ذوالفقار قادري
آخر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب جي طويل اقتداري جنگ جو فيصلو ڪندي حمزه شريف جي جا۽ تي چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏي وزير مقرر ڪري ڇڏيو ٖ رئيس آصف علي زرداري کي سڌ پئجي چڪي هئي تہ معاملا تبديل پيا ٿين تڏھن هو پاسيرو ٿي ويو ٖ گجرات جا چوڌري شروع کان پاڪستاني ملٽري ايسٽيبلشمنٽ جي ويجها رهيا آھن ٖ گجرات جي چوڌرين هميشہ پنهنجا پتا سوچي سمجهي کيڏيا آھن ٖ چوڌري شجاعت جو پيءُ چوڌري ظهور الاهي ۽ پنجاب جي موجوده وزيراعلئ چوڌري پرويز الاهي جو پيءُ چوڌري منظور الاهي پاڻ ۾ سڳا ڀائر هئا. پاڪستان جي فلم انڊسٽري لالي ووڊ ۾ ڪئين سالن تائين ٺهندڙ فلمن مولا جٽ نوري نت، بالا گجر، جٽ تي گجر وارا ڪردار اڪثر سلطان راهي مرحوم ادا ڪندو رهيو. جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ ولين وارو رول هميشه اسان جي سنڌ ڄائي مصطفيٰ قريشي جي نڀايو . انهن جٽ گجر ڪردارن جو حقيقي علائقو پنجاب جو گجرات ۽ گوجرانوالا وارو علائقو رهيو آھي . چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي پاڻ ۾ سؤٽ آھن سندن پيئر چوڌري ظهور الاهي ۽ چوڌري منظور الاهي گجرات جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”نت“ ۾ پيدا ٿيا. چوڌري پرويز الاهي جي پيء ٗ چوڌري منظور الاهي مشرقي پنجاب جي شهر امرتسر وڃي رهائش اختيار ڪئي. اتي هڪ ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ مزدوري ڪرڻ لڳو. جڏهن ته چوڌري شجاعت جو پيءٗ ظهور الاهي مڊل پاس ڪري گڏيل هندستان اندر برٽش پوليس ۾”سپاهيءَ“ طور ڀرتي ٿيو. سپاهي طور سندس پوسٽنگ اڪثر بارڊر ايريا وارن علائقن ۾ رهي، جيڪي هندستان ۽ پاڪستان جا سرحدي علائقا رهيا. ظهور الاهي جي پوسٽنگ ڪجهه عرصو ٽريفڪ جمعدار طور به رهي. انهن ڏينهن ۾ ٽريفڪ سنگنل جي جا۽ تي “ ٿلها “ ٺھيل هوندا جنهن کي پنجابي ۾ “ ٽبا “ چوندا هئا چوڌري ظھور الاهي کي “ ظھورا ٽبي والا “ بہ چوندا هئا جڏهن تہ سندس وڏو ڀاءُ منظور الاهي ٽيڪسٽائل مل ۾ ترقي ماڻي مزدور مان سپروائيزر بڻيو، تڏهن هن پنهنجي ڀاءُ ظهور الاهيءَ کي پوليس مان استعيفيٰ ڏياري، امرتسر جي ٽيڪسٽائل مل ۾ آندو، پر جلد ئي پاڪستان ٺهيو ته 1947ع ۾ ٻئي ڀائر گجرات موٽي آيا. هنن هندن ۽ سکن پاران پاڪستان ۾ ڇڏيل ملڪيتن، زمينن ۽ ڪارخانن تي ڪليم داخل ڪيا. اهڙي طرح ڪليمن ذريعي کين ڪروڙين روپين جي ماليت جون ملڪيتون هٿ آيون. مشهور ڪپڙي جي واپاري ميلا رام جي ڇڏيل عظيم ٽيڪسٽائل مل به سندن کي هٿن آئي . ٻنهي ڀائرن پوءِ ننڍن ڪپڙي جي کڏين مان وڌي وڃي ٽيڪسٽائل ملن لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو. سياسي حوالي سان گجرات ۽ گجر انوالا جي سياست تي گجرن جو اثر رسوخ وڌيڪ هو. جڏھن تہ چوڌري ڀائر وري جٽ هئا چوڌري منظور الاهي پنهنجي ننڍي ڀاءُ چوڌري ظهور الاهيءَ کي وري گجرات ۾ مقامي سياست ۾ به داخل ڪري ڇڏيو. گجرات جا اڪثر جٽ قبيلا گجرن جي ارهه زورائيءَ کان تنگ هئا. سو چوڌري ظهور الاهي گجرات ۾ جٽ قبيلن کي سياسي طور گڏ ڪيو. سياست جي آغاز ۾ چوڌري شجاعت جي پيءُ مرحوم ظهور الاهيءَ کي سياسي دڳ پير سائين پاڳاري جي ساهراڻي گهراڻي مخدوم الملڪ ميران محمد جي فرزند صاحبزاده مخدوم حسن محمود ڏيکاريو، جيڪو پير صاحب پاڳاري پير صبغت الله شاهه راشدي ٖ صدرالدين شاه ۽ پير علي گوهر شاهه راشدي جو مامو ۽ جهانگير ترين جو سهرو به هو. هو ان وقت پنجاب جي وڏ وزارت تي فائز هو. مخدوم حسن محمود گجرات ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي صدارت تان نوابزاده اصغر علي گجر کي هٽائي، چوڌري ظهور الاهيءَ کي فائز ڪيو. انهيءَ سياسي سفر ۾ چوڌري ظهور الاهيءَ سان ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ صدر رهندڙ چوڌري فضل الاهي مرحوم پڻ سندس ٻانهن ٻيلي رهيو. جلد ئي چوڌري ظهور الاهي جا واسطا صدر جنرل ايوب خان سان ٿي ويا. ايوب خان دوستيءَ ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو اشاعتي ادارو پاڪستان پروگريسو لميٽيڊ سندس حوالي ڪيو. اهو ادارو پاڪستان ٽائيمز، مشرق ۽ امروز جهڙيون اخبارون شايع ڪندو هو. ان سان گڏ ان وقت جا ناميارا صحافي پڻ ان اداري سان لاڳاپيل هوندا هئا. ميان افتخار الدين کان اهو ادارو کسي، جڏهن چوڌري ظهور الاهي حوالي ڪيو ويو ته پهرين اداري سان وابستا ڪيترن ئي صحافين کان روزگار کسيو ويو. ان سان گڏ اداري جي مالي حالت پڻ زبون ٿي وئي. آخر ان وقت جي اولهه پاڪستان جي گورنر نواب ملڪ مير محمد خان آف ڪالاباغ جي مداخلت تي چوڌرين کان پي پي ايل کسي وئي. چوڌرين اداري مان هٿ ته ڪڍيا، پر ادارو وري پنهنجو اهو اوج ماڻي نه سگهيو. چوڌرين جي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ به شموليت جي خواهش هئي، پر ذوالفقار علي ڀٽي چوڌري ظهور الاهيءَ تي هٿ رکڻ بجاءِ انهن جي روايتي حريفن ميان مشتاق پگانوالا ۽ گجر نوابزادن کي اڳتي آندو. اهڙيءَ طرح ڀٽي ۽ هنن ۾ ويڇا وڌيا. ان کان اڳ چوڌري ظهور الاهي پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ جي تاريخ به ذوالفقار علي ڀٽي جي صلاح سان تجويز ڪئي هئي، پر گجرات جي گجرن ۽ غلام مصطفئ کر جي چوڻ تي ڀٽي صاحب عين وقت تي شاديءَ ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن گجرات جي هنن جٽن کي ڪاوڙائي وڌو. چون ٿا ته ڀٽي ۽ گجرات جي چوڌرين ۽ ڀٽي ۾ اختلافن وڌائڻ ۾ ميان شهباز جي چوٿين گهر واري ۽ ”ميڏا سائين“ جهڙي ڪتاب جي ليکڪه تهمينه دراني جي اڳوڻي مڙس فيوڊل لارڊ غلام مصطفيٰ کر جو به وڏو هٿ هو. چوڌرين کان اهي ڏينهن ڪڏهن به نه وسريا، جڏهن ڀٽو دور ۾ کر جي گورنريءَ وارن ڏينهن ۾ چوڌري ظهور الاهيءَ تي گجرات جي هڪ ٿاڻي تي هڪ مال جي وٿاڻ جي مالڪ اچي ايف آءِ آر داخل ڪرائي، ته رات جي وقت ۾ چوڌري ظهور الاهي ۽ سندس نامعلوم ساٿي سندس مينهن چورائي ويا آهن. ڀٽو دور ۾ چوڌري ظهور الاهي مختلف ڪيسن ۾ جيلن ۾ به رهيو. آخر کين جنرل ضياءَ اچي آزاد ڪيو. چوڌري ظهور الاهي جي ذوالفقار علي ڀٽي سان نفرت کي ان واقعي مان سمجهي سگهجي ٿو ته، جڏهن نواب محمد احمد خان قصوري قتل ڪيس ۾ ڀٽي کي سزاءِ موت جو حڪم مليو ۽ سپريم ڪورٽ مان اپيل رد ٿيڻ بعد ڪيس جو فائيل جنرل ضياءَ جي ٽيبل تي آيو، ته چوڌري ظهور الاهي جنرل ضياءَ کي گذارش ڪئي ته ڀٽي جي ڦاهيءَ واري فائيل تي جنهن قلم سان هو ڦاهي جي سزا صحيح ڪري، اهو قلم کيس تحفي طور ڏنو وڃي. اڳتي هلي جڏھن مير مرتضئ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو شهيد الذوالفقار تنظيم جوڙي تہ ذوالفقار علي ڀٽو کي موت جي سزا ٻڌائيندڙ لاهور هاء ڪورٽ جو چيف جسٽس مولوي مشتاق ۽ چوڌري شجاعت جو پيءُ چوڌري ظهور الاهي الذوالفقار تنظيم جي هٽ لسٽ تي هئا آخر الذوالفقار تنظيم 25 سيپٽمبر 1981ع تي ماڊل ٽاؤن لاهور وٽ چيف جسٽس مولوي مشتاق ٖ چوڌري ظھور الاهي ٖ ڀٽو ڪيس ۾ سرڪار جي پيروي ڪندڙ پبلڪ پراسيڪيوٽر ايم اي رحمان هڪ ڪار ۾ گڏ وڃي رهيا هئا تہ ٻن گاڏين ۾ سوار هٿيار بندن سندن ڪار کي روڪي دستي بم ۽ ڪلاشنڪوفن سان حملو ڪري ڏنو ان حملي جي نتيجي چوڌري ظھور الاهي ۽ سندس ڊرائيور نسيم ٿڏي تي مارجي ويا جڏھن تہ چيف جسٽس مولوي مشتاق شديد زخمي ٿي پيو ٖ چوڌرين ته ان واقعي جو الزام مبينا طور تنظيم الذوالفقار تنظيم جي سربراه مير مرتضئ ڀٽو تي مڙهيو، ان حملي جو ڪيس الذوالفقار جي مبينہ حملا آورن لالا اسد شيخ ٖ رزاق جهرنا ٖ رحمت الله انجم ۽ ملڪ جاويد تي داخل ڪيو ويو ٖ ان ڪيس ۾ الزام مڙھيل لالا اسد 20 نومبر 1981ع تي ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هڪ ڪاروائي ۾ شھيد ڪيو ويو ٖ جڏھن تہ ان ڪيس ۾ رزاق جهرنا کي ملٽري ڪورٽ جي حڪم تي 7 مئي 1984ع تي ڦاسي چاڙھيو ويو ٖ گجرات جي چوڌرين ۽ لاڙڪاڻي جي ڀٽن جي اها دشمني هلندي رهي اڳتي هلي بينظير ڀٽو صاحبہ بہ لکت ۽ اي ميل ۾ چيو تہ جيڪڏھن هو مارجي وڃي تہ ٻين سان گڏ سندس قتل ڪيس چوڌري پرويس الاهي تي بہ داخل ڪيو وڃي بينظير صاحبہ جي قتل بعد رئيس آصف علي زرداري چوڌرين جي ق ليگ کي قاتل ليگ قرار ڏنو پر اڳتي هلي آصف علي زرداري چوڌري پرويز الاهي کي پ پ سرڪار ۾ ڊپٽي پرائيم منسٽر بڻائي ڇڏيو
چوڌري ظهور الاهي جي قتل بعد جنرل ضياءَ جي ساڄي هٿ ۽ نواز شريف کي دريافت ڪندڙ 5 جولاءِ 1977ع ۾ ڀٽو سرڪار جي تختي اونڌي ٿيڻ وقت انٽر سروسز انٽيليجنس جي سابق ڊائريڪٽر جنرل ۽ پنجاب جي گورنر جنرل غلام جيلاني خان جي سفارش تي چوڌري شجاعت کي جنرل ضياءَ مجلس شوريٰ جو ميمبر ڪيو ۽ چوڌري پرويز الاهي ضلعي ڪائونسل گجرات جو چيئرمين مقرر ٿيو. پر ضياءَ جي شفقت ”ابا جي “ جي لاڏلي ميان نواز شريف تي رهي. هو اڳتي وڌندو رهيو. جيستائين نواز شريف سياسي ميدان ۾ رهيو، تيستائين چوڌري پنجاب جي تخت تي حڪمراني کان محروم رهيا. جڏهن ميان ميدان ۾ نه رهيو، ته جنرل مشرف ميان جي روايتي حريفن کي اڳتي آڻي تخت لاهور سندن حوالي ڪري ڇڏيو. هونئن به چوڌرين کي پاڪستان جي تخت کان وڌيڪ پاڪستان جي صنعتن سان دلچسپي رهي آهي. ميان نواز شريف جي اتفاق گروپ بعد هينئر چوڌرين جو گروپ پاڪستان جي وڏي صنعتي گروپ طور اڳتي آيو آهي. هن وقت چوڌري شجاعت، چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس فيملي وٽ پاڪستان جا ڪئين وڏا صنعتي ادارا آهن، جن جو تعداد 15 کان به مٿي آهي. پنجاب شگر ملز، ڦاليه شگر ملز، ڪشمير شگر ملز، ملڪوال ٽيڪسٽائل ملز، ڪماليه ٽيڪسٽائل ملز، ڪنجاهه ٽيڪسٽائل ملز، پرويز ٽيڪسٽائل ملز، جاپان ڪاٽن فيڪٽري، ماڊرن فلور اينڊ جنرل ملز، ماڊرن ايمبرائڊري اينڊ ٽيڪسٽائل ملز، ڊبئي ٽيڪسٽائل ملز، ٿائي لينڊ ۾ فيڪٽري، دبئي ۾ ڪارخانا، نيئر ڪارپٽ فيڪٽري وغيره چوڌري خاندان جون ملڪيتون آهن. هن وقت پاڪستان ۾ نواز شريف خاندان ٖ زرداري خاندان ٖ ميان محمد منشاء بعد گجرات جا چوڌري پاڪستان جا وڏا مالدار ليکيا وڃن ٿا ٖ تحريڪ انصاف سرواڻ عمران خان ماضي ۾ چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو ڌاڙيل چوندو رهيو آھي هاڻي پنجاب جي وڏي ڌاڙيل کي پنجاب جو وڏو وزير ٿيڻ بعد پنجاب ۾ ڏسجي تہ ڪهڙي تبديلي ٿي اچي اهو اچڻ وارو وقت ٻڌائيندو
سپريم ڪورٽ مان اپيل رد ٿيڻ بعد ڪيس جو فائيل جنرل ضياءَ جي ٽيبل تي آيو، ته چوڌري ظهور الاهي جنرل ضياءَ کي گذارش ڪئي ته ڀٽي جي ڦاهيءَ واري فائيل تي جنهن قلم سان هو ڦاهي جي سزا صحيح ڪري، اهو قلم کيس تحفي طور ڏنو وڃي. اڳتي هلي جڏھن مير مرتضئ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو شهيد الذوالفقار تنظيم جوڙي تہ ذوالفقار علي ڀٽو کي موت جي سزا ٻڌائيندڙ لاهور هاء ڪورٽ جو چيف جسٽس مولوي مشتاق ۽ چوڌري شجاعت جو پيءُ چوڌري ظهور الاهي الذوالفقار تنظيم جي هٽ لسٽ تي هئا آخر الذوالفقار تنظيم 25 سيپٽمبر 1981ع تي ماڊل ٽاؤن لاهور وٽ چيف جسٽس مولوي مشتاق ٖ چوڌري ظھور الاهي ٖ ڀٽو ڪيس ۾ سرڪار جي پيروي ڪندڙ پبلڪ پراسيڪيوٽر ايم اي رحمان هڪ ڪار ۾ گڏ وڃي رهيا هئا تہ ٻن گاڏين ۾ سوار هٿيار بندن سندن ڪار کي روڪي دستي بم ۽ ڪلاشنڪوفن سان حملو ڪري ڏنو ان حملي جي نتيجي چوڌري ظھور الاهي ۽ سندس ڊرائيور نسيم ٿڏي تي مارجي ويا جڏھن تہ چيف جسٽس مولوي مشتاق شديد زخمي ٿي پيو ٖ چوڌرين ته ان واقعي جو الزام مبينا طور تنظيم الذوالفقار تنظيم جي سربراه مير مرتضئ ڀٽو تي مڙهيو، ان حملي جو ڪيس الذوالفقار جي مبينہ حملا آورن لالا اسد شيخ ٖ رزاق جهرنا ٖ رحمت الله انجم ۽ ملڪ جاويد تي داخل ڪيو ويو ٖ ان ڪيس ۾ الزام مڙھيل لالا اسد 20 نومبر 1981ع تي ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هڪ ڪاروائي ۾ شھيد ڪيو ويو ٖ جڏھن تہ ان ڪيس ۾ رزاق جهرنا کي ملٽري ڪورٽ جي حڪم تي 7 مئي 1984ع تي ڦاسي چاڙھيو ويو ٖ گجرات جي چوڌرين ۽ لاڙڪاڻي جي ڀٽن جي اها دشمني هلندي رهي اڳتي هلي بينظير ڀٽو صاحبہ بہ لکت ۽ اي ميل ۾ چيو تہ جيڪڏھن هو مارجي وڃي تہ ٻين سان گڏ سندس قتل ڪيس چوڌري پرويس الاهي تي بہ داخل ڪيو وڃي بينظير صاحبہ جي قتل بعد رئيس آصف علي زرداري چوڌرين جي ق ليگ کي قاتل ليگ قرار ڏنو پر اڳتي هلي آصف علي زرداري چوڌري پرويز الاهي کي پ پ سرڪار ۾ ڊپٽي پرائيم منسٽر بڻائي ڇڏيو
چوڌري ظهور الاهي جي قتل بعد جنرل ضياءَ جي ساڄي هٿ ۽ نواز شريف کي دريافت ڪندڙ 5 جولاءِ 1977ع ۾ ڀٽو سرڪار جي تختي اونڌي ٿيڻ وقت انٽر سروسز انٽيليجنس جي سابق ڊائريڪٽر جنرل ۽ پنجاب جي گورنر جنرل غلام جيلاني خان جي سفارش تي چوڌري شجاعت کي جنرل ضياءَ مجلس شوريٰ جو ميمبر ڪيو ۽ چوڌري پرويز الاهي ضلعي ڪائونسل گجرات جو چيئرمين مقرر ٿيو. پر ضياءَ جي شفقت ”ابا جي “ جي لاڏلي ميان نواز شريف تي رهي. هو اڳتي وڌندو رهيو. جيستائين نواز شريف سياسي ميدان ۾ رهيو، تيستائين چوڌري پنجاب جي تخت تي حڪمراني کان محروم رهيا. جڏهن ميان ميدان ۾ نه رهيو، ته جنرل مشرف ميان جي روايتي حريفن کي اڳتي آڻي تخت لاهور سندن حوالي ڪري ڇڏيو. هونئن به چوڌرين کي پاڪستان جي تخت کان وڌيڪ پاڪستان جي صنعتن سان دلچسپي رهي آهي. ميان نواز شريف جي اتفاق گروپ بعد هينئر چوڌرين جو گروپ پاڪستان جي وڏي صنعتي گروپ طور اڳتي آيو آهي. هن وقت چوڌري شجاعت، چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس فيملي وٽ پاڪستان جا ڪئين وڏا صنعتي ادارا آهن، جن جو تعداد 15 کان به مٿي آهي. پنجاب شگر ملز، ڦاليه شگر ملز، ڪشمير شگر ملز، ملڪوال ٽيڪسٽائل ملز، ڪماليه ٽيڪسٽائل ملز، ڪنجاهه ٽيڪسٽائل ملز، پرويز ٽيڪسٽائل ملز، جاپان ڪاٽن فيڪٽري، ماڊرن فلور اينڊ جنرل ملز، ماڊرن ايمبرائڊري اينڊ ٽيڪسٽائل ملز، ڊبئي ٽيڪسٽائل ملز، ٿائي لينڊ ۾ فيڪٽري، دبئي ۾ ڪارخانا، نيئر ڪارپٽ فيڪٽري وغيره چوڌري خاندان جون ملڪيتون آهن. هن وقت پاڪستان ۾ نواز شريف خاندان ٖ زرداري خاندان ٖ ميان محمد منشاء بعد گجرات جا چوڌري پاڪستان جا وڏا مالدار ليکيا وڃن ٿا ٖ تحريڪ انصاف سرواڻ عمران خان ماضي ۾ چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو ڌاڙيل چوندو رهيو آھي هاڻي پنجاب جي وڏي ڌاڙيل کي پنجاب جو وڏو وزير ٿيڻ بعد پنجاب ۾ ڏسجي تہ ڪهڙي تبديلي ٿي اچي اهو اچڻ وارو وقت ٻڌائيندو










