ڊوميسٽڪ ۾ پرفارم ڪندڙن کي نظر انداز نه ڪنداسين،سليڪٽر

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو آهي ته ڊوميسٽڪ ۾ پرفارم ڪندڙن کي نظر انداز نه ڪنداسين ۽ جيڪو رانديگر به سليڪٽ ٿيو اهو ڊوميسٽڪ پرفارمنس جي بنياد تي ٿيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو ته ٽي ٽوئنٽي جي گهرجن موجب رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي، انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جا دورا اهم آهن، پر اسان کي اڳتي به ڏسڻو آهي، ممڪن آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ امارات ۾ ٿئي. هن چيو ته غير معمولي حالتن جي ڪري اسڪواڊز جو اعلان ڪرڻو پيو، جڏهن ته آئيڊيل ته اهو هو ته پي ايس ايل جي ميچز ڏسي اعلان ڪيون ها پر لاجسٽڪ ايشوز جي ڪري اسان کي ٽيم جو اعلان اڳ ئي ڪرڻو پيو. هن چيو ته شعيب ملڪ ۽ وهاب رياض کان اڳ به ڳالهه ٻولهه جاري هئي ۽ هاڻ به ڪئي ويندي، ٻنهي رانديگرن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. محمد وسيم چيو ته احمد شهزاد ڊوميسٽڪ جي ڪجهه ميچز ۾ پرفارمنس نه ڪري سگهيو، کيس هاءِ پرفارمنس ڪيمپ ۾ پرفارمنس جي ڪري نه گهرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو