ڪيسن جي اسڪروٽني جو ٽاس ڏنو ويو آهي. پڌرائي موجب، ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ ۽ بئنچز جي جوڙ جڪ جو فيصلو 2 سينيئر ميمبرن جي مشاورت سان ٿيندو، هفتي جي ڪيسن لاءِ به ٻن سينيئر ميمبرن سان مشاورت ذريعي فيصلو ٿيندو. پڌرائي موجب، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل ڪميٽي آئيني بئنچ جوڙيندي ۽ ايندڙ اجلاس بعد ۾ شيڊيول ڪيو ويندو، ٽي رڪني ججز ڪميٽي گهٽ ۾ گهٽ 5 ججن تي مشتمل آئيني بئنچ ٺاهيندي، ڪميٽي جو هڪ ميمبر جج پرڏيهه ويل آهي، سندس ڏيهه واپسي تي ڪميٽي اجلاس ٿيندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 6 نومبر جي آئيني بئنچز بابت ميٽنگ جا منٽ جاري ڪيا ويا، 6 نومبر وارو اجلاس ڪميٽي ميمبر جسٽس جمال خان مندوخيل جي غير حاضري سبب ملتوي ڪيو ويو هو.










