ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه چيو آهي ته هڪ تقريب دوران ان کي مقامي ماڻهن پاران جنسي هراساني جو نشانو بڻايو ويو. حريم شاهه ٽوئٽر تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي آهي ۽ پاڻ کي هراسان ڪندڙ ماڻهن کي شرم کان وڌيڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪهڙا ڪهڙا بي شرم ماڻهو آهن هن دنيا ۾. ان سان گڏ هن مي ٽو جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو. ان کان علاوهه پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ حريم شاهه چيو آهي ته هڪ تقريب دوران ڪجهه ماڻهن ان کي نامناسب انداز ۾ ڇوهي ۽ هراسان ڪيو توهان عام عورت آهيو، ٽڪ ٽاڪ اسٽار يا ڪا ٻي مشهور شخصيت جنسي هراساني ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي ۽ افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ جنسي هراساني خلاف ڪو موثر قانون ئي ناهي. واضح رهي ته حريم شاهه سوشل ميڊيا تي ان وقت مقبوليت حاصل ڪئي جڏهن ان طرفان وزارت خزانه ۾ آزادي سان گهمڻ ڦرڻ جي ويڊيو وائرل ٿي هئي جنهن کان پوءِ ان جي هڪ ن ليگي وزير سان به گڏ رقص جي ويڊيو وائرل ٿي هئي.
