پي ايس ايل لاءِ ٽيمن جي روانگي جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل لاءِ بائيو سيڪيور ببل لاءِ سخت احتياط ڪري رهيو آهي ۽ ڪرڪيٽرن کي ڪراچي ۽ لاهور جي هوٽلن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي، جيتي رانديگر 2 ڏينهن رهندا جنهن بعد کين ابوظهبي روانو ڪيو ويندو. ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن کي سنگل ڊوز ويڪسين به لڳائي وئي آهي جيڪو عمل ڪالهه مڪمل ڪيو ويو. رانديگرن کي سوشل ميڊيا جي استعمال کان به روڪيو ويو آهي. سري لنڪا جا 10 ڪرڪيٽر ڪراچي پهچي ويا آهن. پروگرام تحت رانديگر اڄ رات جو ابوظهبي روانا ٿيڻا آهن. جتي هو 7 ڏينهن قرنطينا ۾ رهندا. ٻئي طرف ڀارتي ۽ ڏکڻ آفريڪي براڊڪاسٽرز کي ويزائون اڃا نه ملي سگهيون آهن جنهن ڪري به مسئلا پيش اچي رهيا آهن کين ويزائون ملندي ئي شيڊيول کي قطعي شڪل ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو