رحمت الله ٻرڙو
بشير ميمڻ سنڌ ڄائو آھي سندس سرڪاري نوڪري پنهنجي مزاج سان نيڪ ناميء واري رهي اٿس. بشير ميمڻ بنيادي طور هالا جو رهاڪو آھي ۽ پاڻ بنيادي طور خوش حال زميندار گهراڻي جو فرد هوندي پنهنجي نوڪري هڪ ايماندار آفيسر طور ڪئي ۽ سروس دوران ڪيترن ئي جاين تي متنازعه ڪردار طور سامهون ايندو رهيو آھي. سندس بابت مليل ڄاڻ موجب چئي سگهجي ٿو ته هو 5 جنوري 1995 کان 21 آڪٽومبر 2023 تائين ميڊيا جي زينت بڻيو آيو آھي ۽ پڻ رهندو. 5 جنوري 1995 تي هي ايس پي لاڙڪاڻو هو ۽ سندس زيردست پوليس مين جي المرتضي هائوس لاڙڪاڻي تي شهادت ۽ 3 پ پ پ شهيد ڀٽو جي ورڪرز جي پوليس فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ کان سندن موت پڻ معطلي جو سبب بڻيو.بشير ميمڻ ھن وقت سنڌ جي سياست ۾ نازليگ لاء سنڌ جي سياست جي ستاري مثل سامهون ٿي بيٺل نذر اچي ٿو.سندس جي نواز ليگ ۾ شموليت کي سياسي طور ڄڻ ته سنڌ جي سياست کي فتح ڪرڻ جا اشارا ڏيندي سندس جي سربراهيء ۾ ن ليگ قائد ميان نوازشريف جي ملڪ واپسيء تي استقباليه ڪميٽي جو سربراه پڻ سنڌ مان نوٽيفاء ڪيو ويو آھي ۽ سندس ماتحتي ۾ سينيئر سياسي عهديدارن کي ۽ ڪارڪنن کي رکيو ويو آھي جن ۾ شاه محمد شاه کان ويندي علي اڪبر گجر ۽ کيئل ڪوهستاني جن پڻ اچي وڃن ٿا.!!
مليل ڄاڻ موجب بشير ميمڻ پنهنجي نوڪري جي برطرفيء جي 2 سالن بعد پ پ پ پ قيادت رابطي ۾ اچي مطالبو ڪيو ته مونکي ڪنهن سياسي يا عوامي نمائيندگيء سان ايڊجسٽ ڪرڻ جو مطالبو رکيو ۽ چيو ته اوهان جي ڪري مان نوڪري تان هٿ کڻي هليو آيس پر عمران خان حڪومت ۾ اوهان خلاف ڪو ڪم نه ڪيو وغيره تنهن تي انتهائي باخبر حلقن جو چوڻ آھي ته چيو ويو ته انتظار ڪيو وغيره پر هو انتظار نه ڪندي فنڪشنل ليگ قيادت سان رابطي ۾ آيو ۽ سندس بابت فيصلو ٿيو ته ايم اين اي يا سينٽر بنايو ويندو پر انتظار جو اشارو به سامهون آيس پر اتي پاڻ کي ايزي محسوس نه ڪرڻ سبب فيصلو نه ڪرص سگهيو ۽ وري وڃي ن ليگ سان قربت جو رابطو رکيو ۽ ن ليگ پنهنجي سنڌ جي سياست لاء بشير ميمڻ کي اهم سمجهندي کيس کي پارٽي ۾ ڀليڪار يا ويلڪم ڪيو ويو ۽ سندس لاء نواز ليگ قيادت پاران نوازشريف جي ملڪ اچڻ تي استباليه ڪميٽي جو سربراه پڻ انائونس ڪيو ۽ سندس سربراهيء ۾ سينيئر پارٽي عهديدارن کي رکيو ويو آھي جنهن ۾ شاھ محمد شاه کان ويندي علي اڪبر گجر ۽ کيئل داس ڪوهستاني اچي وڃن ٿا۔
پ پ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ قيادت کان نااميد ٿيل سياسي خواهشمند ڪردار بشير ميمڻ جو ن ليگ سنڌ جي سياست ۾ ن ليگ ۽ سنڌ جي عوام لاء ڪردار ڪيترو ڪارآمد ثابت ٿئي ٿو اهو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو پر سندس چوڻ آھي ته مان ڊي جي ايف آء اي هوندي پ پ پ پ کي انتقام جو نشانو ناهي بڻايو ۽ هن جي خواهش مطابق چوڻ آھي ته جي ن ليگ حڪومت ۾ اچي احتساب ڪندڙ جون زميواريون ڏئي ٿي ته احسن طريقي سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو.!! بشير ميمڻ جي مخالفن جو به چوڻ آھي ته بشير ميمڻ پنهنجي علائقي جو خوشحال زميندار گهراڻي جو فرد هوندي هو عوامي طور سٺي سوچ جو مالڪ ايماندار شخص طور مشهور رهيو آھي۔هاڻي سوال اهو آھي ته بشير ميمڻ سنڌ ۾ سياسي طور ڪيترو بهتر ۽ مثبت سياسي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو سو سندس سياسي محنت ۽ سندس قيادت جي فيصلن تي منحصر رهندو ۽ ايئن نه ٿئي ته 5 جنوري 1995 واري واقعي المرتضي هائوس تي ٿيل فائرنگ واري واقعي ۾ بي بي سي جي قطرينا کي ڏنل انٽرويو پويان ان وقت جي ڊي جي آء بي لغاري ۽ ان وقت جي صدر پاڪستان فاروق لغاري واري ٿيل ٽيليفونڪ ٽاڪ واري ماجرا جيان هينئر به ڪا ڪهاڻي نه ٿئي ان وقت پوليس آفيسرطور لاڙڪاڻي ۾ سندس معطلي ۽ اڪرم کي مليل چارج واري قصي جيان نه ٿئي.!! باخبر زريعا ٻڌائن ٿا ته تنهن وقت وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبه سندس بي بي سي جي نمائينده قطرينا کي ڏنل انٽرويو تي ڪاوڙجي پئي هئي ۽ ان وقت ئي کيس کي معطلي جا آرڊرز ڏنا. ان وقت جي ڊي آء جي نياز صديقي پڻ عمل ڪيو ۔ميڊيا کي شوق سان فيس ڪندڙ هي اڳوڻو پوليس آفيسر عمران حڪومت ۾ انتقام جي نشاني تي هوندي ميڊيا جي خبرن جي زينت رهيو ۽ 5 جنوري 1995 تي املمرتضي هائوس تي فائرنگ ڪيس کان هن وقت تائين۽ ايندڙ 21آڪٽومبر 2023 تائين سنڌ جي سياست ۽ نوازليگ قائد جي ڏيھ واپسي تائين ميڊيا جو سنڌ جي حوالي سان زينت بڻبو ايندو ۽ ڏسون ته ان سوال ته سنڌ ۾ پ پ پ پ قيادت جو سياسي ٽوڙ يا سياسي متبادل وارو سوال هڪ جواب جو گهرجائو آھي ته سنڌ ۾ سياسي متبادل ڪير ٿو ٿئي. جي ڊي اي ،جي يو آء ۽ قومپرست يا پڻ نواز ليگ بشير ميمڻ جي صورت ۾ ٽوڙ ڪڍي ٿي۔۔!!!؟؟
ان سموري سياسي ماجرا ۾ اڳتي هلي ڇا صورتحال سامهون اچي ٿي ۽ بشيرميمڻ جو سياسي مستقبل ڪٿي ٿو دنگ ڪري يا وري 5 جنوري 1995 واري سندس ڪامورڪي معطلي بابت معلومات ملي آھي ته پويان تنهن وقت جي صدر پاڪستان فاروق لغاري جي منصوبابندي ڄاڻائي وڃي ٿي ۽ ان واقعي کانپوء تنهن وقت جي وزير اعظم محترما بينظير صاحبه ۽ صدر پاڪستان فاروق لغاري وچ۾ اختلاف پيدا ٿيندا ويا آخري ٽوڙ سندس حڪومت جي معطلي پڻ ٿي!!!
بشير ميمڻ لاڙڪاڻي واري نوڪري تان معطلي واري قصي کان وٺي سندس سياسي انٽري ڪٿي دنگ ڪندي ۽ سنڌ جي سياسي ستايل مسڪين ماڻھن جي اهنجن ۽ تڪليفن جو ٽوڙ ڇا هوندو اهو سندس آڏو اهم سوال آھي!!؟؟
