ڪشمير، فلسطين ۽ سنڌ

ڪشمير، فلسطين ۽ سنڌ

زاهد اوٺو
وادِيءَ ڪشمِير جنهن جو نالو ٻڌندي ئي ذهن ۾ تَصوراتي جنت جو خاڪو جُڙي ٿو پوي ڪشمير تاريخ ۾ ڏکڻ ايشيا جي وسيع برصغير هندستان سان جڙيل رهيو آهي جنهن ۾ وچ ايشيا ۽ اوڀر ايشيا جي ڀرپاسي وارن علائقن جا اثر آهن. جنهن ۾ هندستان جي انتظام هيٺ يونين علائقا ڄمون ۽ ڪشمير (جيڪو ڄمون ۽ ڪشمير جي وادي تي مشتمل آهي) ۽ لداخ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا علائقا پاڪستان جي انتظام هيٺ ۽ جڏھن ته اڪسائي چين ۽ ٽرانس قراقرم جا علائقا چين جي انتظام هيٺ آهن. ڪشمير جون واڳون هندومت، ٻڌمت، ڪرڪوٽا خاندان، هندو راڄ، اتپال ۽ لوهارا خاندان جي هٿ هيٺ رهيون آهن ۽ اٽڪل ڪشمير پنج صديون مسمانن حڪمراني جي ماتحت رهيو پر جڏهن به ڪشمير جي ڳالھ ڇڙندي آهي ته آرٽيڪل 370 سميت ڪشمير جي راجا هري سنگھ جو نالو زيرِ ذڪر ايندو آهي 1840ع ۾ انگريزن رياست ڄمون ۽ ڪشمير کي 45 لکن عيوض راجا گلاب سنگھ کي وڪرو ڪئي وئي جنهن سان ڪشميرين جي غلامي جي زنجير هڪ هٿ کان ٻي هٿ منتقل ٿي، هندوستان تقسيم ٿيڻ وقت برصغير جي 565 رياستن کي اهو اختيار حاصل هو ته هو پاڪستان يا ڀارت جو حصو ٿي سگهن ٿيون جنهن وقت ڪشمير ۾ مسمانن جي واضع اڪثر ھئڻ باوجود کين هندو راجا هري سنگھ موجود عوام مخالف فيصلو ڪندي ڪشمير کي 26 آڪٽوبر 1947ع ۾ هندستان ۾ شامل ڪيو جتان ڪشمير جي عبرتناڪ ۽ ڊگهي غلامي جي ابتدا ٿي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان – هندستان وچ ۾ 1947 ع ۾ پهرين جنگ جو آغار ٿيو جيڪو علائقو اڄ به تقرار هيٺ آهي جنهن ۾ اڄ به پاڪستان ۽ ڀارت جون ترقي پسند تنظيمون ڪشمير جي آزادي جي حمايت ڪن ٿيون جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت ڪشمير تقرار هيٺ ڪيتريون ئي جنگيون وڙهي چڪا آهن جنهن ۾ 1947ع، 1965ع، 1971ع ۽ 1999ع ۾ ڪارگل جون جنگون شامل آهن، جتي هن وقت به ڀارت پنهنجي بربريت ۽ جبر جو ننگو راڄ قائم ڪري رکيو آهي جتي ڀارت پنهنجي ظلم ذريعي سندن وسيلا ڦٻائڻ چاهي ٿي ۽ عالمي طاقتور ڌريون ٻن رياستن وچ ۾ جنگي محاذ قائم ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ چاهن ٿيون، ڀارت اتان جي آزادي جي آواز کي دٻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي پر اڪثر آزادي جو آواز آزادي وٺي ئي رهندو آ ، ڪجھ وقت پهرين سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا تي صرف يوڪرين ۽ روس جي جنگ جا چرچا هئا پر جڏهن کان فلسطين ۽ اسرائيل جي جنگ ڇڙي ته يوڪرين ۽ روس جي جنگ پردي تان ئي هٽي وئي هر پاسي فلسطين ۽ اسرائيل جي جنگ تي ماتم جاري آهي، پر هن وقت اسان صرف عام فلسطينين جي قتل تي دانهون ڪيون ٿا پر ڏٺو وڃي ته بني اسرائيل جي تاريخي روايت رهي آهي ته هن الائي ڪيترا نبي قتل ڪري ڇڏيا اتي عام فلسطيني ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟ حضرت ذڪريا ۽ حضرت يحيا جي موت جي تحقيق مان اهو ثابت ٿي سگهي ٿو، فلسطين جي تاريخ تي نظر ڊوڙائي ته خانه قعبه جيڪو حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ سندس فرزند حضرت اسماعيل عليه السلام اڄ کان اٽڪل چار هزار سال اڳ تعمير ڪيو، جڏهن ته حضرت ابراهيم عليه السلام فلسطين جي بيت المقدس جي علائقي ۾ هڪ عبادتگاھ قائم ڪئي جتي پاڻ ۽ سندس پٽ (حضرت اسحاق عليه السلام) عبادت به ڪندو رهيو، حضرت يعقوب(جيڪو حضرت اسحاق جو پٽ ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام جو پوٽو هو) جنهن جو اسرائيل لقب هو جنهن جي لفظي معني آهي عبدﷲ يعني خدا جو ٻانهو، بني اسرائيل هن جي قبيلي کي چيو ويندو هو بعد ۾ بني اسرائيل يعني انهي جي قبيلي ۾ مصر ۾ حضرت موسا ۽ حضرت دائود عليه السلام جي پيدائش ٿي جيڪو بعد ۾ فلسطين ۾ رهائش پذير ٿيو جتي فلسطين جي بادشاھ پنهنجي ڌيءَ مشعل جي کائنس شادي ڪرائي بادشاھ جي مرڻ کان پوءِ حضرت دائود عليه السلام فلسطين جو بادشاھ بڻيو جنهن بعد سندس پٽ سليمان شاهي تخت سنڀاليو مسجد اقصي حضرت سليمان تعمير ڪرائي، 586 ق-م ۾ فلسطين رياست ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي وئي جنهن ۾ ڏکڻي علائقي تي بابل جي ماڻهن قبضو ڪري ورتو ۽ عبادتگاھ کي تباھ ڪري ڇڏيو بني اسرائيل کي بي دخل ڪري کين غلام بنائي ڇڏيو بعد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سڪندر اعظم ساڳي تاريخ کي دھرائيندي فلسطين کي يونان ۾ شامل ڪيو، تنهن کان پوءِ يهودين هڪ ڪمزور رياست جو بنياد رکيو جيڪا کانئن هڪ صدي بعد کسي وئي ۽ يهودي وقت سر مٽي موٽائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا رهيا اٽڪل ڏھ سال فلسطين تي ايرانين پڻ حڪومت ڪئي ان دور ۾ يهودين کي مڪمل آزادي حاصل هئي. جنهن بعد ايندڙ حڪومت ۾ بيت المقدس کي حضرت عمر جي حوالي ڪيو ويو تنهن دور ۾ اثڪل ٻارنهن 1282 سال فلسطين جو واڳون مڪمل مسلمانن جي هٿ هيٺ رهيون پر يهودين حضرت عيسي عليه السلام کي به نه بخشيو جنهن جو تعلق هنن جي ئي قبيلي سان هو، ياد رهي ته اسرائيل فلسطين تڪرار جديد اسرائيل رياست جي قيام کان پو سامهون ناهي آئي پر هن جي پويان به هڪ ڊگهي تاريخ آهي جنهن کي 2008ع ۾ الجزيرا ٽي وي تي هڪ ڊرامي ۾ سلطنت عثمانيه سان جنگ ڪندڙ سان جوڙيو ويو جنهن سرنهن سئو نوانوي ۾ يهودي رياست جي تجويز پڻ ڏني جنهن کي شڪست نصيب ٿيڻ بعد اٽڪل چاليھ سالن بعد برطانيا هن جي تجويز ۾ روح ڦوڪيو جنهن وقت فلسطين ۾ صرف ٽي هزار يهودي آباد هئا بعد ۾ برطانيا بيت المقدس ويجهو زمين خريد ڪري هڪ صنعتي ڪمپني قائم ڪئي جيڪا ٿوري وقت ۾ تمام وڏي ايراضيءَ جي مالڪ بڻجي وئي مالڪي جو حق رکندي برطانيا يهودي آباد ڪيا، ۽ دنيا تازو عالمي جنگ جا نتيجا ڏسي ويٺي هئي جنهن فلسطينين ۽ يهودين وچ ۾ ٿيندڙ ننڌين ننڌين جهڙپن تي ڌيان نه ڏنو جيڪا ڪوتاهي اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي عالمي جنگ طرف وٺي وڃي رهي آهي. دنيا جي ٻي عالمي جنگ جو فائدو وٺندي يهودين فلسطين ۾ آزاد رياست جو اعلان ڪيو 1947ع ۾ اقوام متحده1981 قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ اردن اولھ ۾ هڪ نئين رياست جي تجويز ڏني وئي يعني فلسطين ۾ ٻه رياستون قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو هڪ يهودي رياست ٻي عرب رياست، جنهن قرارداد کان پو يهودين کي عرب دشمني کي منهن ڏيڻو پيو ۽ خانه جنگي شروع ٿي آخر ۾ 14 مئي 1948ع ۾ اسرائيلي رياست جو باقائده آغاز ٿيو جنهن جي ٻئي ڏينهن ئي عرب ملڪن هن نئين رياست تي حملو ڪري ڇڏيو جنهن جنگ ۾ اسرائيل پاران عرب ملڪن کي شڪست حاصل ٿي ۽ ڪيترائي علائقا قبضي هيٺ پڻ آندا ويا اهڙي طرح مختلف وقتن ۾ مختلف جنگيون ٿينديون رهيون ۽ هر دفعا اسرائيل نه صرف جنگ ۾ فتح حاصل ڪئي بلڪه فتح سان گڏ ڪجھ علائقا به ڳڙڪائيندڙ رهيو. اڄ اسرائيل جو سرحدون ايتريون ته تويل ٿي ويون آهن فلسطين کيس وچ ۾ گهيريل آهي فلسطينين جي بدقسمتي اها هئي ته جنهن وقت برطانيا يهودين کي آباد ڪري رهيو هو کيس مقابلو ڪرڻ جيتري سگھ ۽ اهڙي سگهاري ليڊر شپ موجود نه هئي جنهن جو نتيجو اڄ فلسطين ڀوڳي رهيو آهي پر اسرائيل جي طاقت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيترن ئي عرب ملڪن گڏجي اسرائيل تي حملو ڪيو پر کيس ڪڏهن به شڪست نه ڏئي سگهيا پر فلسطين جيڪو گوريلا جنگ جو آغار ڪيو آهي اهو اسرائيل ڏانهن خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ڇو جو اسرائيل ۽ آمريڪا جهڙا ملڪ گوريلا جنگ جا ڀيانڪ نتيجا ڀوڳي ويٺا آهن پو اهو وئٽنام هجي يا طالبان. پر ياد رهي ته جنگ جو آغاز انسان ڪندو آهي پر جنگ جي پڄاڻي جنگ ئي ڪندي آهي، موجوده حالاتن ۾ ٽين عالمي جنگ جا آثار نظر اچن ٿا ۽ جنگ جي ڀيانڪ حقيقت ڇا هوندي آ؟ اهو يورپي قومون ئي ڄاڻن ٿيون ته بک ۾ پنهنجي اولاد کي ضبع ڪري کانئڻ جو درد ڇا هوندو آهي؟ يا گٽر ۾ زندگي گذارڻ جي لذت ڇا هوندي آ؟ پر ڏٺو وڃي ته جنگ جياپي جو ٻيو نالو آ جيڪا شوق سان نه پر وطن جي بقا، آجپي، خوشحالي ۽ آزادي لاء وڙهي ويندي آ. ڪشمير ۽ فلسطين جي پوري تاريخ تي نظر وجهڻ جو مقصد اهو ته اهو ڪشمير ۽ فلسطين جي ذڪر ڪيل تاريخ ۾ قهر جي اها ڪهڙي ڪاتي آهي جيڪا سنڌ جي سيني مٿان ناهي گذري پر فرق فقط ايترو آهي ته فلسطين سان ايران سميت کاٻا ۽ ساڄا عرب ملڪ گڏ آهن ۽ فسلطيني عوام گڏ آهي ۽ اسرائيل سان آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ يهودي ڪٺي آهن پر منهنجي سنڌ اڪيلي آهي، جنهن سان نه ايران گڏ آهي نه ئي آمريڪا نه ئي عرب ملڪ، پر ايتري قدر جو سنڌ جي عوام ۽ نه ئي مذهبي جنوني گروپ جن جا جذبا فلسطينين جي خون تي جوت جيئن جرڪي اٿن ٿا، چوڻ جو مقصد اهو هرگز ناهي ته مذهبي گروپ جان جوکي ۾ وجهي جهاد تي وڃي رهيا آهن ۽ اسان کين انڪار ڪري رهيا آهيون اسان کي جيترو ڪھل ڪشميرين جي ڪسجڻ تي آهي ايترو ئي فلسطين جي تڙپندڙ لاشن تي ۽ ايترو ئي اسرائيلين جي رت ۾ ريٽو ٿيڻ تي، اڪثر ڪري ڏٺو وڃي ته پاڪستاني ۽ سنڌي قوم ۽ گهڻي ڀاڱي مذهبي گروپ جيتري قدر ڪشميرين جي محڪوميت ماتم ڪري ٿي ۽ فلسطين جي ڦرجن تي ڦٿڪي ٿي ايترو سنڌ جي اجتماعي طور تي ٿيندڙ استحصال تي سندن اندر ۾ ايذاءُ محسوس ڇو نه ٿي ڪري؟ جتي ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪري کائين ڌرتي کسي وئي آهي اتي زرعي انقلاب جي نالي تي زمينن تي ٿيندڙ والار ۽ سنڌ تي قابلي، ڪانڌاري، برمي، بهاري ۽ ٻيون قومون آباد ڪري ساڳي طرح سان سنڌ جي زمين ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان کسڪائي ڪڍڻ تي ڪھل ڇو نه ٿي اچي؟ جتي فلسطينين جا نوجوان، ٻار ۽ ٻڍا اسرائيلي فوج هٿان گولين سان گهائڻ تي گهٻرائڻ وارن کي ماڙي جلباڻي ۾ وردي پوش وقت جي آقائن هٿان اٺن هارين جي جنازن تي کين مائن ۽ ڀيڻن جون ڪوڪون ڪنن تائين ڇو نه ٿيون پهچن؟ ڪشمير ۾ لڳل ڪرفيو سبب بک تي ڀڙڪڻ وارن کي سنڌي %71 ماڻهن جي هڪ ويلي واري پريشاني ۽ ٿر ۾ هر سال غذائي کوٽ سبب هزارين مرندڙ ٻارن جي مائرن جو خالي جھوليون ڇو نه ٿيون نظر اچن؟ جتي فلسطين جي هاسپيٽل ۾ هزارين ماڻهو علاج لاءِ تڙپن ٿا اتي ٽنڊوباگو لڳ واهڻائي موري ڳوٺ علي محمد ملاح ۾ سهرن ۽ ڏيرن هٿان مدي خارج رسم ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ بي دردي سان قتل ڪيل انيلا ملاح جو لاش ليڊي ڊاڪٽر نه هوڻ سبب ٻارنهن ڪلاڪن تائين سوزوڪي ۾ کڻي بدين ۽ ٽنڊي باگي جا چڪر ڪاٽيندڙ تي چڪر ڇو نه ٿا اچن؟ مٿي ذڪر ڪيل اهنجن جي اونهي ساگر مان ڪٿان ته سنڌ جي ٻيڙي پار پئي آهي ڪٿي ته اڄ به ڌونڌايل ڌٻن ۾ ڦاٿل آهي جتان پار پوڻ لاء اڄ به ٻل رکندڙ ٻانهن ۽ قوم جي ڪونڌرن جي سگهارن ڪلهن جي ضرورت آهي اهو ذهين نشين ڪرڻ گهرجي ته جنهن ڌرتي تي ڌارين قوم کي آباد ڪيو وڃي ٿي ان جو مستقبل ۾ نقشو ساڳيو نه ٿو رهي ۽ اڄ افغانين جي معاملي تي به سنڌي قوم کي سوچڻ کپي ته جنهن جو نسل پرايو آ ان کي پنهنجو سمجهڻ اجايو آ، اگر افغانين کي اڄ هتان نه تڙيو ويو ته هي سڀاڻي آهي ئي افغاني هڪ هنڌ ڪٺي ٿي اسرائيلين جيان زمين ۾ حصي جي گهر ڪندا جيڪو منظر سنڌ پهريان به ڏسي چڪي آهي سنڌ سموري عمل اکين کان ڏسندي پاڻ کي غافل ٿيڻ کان بچائي ياد رهي ته انساني فطرت مان هڪ فطرت اها به آهي ته حاصلات جي معاملي ۾ ڪا حد ناهي هوندي ڪنهن کي ڳوٺ ڏبو اهو شهر جي ڊمانڊ ڪندو جنهن کي شهر ڏيو اهو ضلعي کي تاڙيندو ضلعو ڏبو اهو وطن جو سوچيندو ان ڪري اهو سوچجي ته بيمار ٿي علاج ڪرائڻ کان بهتر آ ته بيمار ٿيڻ کان ئي احتياط ڪجي،جيئن مٿي ذڪر ڪيل ڪشميرين جي اڪثريت خلاف تخت تي ويٺل هري سنگھ عوام دشمن فيصلا ڪيا آهن اتي اڄ به سنڌ مٿان الائي ڪيترا هري سنگھ وطن دشمن هربا هلائي رهيا آهن جنهن جو چٽو ۽ واضع ثبوت اهو آهي ته بلوچستان جو ووٽ بلوچن جي حق ۾ استعمال ٿئي ٿو ساڳي طرح پٺاڻن جو ووٽ به انهن جي حق ۾ ڪتب اچي ٿو واحد سنڌ جو ووٽ آهي جيڪو سنڌين جي حق ۾ استعمال ٿيڻ بجاء سندن ڌرتي جي وجود خلاف استعمال ٿئي ٿو ۽ اسان کي صرف حڪومت پاران اهو ٻڌايو ويندو آهي ته پاڻ تي دنيا جو قرض ۽ پيپلز پارٽي چوي ٿي ته ڀٽي جو قرض آهي اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌي قوم فقط قرض لاهڻ لاء ئي پيدا ٿي آهي؟ پر ڳالھ جو مطلب ته اسان کي اوهان جي عياشين تي ڪو اعتراض ناهي پر اسان جي حقن لاءِ اسان جو سوال آهي ته ٻڌڻ ۽ پورو ڪرڻ وقت جي چونڊيل نمائيندن جو فرض آهي ڇو ته اسان تي ڀٽي جو قرض نه پر حاڪمن تي عوام جو قرض آهي انڪري سنڌ واسي پنهنجو حق ڇنڻ لاء يزيد سان امامن وارو ڪردار ادا ڪن ۽ وسيلن سميت ننگن ۽ دنگن لاء پنهنجا سپر سينا ڍال بنائي پنهنجي وطن جي حفاظت ڪن نه ته ٻي صورت ۾ اسان جو به اهو حشر ٿيندو جيڪو فلسطين ۽ ڪشمير سان ٿي رهيو آهي پو اسان صرف رڙيون ئي ڪري سگهون ٿا ڇو جو نه اسان وٽ ايران جي سپورٽ آهي نه حماس جهڙي همت…..

پهنجو تبصرو موڪليو