هڪ گھر تہ ڏانئڻ بہ ٽاريندي آھي !

تحرير: قاسم خاصخيلي
اسان جو ملڪ جيترو خوشحال، آسودو ملڪ آھي، جيترا وسيلا ۽ خوشحالي جا ذريعا هتي آھن جيڪڏهن انهن کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪجھ ايمانداري جو مظاهرو ڪري ان جي اڌ جيترا به اسان جي ملڪ جا سياستدان، ڪامورا، زميندار، واپاري، ٽرانسپورٽر، جج، وڪيل پوليس مطلب ته زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکڻ وارا ۽ جيڪي هوندي سوندي وارا آھن يا جن کي الله تعالي هتي مسڪينن جي مدد لاء اعلي عھدن تي پھچايو آھي، اهي، انهن سان لاڳاپيل سندن ساٿي مٽ مائٽ دوست احباب سڀ جا سڀ جيڪڏهن ٿورڙو به خدا جو خوف ڌاري پنهنجي اختيارن جو ٺيڪ استعمال ڪن حقدارن جا حق غضب نه ڪن ته شايد هن ملڪ جي ترقي ۽ هن قوم کي خوشحال ٿيڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، اهو سڀ ڪجھ تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن اسان پنهنجي قلم پنهنجي ڪرسي ۽ پنهنجي ضمير جو سھي استعمال ڪريون ته شايد دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ اسان سوڀارا پڻ بنجي سگهون ٿا، هن ملڪ جي وڏي بدقسمتي اها به آھي ته هتي جيئرن انسانن کان ويندي مري ويل انسانن جا حق به اسان کايو وڃون ٿا ۽ پاڻ کي وري حاجي نمازي پرهيزگار عزتدار مان مرتبي وارو به سڏايون ٿا، جنهن تي سواء افسوس ڪرڻ جي ٻيو ڪجھ نٿو ڪري سگهجي، اسان اگر دنيا جي ٻين ملڪن تي نظر ڪنداسين ته انهن ملڪن ۾ جتي انسانن جا حق سلامت آھن اتي جانورن جي حقن جو به وڏو خيال رکيو وڃي ٿو پر اسان جو هي واحد ملڪ آھي جتي چڱن ڀلن انسانن کان ويندي معذور ماڻھن ۽ جانورن جي حقن ۾ به اسان چڱا ڀلا اکيون وجهي ويٺل هوندا آھيون، انهن لاء ايندڙ فنڊ ايتري قدر جو انهن جي لاء خيرات وارا پئسا به کائڻ ۾ عيب محسوس ڪرڻ بجاء فخر سان سڀ ڪجھ ھڙپ ڪري ويندا آھيون جيڪا وڏي افسوس جي ڳالھ آھي، هونئن ته ڊسمبر مهيني جي 3 تاريخ تي پوري دنيا ۾ معذور ماڻھن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آھي پر جيڪڏهن ڏسنداسين ته دنيا ۾ هر ڏينهن تي هر وقت انهن معذورن جو احترام ڪيو ٿو وڃي انهن جو خيال رکيو ٿو وڃي انهن جو ڀرجهلو ٿيڻ ۾ دنيا جي سڌريل ملڪن جا ماڻھو فخر ڪن ٿا پر اسان وٽ 3 ڊسمبر جو ڏهاڙو نالي ۽ ڏيکاء خاطر ملهائي جلوس ڪڍي، وڏا وڏا سيمينار منعقد ڪري معذور ماڻھن جي حقن بابت خوبصورت تقريرون ڪري ڪوڙيون خبرون ٻڌائي دلاسا ڏئي بس فرض پورو ڪيو ويندو آھي پر عملي طور انهن جي ڏکن جو ڪوبه پرسان حال ٿيندي نظر ناهي ايندو، معذور ماڻھو کي اسان حقارت ڀريل نظرن سان ڏسندا آھيون، ائين محسوس ٿيندو آھي ڄڻ معذور يا ڊس ايبل پرسن اسان جي معاشري جو حصو ناهن يا هنن جي ڪا به عزت يا ڪو حق ناهي هوندو پر اصل ۾ معذور ماڻھن جي مدد ۽ انهن جي لاء ڪم ڪرڻ انهن جي لاء آواز اٿارڻ ئي هڪ بهترين عمل آھي جنهن سان دلي سڪون پڻ محسوس ٿئي ٿو، هتي ڪنهن معذور کي ڪم تي رکڻ نوڪري ڏيڻ عيب سمجهيو وڃي ٿو جيڪو سراسر غلط عمل آھي، سنڌ ۾ ڪيترائي مسڪين معذور انسان آهن جن جي ڏکن دردن ۽ تڪليفن کان اسان مان گهڻا ماڻھو واقف به هوندا آھن پر ڪن لاٽار ۽ نظر انداز ڪرڻ سبب اهي اسان جي توجھ کان پري ٿيل آھن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سڀ کان وڌيڪ اسان جي توجھ جا مستحق اهي ئي مسڪين بي وس معذور ماڻھو آھن جن جو الله پاڪ کان سواء ٻيو ڪو به سهارو ناهي هوندو، سنڌ ۾ گذريل پي پي حڪومتي دؤر ۾ معذور ماڻھن لاء نوڪرين جا اشتهار جاري ڪيا ويا هئا حقدار معذورن کي نوڪريون ڏيڻ لاء ملڪ جي اعلي عدليه سپريم ڪورٽ جو به حڪم هيو پر ان تي به مڪمل عمل اڃان تائين ناهي ٿي سگهيو جيڪو افسوسناڪ عمل آھي سنڌ جي تقريبن هر ضلعي جي مختلف کاتن ۾ معذور ڪوٽا جا انگ اکر ملڻ باوجود انهن سڀني خالي جاين تي سواء ايڪڙ ٻيڪڙ هنڌن جي باقي ڪٿي به عمل ناهي ٿي سگهيو، جتي سنڌ جي ٻين ضلعن جا مسڪين حقدار معذور نوڪرين کان محروم آھن ۽ دانهون ڪندا ٿا وتن اتي ضلعي مٽياري جا پڻ 149 مسڪين معذور انٽرويوز ۾ پاس ٿيڻ باوجود اڄ تائين اهي مسڪين معذور سواءِ دلاسن جي نوڪريون ماڻي ناهن سگهيا، مٽياري ضلعي انتظاميا مبينا طور هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي رهي پئي جنهن جي نتيجي ۾ بي وس لاچار ۽ پل پل مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙھجندڙ بي يارو مددگار مٽياري ضلعي جا معذور زندگي جي سخت تڪليفن واري مرحلي مان گذري رهيا آھن، جڏهن ته ٻڌڻ ۾ اهو به اچي ٿو ته مبينا طور ڪامورن ۽ وس وارن جون مسڪين معذورن جي انهن پهرين کان چوٿين گريڊ جي سيٽن تي به اکيون کتل آھن جنهن ڪري پاس ٿيل 149 ڄڻن مان وڌيڪ سيٽون نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي صرف سٺ يا وڌ ۾ وڌ هڪ سؤ معذورن کي نوڪريون ڏيڻ جون تياريون ٿي رهيون آھن مگر باقي ٻين جاين جي کوٽ ڄاڻائي انهن تي پنهنجا منظور نظر يا پئسن عيوض ماڻھو ڀرتي ڪرڻ جو پلان جوڙيو ويو آھي جيڪو سچ آھي ته اهو افسوسناڪ عمل آھي ڇو ته مسڪين معذور ان آسري آھن ته نوڪري ملندي ته زندگي جو گاڏو عزت سان ڌڪڻ جھڙا ٿي پوندا پر هتي ته سڻڀين پوسٽن تي ويٺل ۽ هر طرح جون آسائشن واريون زندگيون جيئڻ وارا سکيا ستابا به پنهنجي لالچ نٿا ڇڏين جنهن ڪري مسڪين پنهنجي حقن کان محروم ٿي رهيا آھن هونئن به انهن آفيسرن ۽ ڀوتارن کي کائڻ لاء کوڙ جايون آھن هنن مسڪينن تي ته ڪجھ رحم ڪيو وڃي ، سنڌي ۾ چوڻي آھي ته ڏانئڻ به هڪ در ڇڏيندي آھي پر الائي ڇو اسان وٽ ان جي ابتڙ لالچ وڌيل آھي ۽ خدا جو خوف نڪتل آھي، ان ظلم تي مٽياري ضلعي ۾ معذورن دانهن نه پئي ٻڌي وڃي جنهن تي مسڪين معذور مسلسل احتجاج ڪري رهيا آھن پر انهن مسڪين معذورن جي ڪوبه داد رسي ڪرڻ لاء تيار ناهي، سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به جتي معذورن کي نوڪريون ڏنيون ويون آھن اتي به عوام آزار بي رحم آفيسرن سبب ڪيئي مسئلا جنم وٺي رهيا آھن انهن جون به پگهارن لاء آئيڊيز نه پيون کوليون وڃن ڪن ضلعن ۾ ته صرف آفر آرڊر ڏنا ويا آھن پر انهن کي به نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن يا ڪن ضلعن ۾ مسڪين معذور ميڊيڪل لاء پريشان دربدر ٿيندا ٿا رهن جنهن لاء موجوده سنڌ جي نگران حڪومت کي اپيل ٿي ڪجي ته سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ مڪمل طور جاچ ڪري مسڪين معذور ماڻھن جي انٽويوز ٿيل خالي پيل جاين تي فورن ڀرتي ڪئي وڃي، جن ضلعن ۾ آرڊر ڏنا ويا آھن اتي ميڊيڪل ۽ آئيڊيز کولڻ وارن مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو وڃي جڏهن ته مٽياري ضلعي جي سڀني تعلقن جي پاس ٿيل مسڪين بي وس لاچار ۽ بي سهارا مسڪين معذورن سان انصاف ڪري پاس ٿيل 149 ڄڻن کي مختلف کاتن ۾ آرڊر جاري ڪري نوڪرين تي رکيو وڃي ته جيئن هو به هن معاشري جا باعزت روزگار ڪرڻ وارا شھري بنجي سگهن ۽ هو به معذوري کي پنهنجي ڪمزوري محسوس ڪرڻ بجاءِ ان کي پنهنجي طاقت سمجهي پنهنجي ٻچڙن والدين ڀيڻن ڀائرن جو سهارو بنجي مايوسين جي ڌٻڻ مان نڪري پنهنجو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪري هن سماج ۾ جيئڻ جھڙا ٿي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو