ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) پاڪستان ۾ هلندڙ سال دوران مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. اي ڊي بي جي پاڪستان جي معيشت متعلق جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان جي معيشت ۾ ترقي جي شرح 3 ڏهائي 3 فيصد رهندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽي ماهي دوران پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 10 فيصد ريڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ياد رهي ته ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ سپورٽ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي ۽ گذريل ڏينهن اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان کي ايشيائي ترقياتي بينڪ کان قرض جي مد ۾ 1 ارب 30 ڪروڙ ڊالر به ملي چڪا آهن.
