ڊزني پلس جا صارف10 ڪروڙ  کان وڌي ويا

ڊزني پلس جا صارف10 ڪروڙ کان وڌي ويا

لندن (ويب ڊيسڪ)عالمي وبائي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سڄي دنيا جا سينما بند رهياجنهن سبب آن لائن اسٽريمنگ پليٽفارم جي استعمال ۾ تيز ي سان اضافو ٿيو.سينيما بند ٿيڻ جي ڪري ، سڄي دنيا مان ڪيترين ئي فلمون آن لائن اسٽريمنگ پليٽ فارم تي رليز ٿيڻ لڳيون  جنهن جي ڪري آن لائن اسٽريمنگ پليٽفارم تي صارفين جي تعداد ۾ اضافو ٿيو.تازو ئي ، ڊزني پلس آن لائن اسٽريمنگ سروس لاءِ گراهڪن جو تعداد 100 ملين کان به مٿي ٿي چڪو آهي.ڊزني پلس صارفين جي لاءِ نومبر 2019 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو  ۽ هن مختلف موضوعن تي سوين فلمون ، ڊراما ۽ سيريز جاري ڪيا.هن سال فيبروري جي شروعات ۾ ، ڊزني پلس جي صارفين جو تعداد 95 ملين تائين پهچي چڪو هو ، جنهن کانپوءِ آن لائن اسٽريمنگ سائيٽ جي استعمال ڪندڙن جي تعداد صرف هڪ مهيني ۾ 5 ملين واڌ آئي.هاڻي ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته ان جي اسٽريمنگ سروس تي سبسڪرائيبرن جي تعداد 10 ڪروڙ کان به وڌي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو