وفاقي حڪومت پاران اٽي، ميدي، سوجي ۽ ڪڻڪ ٻاهر موڪلڻ تي پابندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اٽي، ميدي ۽ سوجي سميت ڪڻڪ جون ٻيون شيون ٻاهر موڪلڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. وزارت تجارت طرفان باضابطه طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ذريعي ايڪسپورٽ پاليسي آرڊر ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميمي نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فائن اٽو، ميدو ۽ سوجي سميت ڪڻڪ جي ٻين شين جي ٻاهر موڪلڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. وزارت تجارت حڪام مطابق ملڪ ۾ اٽي، ڪڻڪ جي ٻين شين جون قيمتون معمول تي رکڻ لاءِ ۽ شين جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهڙو قدم کنيو ويو آهي ۽ ان جي اي سي سي طرفان پهرين ئي منظور ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو