چيني اسٽيلٿ ڊرون جي جنگي جهاز سان گڏ پهرين اڏام

چيني اسٽيلٿ ڊرون جي جنگي جهاز سان گڏ پهرين اڏام

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)پيپلز لبريشن آرمي يعني پي ايل اي پهريون ڀيرو چين جي GJ-11 ڊرون ۽ J-20 جهاز جي گڏيل ڪارروائي جا منظر جاري ڪيا آهن. سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي رپورٽ موجب فوجي پروموشنل وڊيو ۾ پهريون دفعو چين پنهنجي انسان بردار ۽ بنا انسان جهازن جي گڏيل ٽيڪنالاجي کي ظاهر ڪيو آهي. چيني فضائي فوج هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ GJ-11 اسٽيلٿ حملا آور ڊرون J-20 فائٽر جي ڀرسان اڏامندي ۽ ان سان جڙي ڪم ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. اهو پهريون دفعو آهي جو چين پنهنجي مَينڊ-اَن مينڊ ٽيمِنگ ٽيڪنالاجي عوام اڳيان پڌري ڪئي آهي. هي وڊيو اڱاري ڏينهن پيپلز لبريشن آرمي (PLA) ايئر فورس پنهنجي قيام جي 76هين سالگرهه جي موقعي تي پروموشنل مواد طور جاري ڪئي هئي. وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڊرون J-20 ــ جيڪو چين جو سڀ کان جديد فائٽر جهاز آهي ــ ۽ J-16D فائٽر (جنهن جو خاص ڪم اليڪٽرانڪ وارفيئر آهي) سان فارميشن ۾ اڏامي رهيو آهي.GJ-11 ٻئي جهازن کان اڳيان اڏامي رهيو آهي، جيڪو هن جي اهم ذميواري کي ظاهر ڪري ٿو ته اهو انسان بردار جهازن کان وڌيڪ هِدف جي ويجهو وڃي سگهي ٿو.
وڊيو ۾ نئون ڊرون “شوان لونگ 08” ڪوڊ نالي سان ڏيکاريل
وڊيو ۾ هڪ فائٽر پائليٽ، جنهن جو ڪوڊ نالو “ويلونگ” آهي، چوي ٿو: “ويلونگ 01 وصول ڪيو، اڳ ئي شوان لونگ سان تعاون ۾ آهي.” “ويلونگ” چين جي پنجين نسل واري فائٽر J-20 جو مشهور عرف نالو آهي. فضائي فوج پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ انهي وڊيو کي “GJ-11 جي پهرين اڏام جو منظر” قرار ڏنو آهي.
پس منظر: جتي J-20 ڊرونز کي ڪنٽرول ڪندي ڏٺو ويو
2022 ۾ CCTV جي هڪ پرزنٽيشن ۾ MUM-T جو پلان ظاهر ٿيو هو، جنهن ۾ اينيميشن ذريعي ڏيکاريو ويو ته J-20 اسٽيلٿ ڊرونز جي هڪ فارمئيشن کي ڪنٽرول ڪري ٽارگيٽ تي حملو ڪرائي رهيو آهي. اهو به ڏيکاريو ويو هو ته J-20 جو ٻه سيٽن وارو ويريئنٽ موجود آهي ــ جيڪو غالباً ٻئي پائليٽ لاءِ آهي ته جيئن هو گڏيل ڊرونز کي ڪنٽرول ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو