نواز شريف جي واپسي ۽ عوام جون اميدون

حسن ناز سومرو
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ميان محمد نواز شريف 4 سالن کان پوءِ وطن واپس پهچي چڪو آهي، اها پاڪستان جي لاءِ هڪ خوش آئنده ڳالھ آهي ڇاڪاڻ ته 2019 ع کان پوءِ پاڪستان جنهن مصيبت جي گهيري ۾ اچي چڪو هو ان تي هتان جي عوام مايوس ٿي چڪي هئي هر طرف قتل و غارت، ڦر لٽ، مهانگائي، عورتن جي عزتن جي نيلامي، ڪرپشن ۽ ٻين تمام گهڻين مصيبتن جي بازار گرم هئي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ سموريون سياسي پارٽيون يا ته انهن ڏوهن ۾ ملوث هيون يا وري ڪناره ڪشي ڪري ٻڏندڙ ملڪ جو تماشو ڏسي رهيون هيون پر افسوس جو ڪابه سياسي پارٽي عوام جي هڏ ڏوکي نظر نه اچي رهي هئي، هتان جي وڏي حيثيت رکندڙ سمورا ماڻهو تباهي جي صورت ۾ ٻاهرين ملڪن ڏانهن ڀڄي وڃڻ ۽ اتي اڳ ۾ ئي سندن گهر ۽ بنگلا تيار ٿيل آهن اتي وڃي عيش جي زندگي گذارڻ لاءِ سوچي رهيا هئا، ٻئي طرف هتان جي عوام ڪرپشن، ڦرلٽ، اغواءَ براءِ تاوان ۽ مهانگائي کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪي هئي پر ڪوبه سندن پرسان حال نه هو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کان پوءِ سنڌ سان گڏ پوري پاڪستان جي عوام مايوسي جو شڪار ٿي چڪي هئي سندس پارٽي ڀٽي خاندان جي هٿن مان نڪري زرداري خاندان جي ور چڙهي چڪي هئي مختلف مرحلن تي پاڪستان پيلز پارٽي اقتدار ۾ ته ايندي رهي پر اها پارٽي عوام جي ڏکن ۽ اهنجن جو ازالو ڪري نه سگهي پر هميشه عوام کي بيوقوف بڻائيندي عربين روپين جي ڪرپشن ڪري هتان جو پئسو پرڏيھ اماڻڻ جي پرپور ڪوشش ڪندي رهي سو نه فقط پيپلز پارٽي جا اڳواڻ پر ننڍا وڏا لوٽيا به پنهنجا خرجين ڀري عوام ۽ پاڪستان جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا رهيا سو پاڪستان جي ٽن صوبن جي عوام پيپلز پارٽي جا ڪردار ڏسي هٿ ڪڍي ويا پر افسوس جو سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي فن بازين کي سمجهي نه سگهي ۽ تقريبن 15 سال مڪمل سندن سنڌ جو تخت حوالي ڪندا رهيا جو افسوس جو پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام لاءِ ڪجھ به ڪري نه سگهي، سنڌ جي شهرن کي کنڊر بڻايو هتان جي عوام سان ڪربلا جهڙو ظلم برقرار رکندي سنڌ جي شهرن جو پاڻي بند ڪيو ويو هر طرف مافيا ئي مافيا نظر اچي رهي هئي هتي ڏينهن ڏٺي جو جو غريب ماڻهن سان گڏ معصوم ٻارڙن سان گڏ معصوم نياڻين کي به اغواءَ ڪيو پئي ويو پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هوندي به ڏوھ کان بي خبر هئي سرڪاري خزاني تي راتاها هڻندا رهيا پر ڪير به هنن کان پڇڻ وارو ڪونه هو غريب عوام فيس بوڪ تي ۽ ٽڪ ٽوڪ تي هزارين اهڙيون ويڊيو ٺاهيون ويو جنهن سان حڪومت کي آئينو ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويئي پر افسوس جو پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جي ڪن تي جونءِ به نه چري ائين ئي سنڌ جي عوام ظلم جي چڪي ۾ پيسجندي رهي آهي.
سنڌ ۾ سڀ کان وڏي افسوس جي ڳالھ اها آهي ته سنڌ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مضبوط قيادت نه هجڻ ڪري هميشه مسلم ليگ (ن) کي پوئتي ڌڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر پاڪستان مسلم ليگ (ن) خاص سيٽون حاصل ڪري نه سگهندي آهي جڏهن ٻين صوبن ۾ پاڪستان مسلم ليگ تمام وڏي اڪثريت سان ووٽ حاصل ڪري وٺندي آهي سو هن ڀيري پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي وڏا وڏا ٻول ڏيئي رهي آهي ته هيئن ڪنداسين هونئن ڪنداسين پر هاڻي شايد عوام کي ڪجھ ڳالھ سمجھ ۾ اچي چڪي آهي پر اها ڳالھ وقت کان اڳ جي پر هن وقت پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ميان محمد نواز شريف دبئي کان اسلام آباد ۽ اسلام آباد کان لاهور پهتو جتي مينار پاڪستان وٽ جلسي گاھ جو تمام شاندار انتظام ڪيو ويو هو جتي عوام جي ويهڻ لاءِ 40 هزار ڪرسيون لڳايون ويون هيون جڏهن ته هزارين ماڻهن جي بيهڻ جي جڳھ منتخب ڪئي ويئي هئي جڏهن ته 40 فوٽ مٿي اسٽِج ٺاهيو ويو هو جتي مسلم ليگ (ن) جا ڪيترائي عهديدار ۽ اڳواڻ موجود هئا، مسلم ليگ (ن) اڳواڻ ميان محمد نواز شريف تقريبن 5 وڳي لاهور ايئرپورٽ پهتا جتان کان هيلي ڪاپٽر ذريعي مينار پاڪستان جلسي گاھ پهچايو ويو جلسي گاھ ۾ ميان محمد نواز جو والهانه استقبال ڪيو ويو ۽ گلن جي ورکا پڻ ڪئي ويئي. جنهن کان پوءِ مريم نواز مختصر خطاب ۾ چيو ته عزت ۽ ذلت الله پاڪ جي هٿ ۾ آهي ماڻهو چوندا هئا ته ن مان ش نڪري ويو آهي جڏهن هاڻي توهان جي سامهون ن به موجود آهي ته ش به موجود آهي. الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اڄ ميان محمد نواز شريف به واپس اچي چڪو آهي سو اڄ تقرير ميان محمد نواز شريف ڪندو مان نه ڪنديس. سو آخري اطلاعن تائين ميان محمد نواز شريف جلسي ۾ پهچي نه سگهيو سو اسان کي يقين آهي ته ميان محمد نواز شريف پنهنجي واپس اچڻ جي مبارڪباد عوام کي ڏيندو ۽ آئنده اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ ووٽ ذريعي دشمنن کي شڪست ڏيڻ جي ڳالھ ڪندو ۽ وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ عوام جا مسئلا جنهن ۾ مهانگائي جي خاتمي، بدامني ڪرپشن، لٽ مار کي ختم جو پڻ احد ڪندو. آخري اطلاع اچڻ تائين جلسو جاري هو.

پهنجو تبصرو موڪليو