پاڪستان جو ايران سان امن گئس معاھدو

شفيق وساڻ
پاڪستان جي پاڙيسري يا ٻين ملڪن سان ماضي يا حال م به بھتر تعلق رھيا آھن . پاڪستان جي ھميشه ڪوشش رھي آھي ته خطي م امن امان واري صورتحال بھتر رھي .
جيڪڏھن موجوده گئس استعمال ڪندڙ عوام جي ڏسون ته انھن جا مٿي تي ھٿ آھن گئس جا ڳرا بل اچڻ سان عوام جون ھر ھڙتالون ٿي رھيون آھن . سئو کان گھٽ يا سئو يونٽن کان مٿي به بل 15000 کان 20000 ھزار اچي رھيا آھن . پورھيت يا وجولو طبقو به گئس جا بل ڀري نه ٿو سگھي . گئس جا بل ڀري يا وري ٻچن جي پيٽ گذر جي ڪري . موجوده حڪومت کي گئس جي يونٽن جي قيمتن م گھٽائي آڻڻي پوندي . ايران کان گئس وٺڻي پوندي .
محترمه بينظير ڀٽو جي ٻئي دور م 1995ع م ايران کان گئس پائيپ لائين گھرڻ جون ڳالھيون شروع ٿيون . محترمه بينظير ڀٽو جي ڪوشش ڪامياب وئي ايران جون سرحدون باڊر تمام ويجھو آھي تافستان باڊر يا چابھار جي ذريعي ايران سان ڪافي گئس ء شيون وٺي سگھجن ٽيون .
پر سندس حڪومت 5 سال مدو پورو ڪري نه سگھي . سندس حڪومت نومبر 1996ع م ختم ڪئي وئي ء پاڻ ملڪ کان ٻاھر جلاوطن رھي . سابقہ صدر آصف علي زرداري 2008 کان 2013 تائين رھيو . آصف علي زرداري محترمه بينظير ڀٽو جي ساراھ جوڳي قدم کي اڳتي وڌايو ء ايران جي چابھار جو دورو ڪري 2013 م ايران سان امن گئس جو معاھدو ء گئس پائيپ لائين وڇائي .ان وقت ايران جو صدر احمد نجات ھيو . جنھن کي امن گئس معاھدي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو . صدر زرداريءَ گواردر ء ٻين اھم ترقي جون نئون راھون. کولڻ جي لاء ڪوششون ورتيون . ھن وقت جڏھن گڏيل حڪومت ٺھڻ م وري پ پ جي اڳواڻ آصف علي زرداري کي ٻيھر صدر ٿيڻ جو موقعو ملي رھيو آھي ملڪ جو عوام جون به اميدون به آصف علي زرداري م آھن ته محترمه بينظير ڀٽو ء سندس کنيل قدم کي باتڪميل تائين بھجائيندو . ايران سان جيڪڏھن گئس جو معاھدو ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته ملڪ مان گئس جو بحران به ختم ٿي ويندو . ايران سان وڌيڪ تعلقات بھتر ٿيندا خطي وري امن ، يڪجھتي ء بحال ٿي ويندي .
ڪافي عرصي کان وٺي ترقياتي ملڪن مان آمريڪا نه ٿي چاھي ته مسلم ملڪ جا تعلقات بھتر ھجن ء ھڪٻئي کان شيون ء واپار نه ڪن . وچ ايشيا م امن به نه ھجي . ھن وقت پاڪستان معاشي مسئلن م جڪڙيل آھي . ملڪ م بجلي سان گڏ گئس جو وڏو بحران آھي . بجلي ء گئس معشيت م اھم ڪردار ادا ڪري ٿي . بجلي ء گئس نه ھجڻ ڪري ملڪ جي ڪارخانن (Industries) تي اثر پوي ٿو . گئس ء بجلي جو بحران کي ختم ڪرڻ جي لاء پاڪستان کي ايران سان ھٿ م ھٿ ملائي گئس کي وٺڻ گھرجي جنھن سان گئس جو بحران بلڪل ختم ٿي ويندو . پر مسلم ملڪن کي ھڪ پيج تي ھجڻ گھرجي ء سڀني مسلم ملڪن کي ھڪٻئي جي مدد ء ھڪٻئي کان شيون وٺڻ ء ڏيڻ گھرجن . پ پ جي صدر ء ملڪ م وري ٻيو دفعو صدر آصف علي زرداري کي موقعو ملندو جنھن جي قومي اسيمبليءَ ۾ 9 تاريخ تي صدر جي اليڪشن ٿيڻي آھي جنھن م صدر پ پ جو ئي ٿيندو . اميد آھي ته محترمه بينظير ڀٽو جي کنيل قدم کي بائتڪميل تائين پهچائيندو .

پهنجو تبصرو موڪليو