قبوسعيدخان) خادم حسين جاگيراڻي ) ڳوٺ خالد عمر کوسو ۾ جوابدار مور سيال بندوق جا فائر ڪري پنھنجي نوجوان ڀاڄائي 20 ورھين جي حاڪم زادي ۽ 22 ورھين جي سوٽ غلام نبي سيال کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪري ڇڏيو . اطلاع ملڻ تي پوليس جاءِ واردات تي پھچي لاش پوسٽ مارٽم لا۽ رورل ھيلٿ سينٽر قبوسعيدخان کڻائي آئي، جڏھن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھيو آھي، جڏھن ته جوابدرا مور سيال واردات کانپو۽ موقعي تان فرار ٿي ويو.
