ڪيان ريوز جي گهر ۾ 4 چور در ٽوڙي داخل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ مشهور هالي ووڊ اداڪار ڪيانو ريوز جي گهر ۾ 4 چور داخل ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ اداڪاره جي گهر ۾ داخل ٿيندڙ چور منهن لڪائي گهر مان هٿيار به کڻي ويا.رپورٽن مطابق ڪيوانو ريوز چوري جي وقت گهر ۾ موجود نه هو. چور گهر جي پٺئين پاسي کان ونڊو ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿيا.پرڏيهي ميڊيا موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس علائقي ۾ پهچي سرچ آپريشن ڪيو پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي.

پهنجو تبصرو موڪليو