موٽرولا نئون ۽ سستو فون متعارف ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)موٽرولا پنهنجو هڪ نئون اينٽري ليول سمارٽ فون ”موٽو اي 40“ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. ڪمپني موجب اهو سستو سمارٽ فون  هر شعبي سان واسطو رکندڙ صارفين استعمال ڪري سگهن ٿا. فون ۾ 605 انچ جي ايل سي ڊي ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي. موٽو اي 40 جي اندر يوني ايس او سي ٽي 700 پراسيسر موجود آهي جڏهن ته فنگر پرنٽ اسڪينر بيڪ تي موجود آهي. ان فون ۾ 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج ڏنل آهي. جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ اضافو ڪري سگھجي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو