ڀارت بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

لنڊن (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت بنگلاديش کي 28 رنسن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل م پهچي وئي. دفاعي چيمپئن آسٽريليا اڳ ۾ ئي سيمي فائنل ۾ پهچي چڪي آهي. برمنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت جي 315 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديش جي پوري ٽيم 286 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. شڪيب الحسن ۽ سيف الدين کانسواءِ ڪو به بيٽسمين وڏي اننگز کيڏي نه سگهيو. شڪيب الحسن 66 رنسن ساڻ ٽاپ اسڪورر رهيو. جڏهن ته سيف الدين 51 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. اوپنر تميم اقبال 22، سوميا سرڪار 33، مشفق الرحيم 24، ليٽن داس 22، صابر رحمان 36، مشرفي مرتضيٰ 8، روهيل حسين 9 ۽ مستفيض الرحمان ٻڙي تي پويلين موٽيا. ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ ڀارت بنگلاديش جي خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ٻنهي ٽيمن ايونٽ ۾ 7، 7 ميچ کيڏيا آهن، جنهن ۾ ڀارت کي هڪ ميچ ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. جڏهن ته بنگلاديش 3 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو