نيب پاران خواجا ڀائرن جي ڪيس وارو عدالتي فيصلو چيلينج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق خلاف هائوسنگ ڪرپشن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نيب نظر ثاني جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. نيب جو چوڻ آهي ته عدالتي فيصلي ۾ نيب خلاف ڏنل ريمارڪس هن اداري جي قانوني ڪارروائين لاءِ نقصانڪار آهن، نيب خواجه ڀائرن جي ضمانت واري معاملي تي سُپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته 20 جولاءِ تي جاري ٿيل فيصلي ۾ پيرا 56، 48 ۽ 70 خارج ڪيا وڃن. نظرثاني درخواست ۾ نيب موقف اختيار ڪيو آهي ته سُپريم ڪورٽ جي آبزرويشن سان ٽرائل ڪورٽس ۾ ڪيسز متاثر ٿيندا. نيب خواجه سعد ۽ سلمان رفيق کي شفاف ٽرائل جو موقعو ڏنو پر سُپريم ڪورٽ پنهنجي آبزرويشن ۾ سنگين نوعيت جا ريمارڪس ڏنا آهن، نيب آرڊيننس خصوصي قانون آهي، جنهن کي ملڪ ۾ لاڳو ٻين قانونن تي فوقيت حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو